اڄ انتھائي دکي دل ۽ ڀنل نيڻن سان اھو ٻڌائڻو پيو پوي ته سنڌ جو پاڻي ماھر، سنڌو درياهه جو وڪيل ۽ پاڻيءَ جي حقن جو اڻٿڪ جاکوڙي محمد ادريس راجپوت اسان کي هميشه لاءِ الوداع ڪري ويو آهي. هن جي وفات سنڌ لاءِ نه رڳو هڪ ذاتي ڏک آهي، پر هڪ قومي سانحو پڻ آهي. سنڌ، درياءَ جي حفاظت ۽ پاڻيءَ جي انصاف واري ورهاست جي جنگ وڙهندڙ هڪ بهادر سپوت وڃائي ويٺي آهي. سنڌ هڪ اهڙي عظيم فرزند کان محروم ٿي وئي آهي، جنهن پنهنجي سڄي حياتي سنڌو درياهه، پاڻيءَ جي حقن ۽ سنڌ جي وجود لاءِ وقف ڪري ڇڏي هئي. محمد ادريس راجپوت جو لاڏاڻو رڳو هڪ شخص جو وڇوڙو نه آهي، پر اها سنڌ جي اجتماعي شعور، جدوجهد ۽ فڪري مزاحمت جو وڏو نقصان آهي. هن جي لاڏاڻي سان سنڌ هڪ سچي وڪيل، هڪ بي ڊپي آواز ۽ هڪ اڏول محافظ کان محروم ٿي وئي آهي.
محمد ادريس راجپوت سنڌ جي ايريگيشن کاتي جو اڳوڻو سيڪريٽري هو، جنهن پنهنجي زندگيءَ جو وڏو حصو سنڌو درياهه جي بچاءُ ۽ سنڌ جي پاڻيءَ جي حقن لاءِ وقف ڪري ڇڏيو. هو نه رڳو هڪ اعليٰ آفيسر هو، پر سنڌوءَ جو هڪ سچو وڪيل هو، جيڪو مختلف فورمن تي، سيمينارن ۾ ۽ ميڊيا ۾ سنڌ جي پاڻيءَ جو ڪيس وڙهندو رهيو. هن 1991ع جي پاڻي ٺاهه جي خلاف ورزين تي بيباڪ نموني آواز اٿاريو. هن ڊائون اسٽريم ڪوٽڙي ۾ پاڻيءَ جي ڇوڙ تي زور ڏنو، جيڪو انڊس ڊيلٽا جي بچاءُ لاءِ ضروري آهي، ۽ چيو ته پنج ھزار ڪيوسڪس پاڻي روزانو ڇڏڻ گهرجي. هن جي ماهراڻي راءِ هميشه سائنسي ۽ تاريخي حقيقتن تي ٻڌل هئي، ۽ هو سنڌ جي زراعت ۽ ان سان لاڳاپيل ماڻهن جي حقن جو محافظ هو. ادريس راجپوت جي بهادريءَ جو هڪ وڏو مثال اھو آهي ته هن جنرل پرويز مشرف جي سامهون کليل طور تي ڪالاباغ ڊيم جي مخالفت ڪئي. جڏهن مشرف دور ۾ ڪالاباغ ڊيم کي تعمير ڪرڻ جي ڳالهه ٿي، تڏهن ادريس راجپوت سميت پاڻي ماهرن چتاءُ ڏنو ته هي ڊيم سنڌ جي وجود لاءِ خطرو آهي. اهو سنڌ جي حصي جو پاڻي گهٽائيندو، ڊيلٽا تباهه ڪندو ۽ سامونڊي پاڻيءَ جي داخلي حملي کي وڌائيندو. اهڙي دور ۾، جڏهن خوف جو ماحول هو ۽ اختلاف ڪرڻ جرم سمجهيو ويندو هو، ادريس راجپوت بي خوف ٿي سنڌ جي آواز بڻيو. هن صاف لفظن ۾ چيو ته ڪالاباغ ڊيم سنڌ لاءِ موت برابر آهي.
ھن عظيم پاڻي ماھر جي تحريرن سنڌ جي عوام کي شعور ڏنو ۽ سنڌوءَ جي پاڻيءَ جي تحفظ جي مھڙ واري مورچي جو بھادر سپاھي ھو. هن جي لکڻين ۾ سنڌوءَ جي ماحولياتي اهميت، پاڻي ٺاهه تي عمل ۽ سنڌ جي حقن تي تفصيلي تجزيا موجود آهن. راجپوت صاحب جون تحريرون سنڌ جي واٽر پاليسيءَ لاءِ هدايت ناما آهن. راجپوت صاحب لاءِ سنڌو درياهه صرف پاڻيءَ جو وهڪرو نه هو، پر سنڌ جي تهذيب، سڃاڻپ ۽ بقا جو اهڃاڻ هو. جڏهن به سنڌ جي پاڻيءَ تي وار ٿيو، ادريس راجپوت جو آواز پڙاڏا پيدا ڪندڙ ۽ نالو سڀ کان اڳيان نظر آيو. راجپوت صاحب پاڻيءَ جي قانون، عالمي معاهدن ۽ بين الصوبائي حقن جي گهري ڄاڻ رکندڙ هو. هن ڪڏهن به مصلحت يا ذاتي مفاد کي سنڌ جي مفاد تي فوقيت نه ڏني. ڪيترائي ڀيرا کيس دٻاءُ، ڌمڪيون ۽ اڪيلائپ به ملي، پر هن جي همت ڪڏهن به ڪمزور نه ٿي.
ادريس راجپوت صاحب قلم جو به بهادر سپاهي هو. سندس لکڻيون، مضمون ۽ ڪتاب سنڌ جي پاڻيءَ واري جدوجهد جو فڪري سرمايو آهن. محمد ادريس راجپوت جي وفات سان هڪ دور جي پڄاڻي ٿي. اهو دور، جنهن ۾ پاڻيءَ جي سياست ۾ ضمير جي ڳالهه به ٿيندي هئي. هاڻي اها ذميواري اسان سڀني تي آهي ته هن جي ڇڏيل جدوجهد کي اڳتي وڌايون، سنڌو درياهه جي حفاظت ڪريون ۽ سنڌ جي حقن لاءِ آواز بلند رکون.