سنڌو تي وچولي درجي جي ٻوڏ: اڄ ۽ سڀاڻي تيز برسات جي اڳڪٿي

جُولاءِ 25, 2023

ڪراچي(پنهنجي ڊيسڪ) سنڌو درياهه جي سمورن بئراجز تي وچولي درجي جي ٻوڏ ڊڪليئر ڪئي وئي آهي، ڪابل ندي وٽ اڄ مٿانهين درجي جي ٻوڏ جا امڪان ظاهر ڪيا ويا آهن

 ارسا پاران جاري ڪيل انگ اکرن موجب تربيلا تربيلا ڊيم ۾ پاڻي جا مٿانهان وهڪرا 3 لک 50 هزار ڪيوسڪس تائين پهچي ويا آهن ڪابل نديءَ وٽ پاڻي وهڪرا 83 هزار 9 سئو ڪيوسڪس ٿي ويا آهن

هوڏانهن سنڌ سوڌو سموري ملڪ ۾ هلندڙ هفتي چوماسي جو نئون اسپيل اچڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي موسميات کاتي چيو آهي ته نار بنگال ۽ عربي سمنڊ مان چوماسي جون هوائون ملڪ ۾ داخل ٿي رهيون آهن

 اڄ ۽ سڀاڻي بلوچستان، سنڌ ۽ پنجاب ۾ تيز برسات پئجي سگهي ٿي، ڪي پي، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتسان ۾ وقفي وقفي سان برسات جاري رهڻ جا امڪان آهن

 ڪراچي، حيدرآباد، ٺٽو، ميرپور خاص، سکر، لاڙڪاڻو ۽ ٻين شهرن ۾ به برسات جاري رهڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي

Leave A Comment