سنڌوءَ تي ڌاڙو نامنظور، پاڻيءَ تي ڌاڙو نامنظور: سکر ۾هزارين ماڻهن جو مارچ، ڌرڻو

ڊسمبر 23, 2024

سکر(رپورٽ: فاروق سومرو) سنڌو درياهه تي ڇهه نوان ڪينال اڏڻ، ارسا ايڪٽ ترميم، ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ ڌاڙيل راڄ خلاف سکر ۾ عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻيءَ تحريڪ طرفان احتجاجي مارچ ڪيو ويو، هاڪي اسٽيڊيم کان نڪتل احتجاجي مارچ ورڪشاپ روڊ، تير چوڪ، بئراج روڊ، اي سيڪشن کان ٿيندو گهنٽا گهر پهتو، جتي هزارين عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن پاران ڌرڻو هنيو ويو، گهنٽا گهر آڏو ڌرڻو جلسي جي صورت اختيار ڪري ويو، احتجاجي مطارچ ۾ وڏي انگ ۾ عورتن، مردن، ٻارڙن، نوجوانن، اديبن، شاعرن ۽ سياسي سماجي اڳواڻن شرڪت ڪئي، پورو سکر شهر سنڌوءَ تي ڌاڙو، پاڻيءَ تي ڌاڙو، سنڌ سڪائڻ، سنڌو سڪائڻ نامنظور، صدر آصف علي زرداري، پيپلز پارٽي ۽ وفاقي حڪومت خلاف زوردار نعرن گونجي اُٿيو. ريلي جي اڳواڻي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي سينيئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار، مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر عمره سمون، پاڪستان ڪسان رابطا ڪاميٽي جي جنرل سيڪريٽري فاروق طارق، سنڌي ھاري تحريڪ جي مرڪزي صدر ڪامريڊ غلام مصطفي چانڊيو، ايس جي ايس ٽي جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ ڪونج لاشاري، ايڊووڪيٽ ڪوثر ڦلپوٽو، سنڌ سھائي سٿ جي چيئرپرسن ڊاڪٽر عائشه ڌاريجو، سنڌي ادبي سنگت شاخ سکر جي سيڪريٽري جنرل ارشاد پيرزادو، مجيد نواز مغل، عوامي تحريڪ جي مرڪزي رابطا سيڪريٽري لال جروار، ايڊووڪيٽ سچل ڀٽي، سرواڻ جتوئي، ڊاڪٽر ماروي سنڌو، شمشاد ٻپڙ، ماهه نور ملاح، ريحانا بلوچ، عظمت هاليپوٽو، نويد عباس ۽ ٻين اڳواڻن ڪئي. ان موقعي تي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري چيو ته پيپلز پارٽي وارن ڪرسي عيوض سموري سنڌ لکي ڏئي ڇڏي آهي، صدارتي هائوس ۾ سنڌ جا وسيلا، زمينون، پاڻي ۽ مال ملڪيت وڪرو ڪرڻ جي منڊي لڳائي وئي آهي. ڀڳڙن مٺ عيوض سنڌ جون زمينون وڪرو ڪري سنڌي ماڻھن کي دربدر ڪيو پيو وڃي، ڪارپوريٽ زرعي فارمنگ منصوبا سنڌي عوام جو قتل آهن، صدر زرداري سنڌو درياهه مان 6 نوان ڪينال ڪڍڻ جي منظوري ڏئي سنڌ جي وجود مٿان وار ڪيو آهي، ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ڪري، سنڌو درياهه جي پاڻي تي ڌاڙو ھڻي 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ، ايس آءِ ايف سي پاران سنڌ جي زمينن ۽ معدني وسيلن کي وڪرو ڪرڻ، عورتن سان ظلم ۽ لاقانونيت خلاف سنڌياڻي تحريڪ پاران قراردادو منطور ڪيون ويون.

Leave A Comment