سمنڊ جي اونهائي مان 600 سال پراڻو جهاز دريافت

سمنڊ جي اونهائي مان 600 سال پراڻو جهاز دريافت

ڪوپن هيگن(انٽريسٽنگ نيوز) سمنڊ جي اونهائي مان 600 سال پراڻو جهاز دريافت ڪيو ويو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب يورپي ملڪ ڊينمارڪ جي راڄڌاني ڪوپن هيگن ۾ آثار قديمه جي ماهرن 600 سال پراڻو جهاز دريافت ڪيو آهي. ماهرن موجب اهو سامونڊي جهاز 1410 ع ۾ واپار  جي  لاءِ تيار ڪيو ويو هو، جهاز ۾ 300 ٽن تائين سامان کڻڻ جي صلاحيت پڻ موجود هئي، وائڪنگ شپ ميوزيم جي ماهر اوٽو الٽم موجب اها دريافت هن مهل تائين سامونڊي جهازن ۾ سڀ کان وڏي آهي. هن ٻڌايو ته ان جهاز کي سمنڊ جي اونهائي ۾ هڪ چينل ۾ دريافت ڪيو ويو، جهاز جي ڊيگهه 28 ميٽر ، ويڪر  9 ميٽر ۽ اوچائي 6 ميٽر آهي. اهو جهاز روزاني استعمال جون شيون کڻي واپار لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي