سنڌو جو محافظ ادريس راجپوت لاڏاڻو ڪري ويو

سنڌو جو محافظ ادريس راجپوت لاڏاڻو ڪري ويو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌو درياءَ جو محافظ محمد ادريس راجپوت 75سالن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، سنڌ جي آبپاشي سيڪريٽري ۽ ارسا ميمبر طور وفاقي حڪومتِ کي 1991 واري پاڻي ٺاھ لاءِ سدائين خط لکندو رھيو، ھو تڪراري رٿائن ۽ سنڌو درياءَ مان پاڻي ڪٽوتي جو سدائين مخالف رھيو. پاڻي معاملن جي ماھر سنڌ جي پاڻي مامرن تي 14 ڪتاب لکيا، محمد ادريس راجپوت 20 نومبر 1941ع تي ديندار خان راجپوت جي گھر  ڀارت جي ضلعي ”گڙگائون“ جي هڪ ڳوٺ ”نُوهه“ (Nuh) ۾ پيدا ٿيو. ورهاڱي وقت سندس ڪٽنب پاڪستان ڏانهن لڏپلاڻ ڪئي، اهي پهريائين ٽنڊي الهيار، پوءِ ٺارو شاھ ۽ آخر قمبر ۾ اچي ويٺا. ننڍ پڻ ۾ ماءُ جي لاڏاڻي سبب کيس ڏاڏيءَ پاليو. ج هن ابتدائي تعليم 1955ع ۾ مين پرائمري اسڪول قمبر ۽ مئٽرڪ 1959ع ۾ ميونسپل هاءِ اسڪول قمبر مان پهرين پوزيشن سان حاصل ڪئي. هن انٽر سائنس (ميٿميٽڪس) ۾ به 1961ع ۾ گورنمينٽ ڪاليج حيدرآباد مان فرسٽ ڊويزن ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪئي. سندس والد جي خواهش کيس ڊاڪٽر ڪرڻ جي هئي، پر پنهنجي شوق سبب هن سول انجينئرنگ (1965ع ) ۾ بِي، اِي اين اِي ڊِي يونيورسٽي ڪراچيءَ مان فرسٽ ڪلاس ۾ گولڊ ميڊل ماڻي حاصل ڪئي. ان کانپوءِ هي 1966ع ۾ آبپاشي کاتي ۾ اسسٽنٽ انجينئر مقرر ٿيو، ترقي ڪندي، صوبائي سيڪريٽري آبپاشي ٿيو.  19 نومبر 2001ع تي رٽائر ڪيائين