سنڌوءَ مان 6 ڪئنال ڪڍڻ خلاف خيرپور ۾ احتجاجي مظاهرو، ريلي
ڊسمبر 22, 2024
خيرپور (رپورٽر) خيرپور ۾ ڪميونسٽ آف پاڪستان سنڌ هاري ڪميٽي طرفان سنڌو درياهه مان غير قانوني ڪئنال ڪڍڻ خلاف پنجگلا چوڪ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، ريلي جي اڳواڻي ڪميونسٽ پارٽي پاڪستان جو جنرل سيڪريٽري امداد قاضي، هاري ڪميٽي جو مرڪزي صدر مير منور حسين ٽالپور، ڪامريڊ اقبال، ايڊووڪيٽ، فياض خميساڻي، ايڊووڪيٽ نثار سومرو ڪري رهيا هئا، ريلي کي خطاب ڪندي، اڳواڻن چيو ته وفاق پاران پنجاب جي بنجر زمين کي آباد ڪرڻ لاءِ سنڌو درياهه مان غير قانوني ڪئنال ڪڍڻ کي مڪمل رد ڪيون ٿا، هنن چيو ته سنڌ صوبي ۾ اڳ ئي پاڻيءَ جي کوٽ آهي جنهن سبب سمنڊ سنڌ جي زمين کي پائيندو پيو وڃي، هنن چيو ته سنڌو درياهه مان جيڪڏھن ٻيا ڪئنال ڪڍيا ويا ته سنڌ جي لکين ايڪڙ زرعي زمين بنجر بڻجي ويندي غربت ۾ اضافو ٿيندو.