سنجهورو: اهلڪار فوتگي ڪيس ۾ ڊي ايس پي ۽ ٻين جون ضمانتون رد

سنجهورو: اهلڪار فوتگي ڪيس ۾ ڊي ايس پي ۽ ٻين جون ضمانتون رد

سنجھورو (ن پ ا) سنجھوري لڳ ڪنگ پٽي موري پوليس پڪٽ تي تلاشي دوران پراسرار نموني گولي لڳڻ سبب فوت ٿيل نوجوان ارشد عرف ارشو کورکاڻي واري ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي سامهون آئي آهي. ھاءِ ڪورٽ ميرپور خاص جي عدالت ڪيس جي ٻڌڻي دوران اڳوڻي ڊي ايس پي سنجھورو عابد بروھي، ايس ايچ او سنجھورو رحم واسواڻو، ھيڊ محرر آصف راجپوت، سپاھي سرفراز شيخ، ون فائيو انچارج علي حسن بروھي، پڪٽ انچارج ابرار لغاري سميت ڪيس ۾ نامزد ٻين پوليس عملدارن جي عبوري ضمانت رد ڪري ڇڏي. عدالتي ذريعن موجب، جڏهن ضمانت بابت فيصلو ٻڌايو ويو ته نامزد جوابدار عدالت ۾ موجود نه هئا، جنهن سبب سندن فوري گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي. عدالت جي فيصلي کانپوءِ پوليس ۽ لاڳاپيل ادارن پاران وڌيڪ قانوني ڪارروائي جاري آهي. واضح رهي ته سنجھوري لڳ ڪنگ پٽي موري پوليس پڪٽ تي تلاشي دوران ارشد عرف ارشو کورکاڻي کي پراسرار نموني گولي لڳڻ سبب فوت ٿيڻ واري واقعي بعد علائقي ۾ سخت ردعمل ڏسڻ ۾ آيو هو، جنهن کانپوءِ متاثر ڌر جي فرياد تي پوليس عملدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو جھن ڪيس ۾ فريادي ڌر وڪيل سميرا عبدالله معرفت پيش ٿيا.