| سني اتحاد سربراهه صاحبزاده حامد رضا گرفتار، جيل حوالي |
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سني اتحاد ڪائونسل جي چيئرمين ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر صاحبزاده حامد رضا کي گرفتار ڪرڻ بعد فيصل آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، عدالت حامد رضا کي جيل موڪلي ڇڏيو. سول لائن پوليس حامد رضا کي سينٽرل جيل منتقل ڪيو. ياد رهي ته صاحبزاده حامد رضا کي 9 مئي واري واقعي جي ڪيس ۾ 10 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي هئي ۽ هو ڪجهه وقت کان روپوش هو. جنهن کي گذريل رات اسلام آباد مان گرفتار ڪيو ويو. پي ٽي آءِ جي مرڪزي سيڪريٽري اطلاعات شيخ وقاص اڪرم چيو آهي ته صاحبزاده حامد رضا پشاور کان فيصل آباد وڃي رهيو هو ته اسلام آباد پوليس کيس گرفتار ڪيو. سني اتحاد ڪائونسل جي وقتي چيئرمين صاحبزاده حسن رضا به صاحبزاده حامد رضا جي گرفتاريءَ جي تصديق ڪئي هئي. جنهن بعد صاحبزاده حامد رضا کي فيصل آباد پوليس حوالي ڪيو ويو.