| سنيل گواسڪر ميسي کي ڪولڪتا واقعي جو ذميوار قرار ڏئي ڇڏيو |
ممبئي (اسپورٽس نيوز) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان سنيل گواسڪر ڪولڪتا ۾ پيش آيل اڻوڻندڙ واقعي جو ذميوار اسٽار فٽبالر ليونل ميسي کي ئي قرار ڏئي ڇڏيو. اڳوڻي ڀارتي ڪپتان سنيل گواسڪر چيو ته هر هڪ کي واقعي جو ذميوار قرار ڏنو ويو، سواءِ ان شخص جي جيڪو پنهنجو واعدو پورو ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو.هن چيو ته ميسي کي پنهنجي ڳالهه تي قائم رهڻ گهرجي ها، جيڪڏهن کيس اسٽيڊيم ۾ هڪ ڪلاڪ ترسڻو هو ته هو اهڙو ڪرڻ جو پابند هو، پر هو شيڊيول خلاف وقت کان اڳ اتان هليو ويو، تنهنڪري ان واقعي جو ذميوار هو ۽ سندس وفد آهن، گواسڪر سيڪيورٽي خدشن وارين دعوائن کي به هڪ پاسي رکندي چيو ته ميسي کي ڪو به ظاهري خطرو نه هو.اڳوڻي ڀارتي ڪپتان وڌيڪ چيو ته هو سياستدانن ۽ وي آءِ پيز جي گهيري ۾ هو ۽ کيس يا سندس ساٿين کي ڪو به سيڪيورٽي خطرو نه هو.