سني تحريڪ هائوس ڇاپو: 9 ڀتا خورن ۽ شوٽرز جي گرفتاري ظاهر: هٿيار هٿ    

  سني تحريڪ هائوس ڇاپو: 9 ڀتا خورن ۽ شوٽرز جي گرفتاري ظاهر: هٿيار هٿ    

ڪراچي(رپورٽ: حبيب جمالي) ايس آءِ يو پوليس طرفان گذريل رات قادري هائوس تي ڇاپو ھڻڻ وارو معاملو، ان ڏس ۾ ايس ايس پي ڊاڪٽر محمد عمران دعويٰ ڪئي آهي ته ڇاپي دوران 17 ڄڻن کي حراست ۾ ورتو ويو، جن ۾ 3 هاءِ پروفائيل ڀتا خور ۽ سندن 3 سهولتڪار شامل هئا ڇاپي دوران  هٿيار هٿ ڪيا ويا. پنهنجي آفيس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته گرفتار ٿيل جوابدار ريحان الدين جي نشاندهي تي رضويه ٿاڻي جي حد ۾ ايس آءِ يو ۽ ڊسٽرڪٽ سينٽرل پوليس گڏيل ڪارروائي ڪئي. ريحان کي ٻه ڏينهن اڳ مقابلي دوران زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو هو، ريحان 2024 ۾ آزاد حيثيت ۾ اليڪشن ۾ به بيٺو هو. ايس ايس پي ڊاڪٽر عمران موجب ڪارروائي دوران 3 هاءِ پروفائيل جوابدارن، 3 شوٽرز سميت ڪُل 9 جوابدار گرفتار ڪيا ويا، جوابدار جواد عرف واجه قادري، ريحان الدين ۽ ملا شاهزيب مرڪزي ڪردار آهن، اهي وصي الله لاکو ۽ عبدالصمد ڪاٺياواڙي جو ڀتا خور نيٽ ورڪ هلائي رهيا هئا، ڪارروائي دوران جي ٿري، ايس ايم جيز ۽ پستول هٿ آيا ، گرفتار جوابدارن خلاف 10 ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، وصي الله لاکو ۽ صمد ڪاٺياواڙي ملڪ کان ٻاهر لڪل آهن. ايس ايس پي موجب گرفتار جوابدار ريحان  هڪ مهينو اڳ ڪار شوروم تي ٿيل فائرنگ واري واقعي ۾ ملوث هو، هن چيو ته ڇاپي دوران 17 ماڻهن کي حراست ۾ ورتو ويو، ابتدائي جاچ ۾ اسان کي 8 ماڻهن جو ڪرمنل رڪارڊ مليو آهي، هن چيو ته ڪير ڀلي ڪهڙي به پارٽي سان تعلق رکندو هجي؟ ڏوهي سرگرمين ۾ ملوث هوندو ته سندس خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. ايس ايس پي موجب ڇاپي دوران ثروت اعجاز قادري کي گرفتار نه ڪيو ويو هو. ٻئي طرف پاڪستان سني تحريڪ جي ترجمان قادري هائوس تي ڇاپي جي مذمت ڪندي چيو ته ڇاپي دوران چادر ۽ چوديواري جو تقدس پائمال ڪري ڀڃ ڊاهه ڪئي وئي، ثروت اعجاز قادري کي حراست ۾ وٺي بعد ۾ آزاد ڪيو ويو، طاقت جي استعمال سان سچ جي آواز کي دٻائي نٿو سگهجي. ٻئي طرف پوليس ذريعن موجب صمد ڪاٺياواڙي جو تعلق مذهبي جماعت سان رهيو آهي،