سمنڊ جي سيوين….ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ

سمنڊ جي سيوين، تنين ماڻڪ ميڙيا،

چلڙ جي چُوئين، تن سانئوٽا ۽ سپون.

شاهه جو رسالو سُجاڳي ۽ سچائيءَ جي عالمي پڌرنامو آهي. جنهن ۾ جهالت ۽ ڪوڙ جي خلاف ڪيترائي روشن سج چمڪندي ۽ چلڪندي نظر پيا اچن. شاهه لطيف انسان جي منزل مقصود ڏانهن وڌڻ جو پهريون ڏاڪو سُجاڳي ٻڌايو آهي ۽ اهو پڻ ٻڌايو آهي جڏهن جاڳ ٿيندي ته اهڙو وَکر حاصل ٿيندو جيڪو هميشه ڪم ايندو.  فرمائي ٿو ته: وَکر سووِ وِهاءِ جو پئي پراڻو نه ٿيئي. شاهه لطيف ان ڪهڙي وَکر ڏانهن اشارو ڪيو آهي؟ جيڪو پئي پراڻو نه ٿيندو ته اهو وَکر آهي، وطن دوستي، انسان دوستي، عوام دوستي اهو وَکر آهي غلاميءَ کان نفرت، آزاديءَ سان پيار، ڏاڍ آڏو نه جُهڪڻ، اصولن تي اَٽل ٿي بيهڻ، مقصد لاءِ لڳاتار پاڻ پتوڙڻ، سچ جو ساٿاري بڻجڻ، اهو وَکر آهي نيڪيءَ جي ڳولها، بديءَ کان بُڇان، اهو وَکر آهي جهالت جي پاڙ پٽڻ ۽ علم کي عام ڪرڻ. انهيءَ جي لاءِ هن پنهنجي سڄي شاعريءَ ۾ محبت ۽ پيار جو لازوال سبق ڏيندي ماڻهوءَ جي مَنَ کي محنت لاءِ اُتساهيو آهي. سندس اهو ئي چوڻ آهي ته ننڊ نڀاڳ آهي ۽ سلطاني سهاڳ ننڊون ڪندي نه ملندو.

شاهه لطيف پنهنجي وقت ۾ سنڌ کي ڏکين حالتن مان لنگهندي ڏٺو هو. کيس قنڌارين جي ڪرتوتن، ارغونن ۽ ترخانن جي هانءُ ۾ هٿ وجهڻ وارن قهري ظلمن جي ڀليءَ ڀت خبر هئي. ان ڪري هُن غيرن جي غلاميءَ کي پليندي آزاديءَ جا، سنڌ تان سر ساهه صدقو ڪرڻ جا سبق ڏنا. سور ۽ سختيون سهي سچ ۽ ساڻيهه لاءِ سُجاڳ رهڻ جو حڪم ڏنو. مارئيءَ جي ملير لاءِ محبت معرفت سنڌ واسين کي سنڌ سان سچي رهڻ لاءِ سُجاڳ ڪيائين. جُنگ جوانن ابڙن کي ۽ دودن دليرن کي ڳائي همٿ ۽ بهادريءَ جو مانُ مٿانهون ڪيائين.

ارڻ ٻڌي ابڙي، رِڻ ۾ رُڪ رئي،

تيغن تاءُ تِکو گهڻو، سگهي ڪونه سهي،

رَبّ هب لي اُمتي، چڙهئو ڄام چئي،

سمي سام کنئي، سرڻين جو سک ٿيو.

سورهيائي سجاڳيءَ جو اهڃاڻ آهي، صدين کان اها وصف سنڌ واسين وٽ هڪ لازوال خوبي سڏي وڃي ٿي. سورهيه سرويچ ملڪن جو مان ۽ شان هوندا آهن. مٿن صديون فخر ۽ ناز ٿيندو رهندو آهي، شاهه لطيف سنڌي مردن ۽ عورتن کي سورهيائيءَ جا سبق ڏيندي ڄاڻائي ٿو ته،  اهي گهوٽ اڻ موٽ آهن، جن کي سندن ونيون جنگ جي ميدانن ۾ پڻ پارت ڪري ٿيون موڪلين ته کين پٺيءَ تي گهاءُ نه لڳل هجن، هُو بزدلي بي همتي ۽ بي غيرتيءَ جو باعث نه بڻجن. سندن واتان ڀٽ ڌڻي فرمائي ٿو ته،

ڪانڌ منهن ۾ ڌڪڙا، سيڪيندي سُونهان،

ته پڻ لڄ مران، جي هونس پٺ ۾.

شاهه سائينءَ موجب حياتيءَ کي غفلت ۾ نه گهاريو،  مقصد نه ماڻڻ معنيٰ زندگي ضايع ڪرڻ  زندگي ربّ پاڪ جي امانت آهي، جيڪا فقط هڪ دفعو ئي عطا ٿئي ٿي، جنهن ۾ ماڻهو پنهنجي وجود جي بقا جي جنگ پيو وڙهي، ڪائنات جو ذرو ذرو رب پاڪ جي قائم ڪيل هن ڪائنات ۾ پنهنجي پنهنجي ڪم ۾ رڌل آهي. ماکيءَ جي معمولي مک پڻ گهڻيءَ محنت کانپوءِ ماکيءَ جهڙي شفاياب خوراڪ تيار ڪري ٿي، جنهن ۾ انسان ذات لاءِ شفا آهي. مک جي اورچائي، ڪوشش ۽ جفاڪشيءَ جي صلي ۾ تيار ٿيل ماکيءَ جو ڌڻي سڳوري قرآن پاڪ جي چوڏهين سيپاري رُبما جي سورة  نحل  ۾ ذڪر ڪيو آهي.

جڏهن سڄيءَ دنيا ۾ جن، ملائڪ، پکي پکڻ، جيت جانور پنهنجي پنهنجي ڪمن ۾ رُڌل آهن، تڏهن انسان ته سڀني کان مٿانهين مخلوق آهي، هُن کي ته بلڪل اهو ويچار ڪرڻ گهرجي، ته سندس حياتيءَ جو ڪارڻ ڇا آهي؟ حياتيءَ جو مقصد، جو سمجهه، سجاڳيءَ، ڪامل يقين جي قوت، نيڪ نيتي، اورچائي ۽ محنت جي اٿاهه قوت سان ئي ماڻڻ ممڪن آهي.

 سي پنهون ڪوهه پڇن جي سنجهي رهن سُمهي،  ستي نه سرندياءِ ڪر پچار پرينءَ جي،  ستي سڄڻ نه مِلن آهي ايءَ کري،  ساري رات سبحان جاڳي جن ياد ڪيو،  ڪاهي وڃئو ناکئا ڪريو بري تي بڇ ،  جاڳڻ منجهان جس آهي جن کي،  ستا اٿي جاڳ ننڊ نه ڪجي ايتري، جاڳو جاڙيجا سما سک مَ سمهو،  ايڏو سور سهي ننڊ نه ڪجي ناکئا،  جاڳڻ جشن جن کي، سک نه ساري رات، جاڳيا سي واڳيا، طالب پهتا توڙ ، ويٺين نه آهي وراڪو، ستين نه آهي سنڱ،  راتيون جاڳن جي سي آئون ڪندي سيڻ – مطلب ته شاهه جي رسالي ۾ انيڪ بيت اهڙا ملندا، جن کي باريڪ نظر سان جانچبو ته اهي فقط ۽ فقط غفلت کان بچاءُ ۽ سجاڳيءَ جا سبق آهن. لطيف سائينءَ جي فڪر جو محور ترقيءَ جي راهه آهي، هن جي رسالي جو اکر اکر حقيقي ڪاميابي ماڻڻ جا گس پنڌ ڏيندڙ آهي، حياتيءَ لاءِ اُتساهيندڙ ۽ همٿ ڏياريندڙ آهي، جنهن تي غور ڪرڻ ۽ عمل ڪرڻ سان هر هڪ ماڻهوءَ لاءِ حياتيءَ جي هر هڪ پل تي آسانيون پيدا ٿي سگهن ٿيون، شرط اهو آهي ته اهو عملي انسان هجي.