سنجهورو ( ن پ ا( سنجهوري ڀرسان زمين مان ڏامر نڪرڻ لڳو، ڳوٺاڻن سنڌ حڪومت کان زمين جي کوٽائي ڪرائڻ جي گهر ڪري ڇڏي
تيل ، گيس ۽ معدني وسيلن سان مالامال ضلعي سانگهڙ جي سنجهوري جي ديهه 21 جمڙائو ۾ پ پ پ اڳواڻ فهد مکي آرائين جي زمين جي کوٽائي دوران ڏامر جا ٽڪرا مليا آهن، زمين مان ڏامر نڪرڻ جو سلسلو 5 ڏينهن کان جاري آهي
ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته زمينن ۾ وونئڻ پوکيل آهن پر جيئن جيئن ڏينهن گرم ٿئي ٿو تيئن تيئن زمين مان ڏامر نڪرڻ شروع ٿي وڃي ٿو
ڳوٺاڻڻ معدني وسيلن جي کاتي جي عملدارن کي اپيل ڪئي آھي ته زرعي زمين جي کوٽائي ڪرائي تحقيقي ڪئي وڃي ته جيئن حقيقتون سامهون اچي سگهن