سنڌوءَ تي ڌاڙو نامنظور: دريائن جي ڏڻ تي سنڌ فيصلو ڏئي ڇڏيو، عوام روڊن تي نڪري آيو، ڪئنال منصوبن خلاف جدوجھد تيز ڪرڻ جو وچن
مارچ 15, 2025
ڪراچي (نمائندن وٽان) دريائن جي عالمي ڏينهن تي سنڌ جي عوام سنڌو درياءَ تي ڪئنالن واري منصوبي توڙي گرين انيشيوٽ رٿا تحت سنڌ جو زمينون نيلام ڪرڻ خلاف فيصلو ڏئي ڇڏيو آهي، سڄي سنڌ ۾ عوام روڊن تي نڪري آيو، جتي اڳواڻن ڪئنال منصوبن خلاف جدوجھد تيز ڪرڻ جو وچن ڪيو. ان ڏس ۾ جسقم، ايس يو پي، ايس ٽي پي، قومي عوامي تحريڪ، سنڌي ادبي سنگت، عوامي تحريڪ، هاري تحريڪ سميت مختلف تنظيمن جي ڪارڪنن، وڪيلن، شاگردن جا سڄي سنڌ ۾ مظاهرا ڪيا ويا. پنهنجي اخبار جي نمائندن وٽان مليل ڄاڻ موجب ڪراچي، حيدرآباد، ڄامشورو، مٽياري، ميرپور خاص، ٽنڊو الهيار، ٽنڊو محمد خان، بي نظير آباد،سانگھڙ، شهدارپور، ٽنڊو آدم، سکر، خيرپور، لاڙڪاڻو، شڪارپور ۾ ريليون ڪڍي مظاهرا ڪيا ويا. ان کان سواءِ ڪوٽڙي، ٺٽو، سجاول، ملير، نوشهروفيروز ، ڪنڌڪوٽ، ڪشمور، جيڪب آباد، قمبر_شهدادڪوٽ، دادو، گهوٽڪي، پنو عاقل، گمبٽ، روهڙي، اوٻاوڙو، ماٿيلو، لکي، ڳڙهي خيرو ۾ به سخت رد عمل ڏنو ويو. جڏهن ته مٺي، عمرڪوٽ،سنڌڙي، بدين، پنگريو ، دمبالو، ٽنڊوغلام علي،ڍورونارو، ڪنري، جهڏو، ميرواھه گورچاڻي، نفيس نگر،نئون ڪوٽ، پٿورو،ڪوٽ غلام محمد، جنگشاھي، جهوڪ شريف، ميرپوربٺورو، جهمپير، ڪڙيوگهنو،گلاب لغاري، شادي لارج،ملڪاڻي شريف، ٽنڊوباگو، کورواھ،ٻيلو شهر، ميرپور ساڪرو، جاتي،گولاڙچي، ڪڍڻ،ڏيئي ،ڪيٽي بندر،ماتلي،ڌاٻيجي، ڏيئي، پيرولاشاري، راجوخاناڻي، گهارو، سامارو ۾ به عوام سخت رد عمل ڏنو. ٻئي پاسي ڄام صاحب، اڏيرولال اسٽيشن، پليجاڻي، نيوسعيدآباد، سن، مانجهند، ٽنڊوجام، بلڙي شاه ڪريم، مسوڀرڳڙي، چمبڙ بڪيراشريف، ٿاڻوبولاخان، سيتاروڊ، راڌڻ، فريدآباد، واهي پانڌي، ھالا جو عوام نڪري آيو، جڏهن ته ڪڪڙ، ڦلجي، ڀان سيدآباد، نئون ڳوٺ، ٺڪراٺو، فيض گنج، ڪنڌرا، کھڙا، اڪري چودڳي، پريالوءِ، پيروسڻ، دادلغاري، رانوتي، هنڱورجا، گڊو،موهن جو دڙو، گاجي کهاوڙ، باڊهه جي عوام به ڪئنال رد ڪري ڇڏيا. ڪچي پل، ڳيريلو، سجاول جوڻيجو، وڳڻ، دوداپور، سيهڙ، ڊکڻ، ڏوڪري، لعلورائنڪ، رتوديرو، غوثپور، ميان صاحب، ڪرمپور، وارهه، ٺل، رستم، بڊاڻي، نصيرآباد ۽ وستي واهڻ ۾ ڪئنالن خلاف احتجاج ٿيو. ڪراچي ۾ پريس ڪلب آڏو مختلف ڌرين پاران احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. نامياري مزاحيا فنڪار سھراب سومرو ـ حيدر قادري ـ فنڪار بيدل مسرور نوجوان گلوڪار تنوير علي گيت ڳائي احتجاج رڪارڊ ڪرايو ـ صدام راڄپر وڪيلن جي احتجاج ۾ گيت ڳاياـ ھاءِ ڪورٽ بار جي اڳواڻ سرفراز ميتلو، ڪراچي بار جي صدر عامر نواز وڙائچ۔ ملير بار جي سيڪريٽري اياز چانڊيو احتجاج ۾ شرڪت ڪئي. ڪيوڪراچي بار پاران 12 اپريل تي وڪيلن جو ڪنوينشن ڪوٺائڻ جو اعلان ڪيو ويو. عامر نواز وڙائچ چيو ته وڪيلن جي ڪنوينشن ۾ سرڪار کي 48 کان 72 ڪلاڪن جو الميٽيم ڏينداسين ۽ پوء اسلام آباد ڏانهن لانگ مارچ يا پوء چولستان وڃڻ بابت اعلان ڪنداسين پر ان حوالي سان فيصلو ڪنوينشن ۾ ڪنداسين. قومپرست اڳواڻ عبدالخالق جوڻيجو، سماجي اڳواڻن ۽ ادبي سنگت جي احتجاج ۾ ذوالفقار ھاليپوٽو ڊاڪٽر جئيپال ڇاٻڙيا، درشن سچڏيو، انيتا پنجواڻ،ي نجما مھيشوري، ماروي اعواڻ ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي.ھوڏانھن وڪيلن پاران سنڌ اسمبلي آڏو پڻ احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو. انھي دوران ھڪ ايم پي اي جي گاڏي کي پڻ وڪيلن روڪي ورتو. رات سنڌ سجاڳي فورم پاران سارنگ جويو، سورٺ لوھار، سھڻي جويو، عبدالغني۔ ھما عباسي ۽ ٻين پريس ڪلب رت جا ڏيئا ٻاري درياه کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي. ملير جي گلشن حديد، پپري، شاهه ٽائون، شاهه لطيف، رزاق آباد، ميمڻ ڳوٺ ۽ ٻين علائقن ۾ مختلف تنظيمن ڌار ڌار احتجاجي مظاهرا ڪيا. اڳواڻن پاران سمنڊ ۾ گل ڇٽي سنڌو درياءَ کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي، حيدرآباد ۾ جيئي سنڌ قومي محاذ پاران هولي جي رات سنڌو درياھ تي گلن جي ورکا ڪري ڀيٽا پيش ڪئي ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي جي اڳواڻ ۾ جسقم جي ڪارڪنن ۽ صحافين مهراڻ پل هيٺيان پهچي درياھ جي پاڻي ۾ هولي جا رنگ هاري گلن جي ورکا ڪئي ۽ سنڌو تي ڪئنالن جي اڏاوت ۽ ڊيمن جي تعمير خلاف نعريبازي ڪئي ان موقعي تي جسقم اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو ته سنڌو تي ڪئنالن جي اڏاوت ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي سنڌو سنڌ جي جياپي جو ذريعو آهي ڪئنال اڏي سنڌ جو وجود مٽائڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي. مٽياري ۾ سنڌو درياهه مان ڪئنال ڪڍڻ خلاف هزارين ماڻهو روڊن تي نڪري آيا. قومي عوامي تحريڪ سربراه اياز لطيف پليجو مٽياري پريس ڪلب جي صدر حاجي ماجد علي ميمڻ، جنرل سيڪريٽري ضمير خاصخيلي جي قيادت ۾ ريلي ڪڍي وئي. ان موقعي تي قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجو احتجاجي جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته زرداري صاحب ۽ شهباز شريف کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته اڄ سنڌ جي شهرن جهنگن جهرن مان سنڌ ڄاوا نڪري چڪا اٿوَ، اڄوڪو هي سڏ صحافي برادري جو آهي جنهن ۾ هزارين سنڌي بنا ڪنهن فرق جي گڏ ٿيا آهن پاڻي جي مسئلي تي اسين سڀ انائون وساري هڪ ٿي چڪا آهيون هي سڀ جهنڊا سنڌ جا آهن هي سڀ “سنڌ جو عوام شعور يافته آهي، هو پنهنجي حقن کان آگاهه آهي ۽ ڪنهن به صورت ۾ سنڌو درياهه تي ڌاڙو نه هڻڻ ڏيندو. سنڌو درياهه سنڌ جي حياتي آهي، ان تي ڌاڙو سنڌ جي تباهي آهي. اسان ڪنهن به قيمت تي سنڌ جي پاڻي تي وار ٿيڻ نه ڏينداسين. سنڌ جو پاڻي روڪڻ جو مطلب زراعت، معيشت ۽ سنڌ جي عوام جي بقا تي حملو آهي، جنهن خلاف سنڌ جو هر باشعور ماڻهو آواز اٿاريندو. هن وڌيڪ چيو ته اسان جي درياهه تي وفاق پاران غير قانوني طور ڪئنال ڪڍڻ جا منصوبا سنڌ جي تباهيءَ جو سبب بڻجي سگهن ٿا. سنڌ جا ماڻهو اڄ پنهنجي حقن لاءِ گڏ ٿيا آهن ۽ هي جدوجهد جاري رهندي اسين سر ٻچا قربان ڪري به سنڌو درياهه بچائينداسين. حيدرآباد ۾ سنڌي ادبي سنگت حيدرآباد جي سڏ تي تاج جويي،سليم چنا،نصير مرزا، سيد زوار نقوي،گل سنڌي، ڊاڪٽر عزيز ٿيٻي، واحد ڪانڌڙي، لطيف ملاح، انور ساگر ڪانڌڙي، ائڊوڪيٽ سچل اعواڻ، پروفيسر قادر بخش مگسي، ضلعي رابطي سيڪريٽري مولابخش محبتي، دريا خان پيرزادي ۽ ٻين جي اڳواڻيء ۾ اولڊ ڪئمس کان پريس ڪلب حيدرآباد تائين مظاھرو ڪيو ويو. تاج جويي،نصير مرزا، سليم چنا، امير چانڊيي، امداد چانڊيي، ،شاھده امير، نسيم جلباڻي ۽ ٻين مخاطب ٿيندي چيو ته سنڌو درياھ سنڌي قوم جي شھ رڳ ۽ جياپي جو وسيلو آھي ان تان سنڌ توڙي ھند تي نالو پيو۔ پنجاب جا حڪمران انگريز دور کان وٺي اڄ تائين سنڌو دريا تي غير قانوني ڌاڙو ھڻندي ڪئنال ۽ ڊيم ٺاھيندا رھيا آھن. سنڌي قوم متحد ٿي جدوجھد ڪري ڪالا باغ ڊيم رٿا رد ڪرائي ۽ ھاڻي وري نوازليگ ۽ پ پ سرڪار گڏجي سنڌوء مان چولستان ۽ ٻيا 06 ڪئنال ڪڍي، ڪارپوريٽ فارمنگ ھيٺ لکين ايڪڙ سنڌ جون زمينون سگھارين قوتن کي ڏئي سنڌين کان جيئڻ جو حق ۽ سھارو کسي رھي آھي. جنھن خلاف سنڌجو ٻارٻچو، شاگرد،فنڪار، استاد، عورتون، سماجي، سياسي ۽ قوم پرست پارٽيون، وڪيل، دڪاندار ۽ ٻيا ماڻھو روڊن تي اچي لانگ مارچ ۽ مظاھرا ڪري ۽ احتجاجي ڌرڻا ھڻي رھيا آھن۔ صدر زرداريء جي قومي اسيمبليء واري تقرير ۽ سنڌ اسيمبليء جو ڪئنالن خلاف ٺھراء سنڌي قومي جي احتجاج ۽ دٻاء جو نتيجو آھي ۽ اھو سڀ ڪجھ ان وقت تائين بي اثر آھي، جيسيتائين وفاقي حڪومت قومي اسيمبليء مان ٺھراء پاس نه ٿي ڪري ۽ سنڌوء مان ڪئنالن نه ڪڍڻ جو نوٽيفڪيشن جاري نه ٿي ڪري اڳواڻن سنڌي قوم سان گڏجي عوامي دٻاء ۽ جدوجھد جاري رکڻ جو عزم ورجايو.ٻئي پاسي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي اڳواڻ ايڊووڪيٽ اظهار دائودپو، ايڊووڪيٽ راحيل ڀٽو، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر عمره سمون ۽ ٻين حيدرآباد ۾ ريلي کي خطاب ڪندي چيو ته جنرل ايوب سنڌ جي حصي جون ٽي نديون: راوي، بياس ۽ ستلج هندستان کي وڪرو ڪري ملڪ سان غداري ڪئي، جنرل ايوب ۽ نهرو سرڪار جي ملي ڀڳت سان سنڌ جو پاڻي بند ڪري بين الاقوامي ڏوهه ڪيو ويو، پنجاب جا حڪمران گذريل ڏيڍ سئو سالن کان سنڌ جي پاڻيءَ تي ڌاڙا هڻڻ لاءِ ڪئنال ۽ ڊيم ٺاهي رهيا آهن. ڪئنالن ۽ ڊيمن جو ڄار وڇائي انڊس ڊيلٽا کي تباهه ڪيو ويو آهي. جنهنڪري ورلڊ بينڪ جي هڪ رپورٽ مطابق ملڪ کي ساليانو 200 بلين ڊالرز جو نقصان ٿي رهيو آهي. جڏهن ته تمر جي ٻيلن جي تباهي سبب خطي ۾ ماحولياتي تبديلي آئي آهي، سمنڊ سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين ڳڙڪائي ويو آهي، پاڻيءَ جي هٿرادو کوٽ سبب سنڌ جون زرخيز زمينون بنجر ٿي ويون آهن، 1991ع جي ٺاهه تي به عمل نٿو ٿئي. سنڌ کي 91ع جي ٺاهه جي حصي موجب به 50 سيڪڙو کان وڌيڪ پاڻيءَ جي کوٽ کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. اڳواڻن وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي جي سنڌ سرڪار مريم نواز سرڪار جي ڪمداري ڪري رهي آهي، پاڻيءَ جي معاملي تي پيپلزپارٽي پنجاب سرڪار جي ساٿاري بڻيل آهي، ڇهه نوان ڪئنال به پيپلز پارٽي جي رضامندي سان ٺهي رهيا آهن، هنن چيو ته سنڌ اسيمبليءَ جي قرارداد ڍونگ ۽ فراڊ آهي، هن قرارداد ۾ سنڌي عوام جا مطالبا شامل ناهن. پيپلز پارٽي ٿرڊ امپائر کي خوش ڪرڻ لاءِ ڪئنالن جو منصوبو سي سي آء ذريعي منظور ڪرائڻ چاهي ٿي. اڳواڻن وڌيڪ چيو ته سنڌو درياهه تي ڌاڙو عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي آهي، هن مسئلي تي بين الاقوامي پاڻي ۽ ماحولياتي ماهرن تي مشتمل اڻ ڌري جاچ ڪميشن جوڙي وڃي ۽ سنڌi پنجاب پاڻي ٺاهه 1945ع تحت سنڌ کي حصي جو پاڻي ڏنو وڃي. سنڌ ھاري ڪاميٽي پاران نڪتل ريلي کي خطاب ڪندي مرڪزي صدر ثمرحيدر جتوئي چيو ته صدر آصف علي زرداري جي پارليامينٽ خطاب مان واضح ٿي ويو ته سنڌو درياء مٿان 6ڪئنال وارو منصوبو سنڌ سڪائڻ جي سازش آھي. هن چيو ته آصف زرداري جو بيان سنڌ جي شعور جي اخلاقي فتح آهي پر اسان ان پرامن جدوجهد کي جاري رکنداسين اسان هن وقت جياپي جي جنگ وڙھي رهيا آهيون جيستائين وفاق ڪئنالن جو فيصلو رد نه ڪندو تيستائين اسان جي جدوجهد جاري رهندي. ان کان سواءِ آبادگار اتحاد جي صدر نواب زبير ٽالپر جي اڳواڻي ۾ سوين هارين ۽ آبادگارن ريلي ڪڍي سنڌوء کي ڀيٽا ڏني. آبادگارن ۽ هارين درياهن جي عالمي ڏينهن تي سنڌوء سان وفا جو وچن ورجايو. جيئي سنڌ محاذ پاران حيدرآباد کان المنظر تائين ڪئنالن خلاف وڏي ريلي ڪڍي وئي جسم اڳواڻ رياض چانڊيي ۽ ٻين اڳواڻن خطاب ڪندي سنڌو درياء تي ڪئنالن کي رد ڪري ڇڏيو. حيدرآباد جي قانون جي شاگردن وڪيل اڳواڻ ڪي بي لغاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪالھ حيدرآباد پريس ڪلب سامهون ريلي ڪڍي احتجاج ڪيو. هوڏانهنحيدرآباد، ڄامشورو، سکر سميت مختلف جاين تي درياهه ۾ گل ڇٽي ڀيٽا پيش ڪئي وئي، جيئي سنڌ قومي محاذ پاران نياز ڪالاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي۾ سنڌو درياھ تي گل ورکا ڪئي وئي سکر ۾ سياسي، سماجي، قومپرست، مذهبي، صحافي، شاگرد توڙي سول سوسائٽيءَ جي تنظيمن پاران ريليون، احتجاجي مظاهرا، سنڌوءَ کي گلن جي ڀيٽا ڏئي سنڌءَ جي تحفظ جو وچن ڪيو ويو، روهڙي ۾ پاڪستان هيومن رائيٽس يونٽي فائونڊيشن جي سڏ تي وڪيلن، اديبن، شاعرن، پيرا ميڊيڪل اسٽاف، صحافين ۽ سول سوسائٽي جي ماڻهن روھڙي لينس ڊائون پل وٽ پهچي ٻيڙين تي چڙهي سنڌو درياھ ۾ گل نشاور ڪري ڀيٽا پيش ڪئي.مورودريائن جي بچاءَ واري عالمي ڏينهن تي نيشنل پيپلز پارٽيءَ چيئرمين غلام مرتضي’ جتوئي ۽ صدر مسرور احمد جتوئي پاران سنڌو تي ٺهندڙ تڪراري ڪئنالن خلاف ريلي ڪڍي وئي مورو دادو پل درياھ تي ھر ھڪ جي ھٿن ۾ گلاب جي گلن جون پتڙيون، درياءَ کي نڇاور ڪري ڀيٽا پي ڪري اوج موج مستي لاءِ دعائون گهريون ويون ڪنڊيارو لڳ ڳوٺ فتح علي جتوئي وٽ سنڌو درياھ جي ڪپ تي هڪ پروقار صوفي راڳ جي محفل جي تقريب ڪوٺائي وئي. ڄامشوري ۾ حيدرآباد، ڄامشورو بار جي وڪيلن، سنڌي ادبي سنگت، جسقم، جست، جسقم، جيئي سنڌ محاذ، سنڌو درياھ بچايو ڪميٽي، جيئي سنڌ پارٽي، قومي عوامي پارٽي، عوامي پارٽي، پ پ شهيد ڀٽو، سنڌ آبادگار، سنڌ ملاح تنظيم توڙي ٻين تنظيمن جي ڪارڪنن پاران احتجاجي ريليون ڪري ڌرڻا هنيا ويا، ٽنڊو محمد خان ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي، سنڌ ترقي پسند پارٽي، پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽ حيدرآباد، ڳوٺ گهرام وساڻ جي سنڌ هاري ڪاميٽي، شيدي برادري جي طرفان ڌار ڌار مظاهرا ڪيا ويا.