سکر (رپورٽر) سکر مان اغوا ٿيل ٻارڙي پريا ڪماري بازياب نه ٿي سگهي، سندس امڙ ميارون ڏيندي پنهنجي نياڻي جي بازيابي جو مطالبو ڪيو آهي
پريا ڪماري جي امڙ ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي ميار ڏيندي چيو ته سمرت ڪمار بازياب ٿيو منهنجي ڌيءَ اڃا ڇو گم آهي؟ ڇا مان ماءُ نه آهيان؟
هن چيو ته چيو ته منهنجي معصوم نياڻيءَ کي به بازياب ڪرايو
پريا ڪماري جي والد چيو ته اسان جي ڌيءَ نه ملي ته آپگهات ڪندس، پريا ڪماري 2 سال اڳ محرم دوران يوم عاشور جي موقعي تي عزادارن کي سبيل پيارڻ دوران گم ٿي وئي هئي، وارثن نينگري اغوا ٿيڻ جو ڄاڻايو هو