سنڌسرڪار گلگت ۾ ٻوڏ متاثرن لاءِ 196 گهر تعمير ڪندي

سنڌسرڪار گلگت ۾ ٻوڏ متاثرن لاءِ 196 گهر تعمير ڪندي

ڪراچي :  سنڌ پيپلز هائوسنگ فار فلڊ افيڪٽيز پروگرام کي گلگت تائين وڌائڻ جي منظوري انهي پروگرام هيٺ گلگت  ۾ 376.3 ملين رپين جي لاڳت  سان ٻوڏ متاثرن جا 196 گهر  تعمير  ٿيندا ڪابينا ايس پي ايڇ ايف کي گلگت حڪومت پاران فراهم ڪيل لسٽ جي بنياد تي تصديق، داخلا ۽ رقم جي ورڇ جي عمل کي شروع ڪرڻ جو اختيار ڏنو، جڏهن ته  نيشنل رورل سپورٽ پروگرام( اين آر سي پي ) کي امپليمينٽنگ پارٽنر طور شامل ڪرڻ جي منظوري ڏني. واضح  رهي  ته بلوچستان ۾ ٻوڏ متاثرن جي 4,500 گهرن جي ٻيهر تعمير جاري آهي