سمنڊ ۾ 3 نوجوان ٻڏي ويا
جُون 15, 2025
ڪراچي (پنهنجي ڊيسڪ) ڪراچي ۾ سمنڊ ۾ وهنجڻ دوران ٽي نوجوان ٻڏي فوت ٿي ويا. 35 ورهين جي علي جو لاش ڪڍيو ويو، جڏهن ته هڪ نوجوان کي بچايو ويو ۽ بي هوشي جي حالت ۾ اسپتال پهچايو ويو. جڏهن ته رضاڪار ٽئين نوجوان جي ڳولا ۾ مصروف آهن.
ڪراچي ۾ منوڙا ساحل ويجهو سمنڊ ۾ وهنجڻ دوران ٽي نوجوان ٻڏي فوت ٿي ويا. ريسڪيو عملدارن موجب هڪ نوجوان جو لاش ڪڍيو ويو، جڏهن ته ٻئي کي بچايو ويو. لاش ۽ بي هوش نوجوان کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.
فوت ٿيل نوجوان جي سڃاڻپ 35 ورهين جي علي ۽ بيهوشي واري نوجوان جي سڃاڻپ فرحان جي نالي سان ٿي آهي. ٽئين ٻڏي ويل نوجوان جي ڳولا جاري آهي.