| سنڌسرڪار پاران آڪسفورڊ لاءِ 6 شاگردن کي اسڪالرشِپ جو اعلان |
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي تعليم کاتي آڪسفورڊ يونيورسٽي ۾ بيچلرز، ماسٽرز ۽ پي ايچ ڊي ڪندڙ 6 شاگردن لاءِ اسڪالرشِپ جو اعلان ڪيو آهي. ان حوالي سان تعليم کاتي جي ترجمان چيو ته گريجوئيٽ، ماسٽرز، ايم فِل ۽ پي ايڇ ڊي جي اميدوارن کي اها اسڪالرشِپ ڏني ويندي. ترجمان ٻڌايو ته اسڪالرشِپ لاءِ سنڌ جو ڊوميسائيل ۽ سڃاڻپ ڪارڊ لازمي قرار ڏنل آهي. اميدوارن جو ميرٽ تي پورو لهڻ ۽ انگريزي ٻولي ۾ مهارت پڻ ضروري آهي. 50 سيڪڙو اسڪالر شپ (3سيٽون) ڇوڪرين لاءِ مختص آهن، ترجمان وڌيڪ چيو ته شارٽ لسٽ اميدوارن کي انٽرويو بعد فائنل ڪيو ويندو.