سمورين ماليتن جا نوان ڪرنسي نوٽ آڻڻ جو فيصلو: وياج جي شرح 22 سيڪڙو برقرار رکڻ جو اعلان

جنوري 29, 2024

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) اسٽيٽ بئنڪ پاران سمورين ماليتن جا نوان ڪرنسي نوٽ آڻڻ جو اصولي فيصلو ڪيو ويو آهي

 اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر چيو آهي ته نوان نوٽ عالمي سيڪيورٽي فيچر سان گڏ ڇاپيا ويندا، نوان نوٽ سيريل نمبر، ڊزائين ۽ هاءِ سيڪيورٽي فيچر سان متعارف ڪرايا ويندا

سندس چوڻ هو ته نوَن نوٽن جي ڊزائين جو فريم ورڪ شروع ٿي چڪو آهي، اُميد ته فريم ورڪ مارچ تائين مڪمل ٿي ويندو

 اسٽيٽ بئنڪ نئين مالياتي پاليسي جو به اعلان ڪري ڇڏيو، وياج جي شرح 22 سيڪڙو برقرار رکڻ جو اعلان ڪيو ويو

لاڳاپيل پوسٽون

  • اليڪشن ڪميشن مخصوص سيٽن جي ورڇ ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪري ورتو

  • ٿرڪول رٿا تي مقامي ماڻهو نظر انداز آهن: رياض چانڊيو

  • آڪاش انصاري قتل ڪيس، جوابدار بيان تان ڦري ويو

  • لاڙڪاڻو: اجتماعي زيادتي جو شڪار معذور نينگري فوت