سنجھوري ويجھو نينگر سان بدفعلي، جوابدارن وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ڪري ڇڏي

سنجھوري ويجھو نينگر سان بدفعلي، جوابدارن وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ڪري ڇڏي

کڏڙو( ن پ ا ) سنجھورو ٿاڻي جي حد ڪاريڇن ۾ ھمراھ پاران مبينا طور 13 سالا نينگر سان بدفعلي. وڊيو ٺاهي سوشل ميڊيا تي وائرل ڪري ڇڏي ـ سنجھورو پوليس نينگر جي والد جي فرياد تي ڪيس داخل ڪري ڇڏيو ـ جوابدار گرفتار نه  ٿيو ـ ان ڏس ۾ سنجھورو  ٿاڻي جي حد ديھ ڪاريڇن جي ڳوٺ جعفر خان جھلڻ ۾ ھمراھ انور علي جھلڻ پنهنجي برادري جي 13 سالن جي نينگر ثاقب علي  جھلڻ سان مبينا طور بدفعلي ڪري نينگر جي اگھاڙي حالت ۾ وڊيو رڪارڊنگ ڪري شوشل ميڊيا تي وائرل ڪري ڇڏي ـ اھڙي وڊيو وائرل ٿيڻ کان پوء نينگر جي والد ضياءالرحمان جھلڻ پنهنجي پٽ ثاقب علي سميت سنجھورو ٿاڻي تي پھچي  گناهه نمبر 147/2025  نينگر سان بدفعلي ڪري ويڊيو وائرل ڪرڻ جوڪيس جوابدار انور علي جھلڻ خلاف داخل ڪرائي ڇڏيو ـ جڏهن تھ جوابدار جي گرفتاري عمل ۾ نه آهي. نينگر جي والد اعليٰ اختيارين کي  اپيل ڪئي آهي ته وحشي جوابدار کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.