| سنيل شيٽي پاران 40 ڪروڙن جي آڇ ٿڏڻ جو انڪشاف |
ممبئي (ڪلچرل ڊيسڪ) بالي ووڊ جي سپر اسٽار سنيل شيٽي انڪشاف ڪيو آهي ته هن ماضي ۾ 40 ڪروڙ رپين جي آڇ کي رد ڪري ڇڏيو هو. 64 سالن جي سنيل شيٽي تازي انٽرويو ۾ انڪشاف ڪيو ته کيس سگريٽن جي هڪ برانڊ اشتهار لاءِ 40 ڪروڙ رپين جي وڏي آڇ ڪئي هئي. هن چيو ته آئون نوجوانن لاءِ مثال آهيان، آئون ڪنهن اهڙي شيءِ سان سلهاڙجڻ نٿو چاهيان، جنهن تي آئون پاڻ به يقين نه ڪريان. هن چيو ته اڄڪلهه آئون فلمن ۾ اڳ وانگر سرگرم ناهيان پر اڄ به 17، 18 سالن جا نوجوان مون کي پنهنجو آئيڊيل سمجهن ٿا. هن چيو ته مون ڪڏهن به پئسن لاءِ پنهنجن قدرن يا پنهنجن ٻارن جي نالي سان سمجهوتو نه ڪيو آهي.