سمورين پارٽين پاران نگران وزيراعظم انوار الحق تي اعتماد اسان جي بهتر چونڊ جي علامت آهي: شهباز شريف

آگسٽ 13, 2023

لاهور (پنهنجي ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف طرفان انوارالحق ڪاڪڙ کي نگران وزيراعظم بڻجڻ تي مبارڪون ڏنيون ويون آهن

شهباز شريف چيو آهي ته بلوچستان مان نگران وزيراعظم جي مقرري سٺو سنئوڻ آهي، آئيني طريقيڪار تحت چونڊ دوران نگران وزيراعظم  لاءِ هڪ سٺي نالي تي اتفاق ٿيو، اپوزيشن ليڊر راجا رياض جو ٿورائتو آهيان، جنهن مشاورت ۾ مدد ڪئي

شهباز شريف چيو ته انوار الحق ڪاڪڙ محب وطن شخص آهي، سمورين جماعتن طرفان انوار الحق ڪاڪڙ  جي نالي تي اعتماد جو اظهار اسان جي بهتر چونڊ جي علامت آهي، اميد آهي ته نگران وزيراعظم ملڪ ۾صاف ۽  شفاف اليڪشن جي بندوبست کي يقيني بڻائيندو

وزيراعظم شهباز شريف اڄ رات قوم کي الوداعي خطاب ڪندو ۽ معاشي توڙي پرڏيهي پاليسيءَ سميت ٻين منصوبن تي قوم کي اعتماد ۾ وٺندو

ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم شهباز شريف اڄ رات  قوم کي الوداعي خطاب ۾ 16 مهينن جي حڪومتي ڪارڪردگي تي تفصيلي ڳالهائيندو

جڏهن ته وزيراعظم شهباز شريف کي اڄ ڏني ويندڙ گارڊ آف آنر جي تقريب ملتوي  ڪئي وئي آهي، کيس سڀاڻي 14 آگسٽ تي گارڊ  آف آنر ڏنو ويندو

Leave A Comment