| سنجو بابا ۽ نورا فتحي جي نئين گاني جي مخالفت شروع |
ممبئي(ڪلچرل ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪار سنجي دت ۽ نورا فتحي جي ايندڙ فلم ‘ڪي ڊي: دي ڊيول’ جو گانو ‘سرڪي چونر تيري سرڪي’ يوٽيوب تي رليز ٿيڻ شرط تنقيد جو نشانو بڻجي ويو. ميڊيا رپورٽ موجب ايڊووڪيٽ ونيت جندال سينٽرل بورڊ آف فلم سرٽيفڪيشن ۾ گاني خلاف شڪايت داخل ڪندي قانوني ڪارروائي جي درخواست ڪئي آهي. هن اطلاعات واري وزارت کي به شڪايت ڪندي چيو آهي ته گاني جا ڪجهه لفظ واضح طور تي قابل اعتراض ۽ عوامي استعمال لاءِ نا مناسب آهن، گاني جي فلمبندي دوران فحش مواد پڻ ڏيکاريو ويو آهي. وڪيل موجب اهڙا گانا نابالغن ۽ نوجوانن لاءِ مناسب ناهن، تنهن ڪري گاني تي پابندي لڳائي وڃي.