سمرت ڪمار کي پوليس اغوا ڪرايو هو ؟

مَي 28, 2023

ڪراچي (م ڊ) ڌاڙيل ثناءُالله شر سمرت ڪمار جي معاملي تي وڊيو بيان جاري ڪري پوليس مٿان اغوا جو الزام هڻي ڇڏيو. وڊيو بيان ۾ ثناءُالله شر چوي ٿو ته سمرت ڪمار ننڍڙو معصوم ٻارڙو آهي جنهن به کيس اغوا ڪيو آهي اهي ڌاڙيل نه پر درنده آهن

  هن چيو ته سمرت جي وڊيو ڏسي ڏک ٿيو آهي، اغوا ڪندڙن کي هٿ ٻڌي چوان ٿو ته معصوم سمرت کي آزاد ڪيو وڃي

ڌاڙيل الزام هڻندي چيو ته آئون بنا ڪنهن دشمني جي چوان ٿو ته سمرت ڪمار جي وڊيو مان معلوم ٿئي ته اهو پڪي تي ڪنهن ڪمري ۾ باندي آهي جنهن کي پوليس پاڻ کڻايو آهي ڇو ته ڪچي جا ماڻهو هن کي ٻڌن نه ها، سمرت ڪمار پڪ سان پوليس جو ڏنل آهي ۽ پڪي تي موجود آهي

 هن چيو ته پوليس به ڌاڙيل آهي اهڙيون ڪيتريون ئي ڪارروايون پوليس به ڪري چڪي آهي، گهوٽڪي رائونتي ڪچي ۾ سمرت ناهي

Leave A Comment