سنڌوءَ جو ڇوڙ ۽ حال … انجنيئر اوڀايو خشڪ

                 انڊس ڊيلٽا سنڌو درياهه جي ڇوڙ واري علائقي ۾ واقع آهي. سنڌو درياهه تبت (چين) کان شروع ٿي افغانستان، هندستان مان ٿيندو پاڪستان ۾ داخل ٿئي ٿو. اٽڪل ٻه هزار ميل سفر ڪري اچي سنڌ ۾ کاري ڇاڻ شهر وٽ سنڌو ساگر سان ڀاڪرين پوي ٿو. سنڌو درياهه کي پنهنجو هڪ درياهي سرشتو آهي، جنهن ۾ اٽڪل ويهه ٻيا درياهه اچي شامل ٿين ٿا. انهن ڀرتو درياهن ۾ وري ٻيا ننڍا ننڍا درياھ اچي شامل ٿين ٿا. اهي ڀرتو نديون هن ريت آهن:

1. گارتڪ  2. شياڪ 3. شگار 4. گلگت 5. هنزا 6. ڪانڊيا 7. ڪابل 8. ڪرم 9. گومل 10. توچي 11. زوهب 12. زانسڪر 13. سورو 14. اسطور 15. سون 16. جهلم 17. چناب 18. راوي 19. بياس ۽ 20. ستلج.

سنڌو درياهي سرشتي جي ڪل پکيڙ 11،20،000 چورس ڪلوميٽر (4،30،000 چورس ميل) آهي. انهيء مان 49 سيڪڙو پاڪستان، 37 سيڪڙو هندستان، 8 سيڪڙو چين ۽ 6 سيڪڙو افغانستان ۾ آهي.

ڊيلٽا جي وصف:

ڊيلٽا انهيء هيٺانهين ۽ ٽڪنڊي علائقي کي چيو ويندو آهي، جتي درياهه پنهنجي ڇوڙ واري ماڳ ۾ پهچڻ کان پهرين مختلف ڦاٽن ۾ ورهائجي ويندو آهي. ائين ڦاٽن هيٺ آيل ايراضي ڊيلٽا جي ايراضي چئي ويندي آهي. ڊيلٽا يوناني ٻوليءَ جو لفظ، جيڪو ٽڪنڊي شڪل جو آهي. دنيا ۾ 6 مختلف قسمن جا ڊيلٽا آهن، جن ۾ 1. ايسٽيورين ڊيلٽا 2. آرڪيوٽ ڊيلٽا 3. برڊ فوٽ/ فنگر ڊيلٽا 4. ٽرنڪيٽيڊ ڊيلٽا 5. بلاڪڊ ڊيلٽا 6. ابنڊنٽ ڊيلٽا شامل آهن. دنيا ۾ 11781 ڊيلٽا موجود آهن ۽ انھن ۾ 339 ملين ماڻھو رهن ٿا۔ انھيءَ مان 262 ملين ماڻھو ايشيا ۾ ۽ باقي دنيا جي ٻين ڊيلٽائن ۾ رهن ٿا۔ انڊس ڊيلٽا ٻي نمبر جو ڊيلٽا آهي. انهيء کي اڪثر ڪري پنکي طرز (Fan Shaped) جو ڊيلٽا پڻ چيو وڃي ٿو.

آئي يو سي اين ۽ ڪجهه ٻين محققن جي چوڻ مطابق انڊس ڊيلٽا دنيا جو پنجون وڏو ڊيلٽا آهي. ڪجهه محققن ان کي ڇهون ۽ ڪجهه ان کي ستون وڏو ڊيلٽا پڻ لکيو آهي. انڊس ڊيلٽا کي 2002ع ۾ رامسار سائيٽ قرار ڏنو ويو آهي. انڊس ڊيلٽا ۾ دنيا جو ستون وڏو تمر جي وڻن جو ٻيلو پڻ آهي. (سيال) جنرل هيگ انڊس ڊيلٽا جي پکيڙ ڏهه هزار چورس ميل (25،600 چورس ڪلوميٽر) لکي آهي. ڊاڪٽر الطاف سيال 1833ع جي سنڌ جي نقشي جي بنياد تي اها 13،000 چورس ڪلوميٽر لکي آهي.

انڊس ڊيلٽا جي ايراضي مختلف محققن طرفان هيٺين ريت ڄاڻايل آهي:

1. ڪلهوڙو ۽ ٻيا (2005ع) خان ۽ اڪبر ( 2012ع)، گري ۽ ٻين (2012ع) ۽ ميمن (2003ع)  6000 چورس ڪلوميٽر.

2. احمد ۽ شوڪت (2015ع) طرفان 8500 چورس ڪلوميٽر

3. ليچنڪو ۽ ٻيا (1993ع) ۽ ريمنڊ ۽ ٻين (2013ع) طرفان 30000 چورس ڪلوميٽر

4. سوٽسڪي ۽ ٻيا (2013ع) 17000 چورس ڪلوميٽر

5. ڪيلاگان (2014ع) 16000 چورس ڪلوميٽر

6. ڀريچا ۽ ٻيا (2017ع) 41400 چورس ڪلوميٽر

7. لغاري ۽ ٻيا (2015ع) 5000 چورس ڪلوميٽر

8. هيريسن (1997ع) 2000 چورس ڪلوميٽر.

اها پکيڙ هاڻي گهٽجي 1067 چورس ڪلوميٽر ٿي وئي آهي. (سيال)  جڏهن ته آئي يو سي اين جي 2005ع جي تحقيق مطابق هاڻي رهيل ايراضي گهٽجي 1190 چورس ڪلوميٽر بچي آهي. ائين ڊيلٽا جو 92 سيڪرو سمنڊ ڳڙڪائي ويو آهي.

انڊس ڊيلٽا ۾ ڇاڙن جو تعداد  مختلف محققن مختلف لکيو آهي. جين فيئرلي اهو تعداد يارنهن جڏهن ته ٽي- پونسٽان ٻارهن لکيو آهي. ڊاڪٽر الطاف سيال سترنهن ڇاڙون لکيون آهن. موجوده وقت ۾ ته ڇوڙ واري علائقي يعني کاري ڇاڻ کان مٿي سڀ ڇاڙون ختم ٿي ويون آهن ۽ کاري ڇاڻ وٽ ٻه ڇاڙون هڪ ڦاٽ، ٻي کوبر وڃي بچيون آهن. ماضيء ۾  انڊس ڊيلٽا جي شروعات پٽالا کان چئي وڃي ٿي. جتان سنڌو درياهه ٻن مکي ڦاٽن ۾ ورهائجي ويو ٿي۔ انهن مان هڪڙو ڦاٽ اولهه طرف ۽ ٻي ڇاڙ وري اوڀر طرف وئي ٿي. سڪندر اعظم جڏهن 352 ق-م ۾ سنڌ تي حملي آور ٿيو هو ته ان جي واپسي پٽالا کان اولهندي ڇاڙ ذريعي چئي وڃي ٿي. هن وقت ڀٽالا ڪٿي آهي؟ اهو اختلافي مسئلو آهي۔ جيمس برنس پٽالا کي ٺئو ڄاڻايو آهي، جڏهن ته ٽي-بونسٽن ڀٽالا کي سمنڊ کان 80 ميل مٿي ڄاڻائي ٿو۔ ڪن محققن پٽالا کي موجوده حيدرآباد جي آسپاس ڄاڻايو آهي. ڊاڪٽر الطاف سيال وري ڊيلٽا جي شروعات موجوده ٻني شھر  وٽان لکي آهي. جيئن ته سنڌ ۾ سنڌو درياهه جي وهڪرن ۽ قديم آثارن تي سائنسي بنيادن تي ڪا تحقيق نه ٿي آهي. انهيء ڪري اهو چوڻ مشڪل آهي ته پٽالا موجوده سنڌ ۾ ڪهڙي ماڳ وٽ آهي. ٽي-پونسٽن جي چوڻ مطابق اهو هنڌ جهرڪ جي آسپاس بيهي ٿو. وري ڊاڪٽر الطاف سيال ان کي سجاول ضلعي جي ٻني شهر وٽ ڄاڻايو آهي، جيڪو جهرڪ کي ويجهو لڳي ٿو. وقتي طور اهو چئي سگهجي ٿو ته پٽالا جو ماڳ جهرڪ جي آسپاس آهي.

ڊيلٽا جي تباهيءَ جا سبب:

سنڌو درياهه جيڪو ڪنهن وقت ۾ سڄو سال وهندو رهندو هو ۽ پاڻ سان گڏ هزارين ٽن لٽ (مٽي) جا پڻ کڻي اچي سنڌو ساگر ۾ ڇوڙ ڪندو هو. ائين هر سال نئون ڊيلٽا ٺهندو رهندو هو. سنڌو درياهه جي ڇوڙ واري علائقن ۾ مختلف وقتن تي مشهور بندرگاهه رهيا، جن ۾ ديبل بندر، لاڙي بندر، ڪيٽي بندر، سوکي بندر، سنڊو بندر، شاهه بندر، علي بندر ۽ ٻيا  شامل آهن. انهن ذريعي سنڌ جو دنيا سان وڻڃ واپار هلندو هو. ايستائين جو روس مان سامان خشڪيءَ رستي ملتان ايندو هو، جتان بيڙين ذريعي اهو سامان ڊيلٽا ۾ واقعي بندرن جي ذريعي دنيا جي مختلف ملڪن ڏانهن ويندو هو. پاڪستان ٺھڻ وقت به ڪيٽي بندر ۽ سنڊو بندر فعال هئا. 1947ع ۾ پاڪستان ٺهڻ وقت  سنڌو درياهه 72 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي, 225 ملين ٽن لٽ سان اچي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو هو، جيڪو 1960ع ۾ گهٽجي 50 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ۽ 50 ملين ٽن لٽ تي پهچي ويو. 1960ع کان پوءِ ڊيلٽا ۾ ايندڙ پاڻي ۽ لٽ هر سال گهٽجي رهي آهي ۽ هاڻي ته اهو حال آهي جو صرف ٻوڏ وارن سالن ۾ پاڻي سمنڊ ۾  وڃي ٿو۔ اهو به صرف سانوڻي جا ٽي مهينا ۽ باقي سڄو سال ڪوٽڙي بئراج کان هيٺ درياهه ۾ واري اڏامندي نظر ايندي آهي. ڪنهن وقت ۾ سنڌ جو ماڻهو فخر سان چوندو هو ته اسانجو سنڌو اچي سمنڊ ۾ ملي ٿو، ان کي پوئتي ڌڪي سمنڊ جي علائقي تي قابض ٿئي ٿو. هاڻي ڳالهه بلڪل ان جي ابتڙ آهي۔ هاڻي سمنڊ، سنڌو درياهه ۾ وهڻ لڳو آهي. حڪومت پاڪستان جي طرفان جاري ڪيل دستاويزن ۾ اهو مڃيو ويو آهي ته انڊس ڊيلٽا جي 92 سيڪڙو ايراضيءَ تي سمنڊ قبضو ڪري چڪو آهي. ملڪ جي مايه ناز پاڻي ماهر ڊاڪٽر حسن عباس جي چوڻ مطابق ڊيلٽا جي 95 ايڪڙ زمين روزانو سمنڊ پائي رهيو آھي۔

انڊس ڊيلٽا جنهن ۾ ڪنهن وقت ۾ وڏا وڏا بندر هوندا هئا، انهن بندرن تان وڻجارن جو پرڏيهه  وڃڻ ۽ ٻارهين مهيني موٽڻ ڪري وڻجارين جي  انتظار ۽ اوسيئڙي جو بيان لطيف سائينءَ جي سر سامونڊيءَ مان پسي سگهجي ٿو. مثال طور هي بيت:

اڃان وئڙم ڪالهه، مون ليکيندي ورهه ٿيا،

من ماندو تن لئي، جئن سا ڦلن مال،

اڱڻ ايندم شال، آشر ڀڙي آهيان.

انڊس ڊيلٽا جيڪو تاريخ جي مختلف دورن ۾ سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ پڻ رهيو آهي، اتان جا ماڻهو هاڻي مٺي پاڻيءَ لاِءِ پريشان آهن.  هڪ  مثال مان منهنجي ڳالهه واضح ٿي ويندي. تقريبن ٽي سال پهرين جاتيءَ جي پاسي مزدورن پنهنجي ساٿي مزدور گل ملاح کي پيئڻ جو پاڻي ڪٿان ڀري اچڻ جو چيو. اهو همراهه شام تائين نه موٽيو. جڏهن هن جي ڳولا ڪئي وئي ته هڪ خالي تلاءُ وٽ دلي سان هن جو لاش مليو۔ دنيا ۾ بک وگهي مرڻ جا ته مثال ملن ٿا، پر اڃ وگهي ماڻهو مرڻ جو مثال صرف سنڌو ساگر ۾ ملي ٿو. اڄ انڊس ڊيلٽا ۾ نه اهي بندر رهيا، نه بازاريون، نه اهي وڻجارا رهيا ۽ نه ئي وڻجاريون. انڊس ڊيلٽا جي موجوده صورت حال لطيف سائينءَ جي هن بيت جهڙي آهي:

نه سي وونئڻ وڻن ۾، نه سي ڪاتياريون،

پسيو بازاريون، هينئڙو مون لوڻ ٿئي.

اچو ته ڏسون اڄ سنڌو ساگر جو اهو حال ڇو ٿيو آهي ۽ انهيء جو اسان تي ڪهڙو اثر پيو آهي. انڊس ڊيلٽا جو اهو حال هڪ ڏينهن ۾ نه ٿيو آهي، اهو داستان صدين تي محيط آهي. ان جي شروعات 1856ع ۾ ٿي، جڏهن سنڌو درياهه تي رنڊڪون وجهي زنجيرن ۾ جڪڙڻ جي شروعات ڪئي وئي. ان جو آخري وار 1960ع ۾ ڪيو ويو، جڏهن سنڌو درياهه جي ٽن ڀرتو ندين جو هندستان سان سودو ڪيو ويو. انهيء سودي جي عيوض ملندڙ رقم مان وري سنڌو درياهه جي بدن ۾ ڀالا ٽنبي، ان جو پاڻي وڪرو ڪيل ندين جي زمينن کي آباد ڪرڻ لاءِ کنيو ويو.

(هلندڙ)