سنڌو تان مهاڻي جو مجسمو چوري

جُون 11, 2025

ڄامشورو ( پنهنجي ڊيسڪ ) ڪوٽڙيءَ ۾ حيدرآباد ويندڙ پراڻي پل جي ويجهو سنڌو درياهه جي ڪناري ٻيڙيءَ تي بيٺل مهاڻي جو مجسمو چوري ٿي ويو آهي

هي مجسمو جيڪو ڪيترن ئي سالن کان سنڌي ثقافت ۽ ملاحن جي جدوجهد جي علامت طور بيٺل هو، سو هاڻ جڳهه تي موجود ناهي،

علائقي واسين انتظاميا کان مطالبو ڪيو آهي ته جلد کان جلد هن واقعي جي جاچ ڪئي وڃي،

شهرين ۽ ساڃاھ وندن مطالبو ڪيو آهي ته مهاڻي مجسمو واپس آندو وڃي ۽ اهڙن هنڌن تي مناسب سيڪيورٽي جو بندوبست ڪيو وڃي ته جيئن سنڌ جي ثقافتي ورثي کي بچائي سگھجي

لاڳاپيل پوسٽون

  • سجاول جوڻيجو ڀرسان 2 ناريون مبينا اغوا

  • مهانگائي چارسيڪڙو کان به گهٽ آهي: خواجه آصف

  • ڪوٽ غلام محمد: ناري ۽ نوجوان پاران مبينا آپگهات

  • راڻيپور لڳ جهيڙو ، 2 ڄڻا قتل