تنگواڻي (رپورٽر) آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ چيو آهي ته ڌاڙيلن جي خاتمي لاءِ آپريشن جاري آهي، پوليس کي فل اختيار آهي عوام به مڪمل سهڪار ڪري
آءِ جي سنڌ پاران نينگر سمرت ڪمار جي ڀنگ عيوض بازيابي واري ڳالهه کي رد ڪندي چيو آهي ته ڪنڌڪوٽ مان اغوا ٿيل معصوم نينگر جي بغير پئسا ڀرڻ جي واپسي ٿي آهي عوام سهڪار ڪري جلد حالتون بهتر ٿي وينديون
تنگواڻي ۾ شهيد اهلڪار علي محمد ملڪ جي تڏي تي آءِ جي سنڌ پهچي وارثن سان تعزيت ڪئي ۽ شهيد جي اولاد کي نوڪري ڏيڻ جو به اعلان ڪيو
آءِ جي سنڌ چيو ته 4 ضلعن ۾ پوليس جو آپريشن هلي رهيو آهي هن وقت تائين 68 کان وڌيڪ ڏوهاري مارجي ويا آهن ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا آهن
آءِ جي چيو ته پوليس کي فل اختيار آهن پوليس ۾ ڪا به سياسي مداخلت ناهي روڊ رستا محفوظ آهن
آءِ جي سنڌ چيو ته شڪارپور، سکر، گهوٽڪي، ڪشمور ضلعن ۾ آپريشن هلي رهيو آهي ڪشمور ۾ حالتون ڪجهه خراب آهن پوليس ڪم ڪري رهي آهي جلد بهتري اچي ويندي پوليس تڏهن ڪامياب ٿيندي جڏهن اتان جو عوام ان کي سپورٽ ڪندو
آءِ جي سنڌ چيو ته شهيد اهلڪار جو پلاند ڪنداسين، آءِ جي سنڌ سان گڏ ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو مظهر نواز شيخ، ايس ايس پي شڪارپور امجد شيخ، ايس ايس پي عرفان سمون هئا
آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ شهيد اهلڪار علي محمد جي ڳوٺ اڪبر خان باجڪاڻي پهچي وارثن ولي محمد، قاسم ملڪ، محمد ملڪ سان تعزيت ڪئي