سنڌو درياهه تي 6 ڪئنالن خلاف مٽياري ۾ جسقم جو تاريخي ڌرڻو، روڊ بلاڪ

ڊسمبر 16, 2024

مٽياري (رپورٽر) سنڌو درياءَ مان ڇهه ڪئنال ڪڍڻ خلاف جسقم چيئرمين صنعان قريشي جي اڳواڻيءَ ۾ ٺارو شاهه روڊ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي آهي، جيڪا شهر جي مختلف علائقن مان ٿيندي قومي شاهراهه تي پهتي، جتي ڌرڻو هنيو ويو، ڌرڻي سبب پنجاب ۽ ڪراچي ويندڙ ٻنهي روڊن جي پاسن کان سوين گاڏيون بيهي ويون، ان موقعي تي جسقم چئيرمين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌو درياءَ مان ڇهه ڪئنال ڪڍڻ واري عمل کي مڪمل طور تي رد ڪيون ٿا، سنڌو درياءَ سنڌ جي ماڻھن جو جياپو آھي، ھن چيو ته سنڌو درياءَ کي بچائڻ ھر سنڌي ماڻھو جي ذميواري آھي، اسان سنڌو درياءَ تي ڪوبه ڊيم يا ڪئنال ٺاھڻ قبول نه ڪنداسين،جسقم چيئرمين چيو سنڌ اسانجي آهي، سنڌ جا وارث اسان آهيون،سنڌو درياهه اسانجو واحد ۽ آخري وسيلو آهي، اسان کان سڀ وسيلا کنڀجي چڪا آهن، هي واحد وسيلو آهي، جنهن تي اسان پنهنجيون زمينون آباد ڪريون ٿا، جيڪو به هي ڇهه ڪئنال ٺاهي اسان کان کسڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي، جيڪو اسان هرگز قبول نه ڪنداسين، اسان پنهجي ڌرتيءَ جي مالڪي ڪنداسين،17جنوري تي وڌيڪ ٻيو اهم اعلان ڪنداسين ته ڪهڙي هنڌ ٻيون ڌرڻو هڻڻو آهي، سنڌ جي وارثن کي هاڻ هر ڳوٺ، هر وسندي مان نڪرڻ گهرجي، اسان سنڌي ماڻهن کي پنهنجا حق نه ملن پر ڪراچي ۾ سنڌين کي سرعام قتل ڪيو ٿو وڃي تازو ئي هاڻ جيڪو واقعو ٿيو آهي زاهد ميراڻي جنهن جو ڏوهه اهو ته هو پنهجي ٻچن جو گذر ڪري رهيو هو، اسان ان جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا ۽ قاتل جي فوري طور تي گرفتاري جو مطالبو ڪيون ٿا. جسقم ڌرڻي کي مرڪزي اڳواڻن پڻ خطاب ڪيو.

ميرپورخاص ۾ ڪئنالن خلاف سوين آبادگارن ۽ هارين جو پيادل مارچ، 3 ڪلاڪ ڌرڻو

ميرپورخاص(بيورورپورٽ) ميرپورخاص ۾ ڪئنالن خلاف سوين آبادگارن ۽ هارين جو پيادل مارچ، 3 ڪلاڪ ڌرڻو خبر موجب آبادگار ۽ ھاري اتحاد ميرپورخاص طرفان سنڌو درياءَ جي پاڻي تي نوان ڪئنال ڪڍڻ خلاف آبادگارن پاران نئون ڪوٽ، ڊگھڙي، ڪوٽ غلام محمد، عمرڪوٽ، ميرواھ گورچاڻي ۽ ٻين علائقن کان الڳ الڳ ريليون ڪڍيون ويون، جيڪي بعد ۾ ميرپورخاص جي ريلوي اسٽيشن چوڪ تي پھتيون، جتان مرڪزي ريلي جي صورت ۾ آبادگار ۽ ھاري نون ڪئنالن جي صورت ۾ سنڌوءَ جي پاڻي تي لڳندڙ ڌاڙي خلاف نعريبازي ڪندا ميرپورخاص پريس ڪلب پھتا، جتي 3 ڪلاڪن تائين ڌرڻو ھنيو ويو، ان موقعي تي آبادگار اڳواڻ ۽ مشھور انبن جي باغائي فيصل ڪاڇيلي چيو ته پاڻي بند ٿيو ته زراعت تباھ ٿيندي ۽ زرعي انڊسٽريز، شگر ملون، ڪاٽن فيڪٽريون، آئل ملز ۽ ٻِيا ڪارخانا بند ٿي ويندا، هاري ۽ آبادگار اتحاد جي اڳواڻ ڊاڪٽر دلدار لغاري چيو ته پاڻي زندگي ۽ موت جو مسئلو آهي، سنڌ جا ماڻهو سنڌوءَ درياهه کي بچائڻ لاءِ ڪابه قرباني ڏيڻ کان نه لنوائيندا، عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ نور احمد ڪاتيار، ارباب انور، ميرپورخاص ھاءِ ڪورٽ بار جي صدر علي حسن چانڊيو، ايس يو پي جي امير علي ٿيٻو، سيد بشير شاهه، پي ٽي آءِ اڳواڻ آفتاب قريشي، احسان جروار، قومي عوامي تحريڪ جي انور نوحاڻي، اياز کوسو، لالا اظھر پٺاڻ، ايڊووڪيٽ رامچند ارجنا ۽ ٻين چيو ته اڳ ۾ سنڌ جون زميون، ڪوئلو، گئس، سمنڊ ۽ ڪارونجھر کسيو ويو، ھاڻي جيئڻ جو واحد ذريعو پاڻي به کسيو پيو وڃي.

سنڌوءَ تي ڪئنال اڏڻ خلاف عوامي پورهيت تحريڪ به سراپا احتجاج، ڌرڻو

واهي پانڌي (ن پ ا) واهي پانڌي ۾ عوامي پورهيت تحريڪ طرفان سنڌو درياهه مان ڇھ ڪئنال ڪڍڻ خلاف دودو برهماڻي کان واهي پانڌي شهر تائين شارٽ مارچ ڪيو جنهن ۾ عورتن سميت سوين شهري جي شرڪت ان شارٽ مارچ کي خطاب ڪندي عوامي پورهيت تحريڪ جي مرڪزي صدر جي اين کوسو، مرڪزي جنرل سيڪريٽري ماروي پليجو، غلام رسول لغاري ٻين خطاب ڪندي چيو ته سنڌو درياءَ تي ڇهن نون ڪئنال ڪڍيا پيا وڃن جنهن سان سنڌ بنجر بڻجي ويندي ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ سنڌ جي زمينن تي ڌرين کي قبض ڪيو پيو وڃي هن چيو ته غير ملڪي دهشتگرد ڌرتي ڌڻين کي قتل ڪري رهيا آهن، پيپلز پارٽي سرڪار دهشتگردن کي نيڪالي ڏيڻ لاءِ تيار ناهي. سنڌي ماڻهن کي پنهنجن شهرن ۾ روزگار ڪرڻ نٿو ڏنو وڃي، سنڌين کان روزگار جا وسيلا ڦري غيرملڪي دهشتگردن حوالي ڪيا پيا وڃن. پيپلز پارٽي سرڪار سنڌ ۾ آيل غير قانوني غير ملڪين جي سرپرستي ڪري رهي آهي. هنن مطالبو ڪيو ته سنڌ ۾ موجود سمورن غير قانوني غير ملڪين کي سپريم ڪورٽ جي حڪمن موجب ملڪ نيڪالي ڏني وڃي، هن چيو ته پرامن جمهوري جدوجهد ذريعي سنڌ دشمن سازشن جو هر باشعور فرد مقابلو ڪندو ۽ سنڌو درياهه جي پاڻي ڌاڙو ڪنهن صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو.

سنڌوءَ تي ڪئنال اڏڻ خلاف ايس يو پي جون ريليون: مظاهرا: ڌرڻا

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌو درياهه تي نوان ڪئنال اڏڻ خلاف ايس يو پي طرفان مختلف شهرن ۾ پيادل مارچ ڪري مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا، ڄامشورو ۾  ايس يو پي پاران  سنڌوءُ تي ڪئنال اڏڻ خلاف روشن ٻرڙو،خدا بخش ٿيٻو،علي اصغر سولنگي،منور خاصخيلي جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، شهدادڪو ۾ الهداد خشڪ، آصف مگسي، حمل خشڪ، منصور ميرجت، سڪندر خشڪ، فياض ميرجت، زين سنڌي، عامر علي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي ڪوٽو موٽو چوڪ  تي احتجاج ڪيو ويو. سڪرنڊ ۾ ڳوٺ مجيد ڪيريو کان 7 ڪلوميٽر پيادل مارچ ڪري ميڊيا سينٽر تي پهچي غلام مصطفيٰ ڪيريو، ايوب کوسو، قاسم سومرو، امام علي جمالي، غلام حسين جوڻو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ 2 ڪلاڪ ڌرڻو هنيو ويو،  اڳواڻن جو چوڻ هو ته سنڌو مٿان ڪو به ڪئنال ٺهڻ نه ڏينداسين، سنڌ جي ذرخيز زمين کي بنجر بنائڻ جي سازش ٿي رهي آهي، جيڪا سنڌ سان ويساهه گهاتي آهي.

پ پ ش ڀ جا 6 ڪئنالز ڪڍڻ خلاف مظاهرا، ڌرڻا، بک هڙتال

ڪراچي  (نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ پ پ ش ڀ پاران سنڌو درياهه مان 6 ڪينال ڪڍڻ خلاف احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا ۽ بک هڙتال ڪئي وئي، حيدر آباد ۾ڪئنال اڏڻ خلاف شهيد ڀٽو پاران ارشاد خاصخيلي، پرويز بلوچ، رشيد ناريجو، رجب خاصخيلي، امجد سومرو جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو، لاڙڪاڻي ۾ پ پ ش ڀ طرفان المرتضيٰ هائوس کان عبدالستار جاگيراڻي، لياقت علي عمراڻي، محمد سليم چنو، محراب علي ڀٽو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هنيو ويو، نوابشاهه ۾ پ پ شھيد ڀٽو جي ڪارڪنن اعجاز مھيسر، اڪبر سوڍر، مختيار سنڌي، بابر مغيري ۽ ٻينن جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو، جيڪب آباد ۾ پ پ شهيد ڀٽو طرفان سنڌو درياءَ مان نوان ڪئنال ٺاهڻ خلاف نور محمد منجھو، رياض لاشاري، نثار ٽانوري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو، خيرپور ۾ پ پ شهيد ڀٽو طرفان سنڌو درياهه مان غير قانوني ڪئنال ڪڍڻ خلاف مشتاق سرڪي، ضمير سولنگي، عطا ڀٽو، صفت هاليپوٽو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، دادو ۾ پ پ ش ڀ جي ڪارڪنن هاشم کوسو، شهباز علي جمالي، سومر خان پنهور ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، سجاول ۾ پ پ شھيد ڀٽو پاران نظام ميمڻ، محمد خان تارڙو، رشيد آزاد سومرو، نثار ميمڻ، اسحاق ڪوريجو ۽ ٻين جي اڳواڻي احتجاجي مظاھرو ڪيو، قمبر ۾  پ پ شهيد ڀٽو طرفان طفيل سانگاھ، شوڪت چانڊيو، علي نواز لاکو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان بک هڙتال ڪئي وئي، مورو ۾ پ پ ش ڀ جي ڪارڪنن خالد کوسو، خالد چانڊيو، صدام کوکر، مظھر عالماڻي، اصغر زرداري، ھاشم ابڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، اوٻاوڙو ۾ پ پ ش ڀ علي نواز سپيو، نظير ڪلهوڙو، پپو خان سپيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌو درياهه مان 6 ڪينال ڪڍڻ سان سنڌ سڪي تباهه ٿي ويندي، هنن مطالبو ڪيو ته منصوبو رد ڪيو وڃي.

ڪئنالن خلاف عوامي تحريڪ پاران ريلي ۽ ڪانفرنس جو اعلان

سکر (بيورو رپورٽ) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ ساجد مهيسر، سچل ڀٽي، اياز ڪلوڙ، راڻو ڪنڊاڻي، زمان ڪلوڙ، عمر انصاري ۽ ٻين چيو آهي ته 6 نوان ڪينال رد ڪرائڻ تائين احتجاجي تحريڪ جاري رهندي، سنڌو درياءَ ۽ ڌرتي بچايو تحريڪ کي اڃا به وسيع ڪيو ويندو، 22 ڊسمبر تي سکر ۾ ريلي کانپوءِ جنوري جي پهرئين هفتي ۾ اسلام آباد ۾ ڪانفرنس ڪوٺائي ويندي، جنهن ۾ سنڌ، پنجاب، بلوچستان، ڪي پي ڪي ۽ سرائيڪي وسيب سميت سموري ملڪ جي ترقي پسند ڌرين کي دعوت ڏني ويندي، هتي پريس ڪانفرنس ڪندي هنن چيو ته درياهه ۽ ڌرتي بچائڻ لاءِ ملڪ گير جدوجهد تي غور ويچار ڪيو ويندو، هنن چيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ نون ڪينالن جا منصوبا ملڪ کي بدحال ڪرڻ جا منصوبا آهن، عالمي سامراجي قوتون سنڌ سميت سموري ملڪ جي کاڌ خوراڪ جي وسيلن تي مڪمل طور قبضو ڪرڻ چاهين ٿيون، ڪارپوريٽ فارمنگ ذريعي ملڪ کي عالمي سامراجي قوتن جي غلامي جي ڌٻڻ ۾ اڇلايو پيو وڃي، هنن چيو ته گريٽر پنجاب جي فاشسٽ آئيڊيالاجي تحت گريٽر چولستان ۽ گريٽر ٿل ڪينال جا منصوبا آندا ويا آهن، نواز ليگ گريٽر پنجاب جي نشي ۾ ملڪ کي 1971ع وارين حالتن طرف ڌڪي رهي آهي، پ پ غير جمهوري قوتن جي خوشنودي لاءِ نواز ليگ جي گريٽر پنجاب منصوبي جي حمايت پئي ڪري.

بدين ۾ ڪئنالن خلاف احتجاجي مظاهرو، بک هڙتال

بدين (ن پ ا) بدين ۾ اي جي پي جي سڏ تي ڪئنالن خلاف احتجاجي مظاهرو، بک هڙتال خبر موجب عوامي جھموري پارٽي پاڪستان پاران مرڪزي صدر خادم ٽالپر، مير بليدي ۽ محمد ھاشم سومرو جي اڳواڻي ۾ چوليستان ڪئنال منصوبي خلاف ايوان صحافت بدين آڏو احتجاجي مظاھرو ڪرڻ بعد علامتي بک ھڙتال ڪئي وئي، ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته ڏھن سالن کان لاڙ جي علائقن سميت سڄي سنڌ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ آھي، جنھن سبب بدين ۾ سامونڊي پٽي جي لکين ايڪڙ زمين بنجر ٿي وئي آھي ۽ سمنڊ ھزارين ايڪڙ زمين ڳڙڪائي ويو آھي، ھنن مطالبو ڪيو ته فوري طور تي ڪئنال ڪڍڻ وارو فيصلو واپس ورتو وڃي، ٻئي صورت ۾ سڄي سنڌ ۾ احتجاجي مظاھرا ڪيا ويندا.

ميرواهه گورچاڻي ۾ ڪئنالن خلاف آبادگارن جي ريلي، مظاهرو

ميرواھه گورچاڻي (ن پ ا) سنڌو درياهه مان ڪينال ڪڍڻ خلاف  هاري تحريڪ ۽آبادگار اتحاد جي سڏ تي آبادگار اڳواڻ فيصل ڪاڇيلو جي اڳواڻي ۾ ڪاڇيلو فارم کان سوين آبادگارن سان احتجاجي ريلي ڪڍي ميرواهه گورچاڻي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي فيصل ڪاڇيلو ۽ ٻِين اڳواڻن چيو ته اسان جي صبر ۽ پرامن احتجاجن کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي، ڪنهن به صورت ۾ ڪئنال ٺهڻ نه ڏينداسين.

پيرو لاشاري ۾ ايس ٽي پي جي سڏ تي ڪئنالن خلاف ريلي، ڌرڻو

پيرولاشاري (ن پ ا) پيرولاشاري ۾ چولستان ڪئنال منصوبي خلاف ايس ٽي پي اڳواڻ مظهر حسين ڪھيري جي اڳواڻي ۾ المرتضيٰ پيٽرول پمپ کان ريلي ڪڍي شهر جي مين چوڪ حيدرآباد بدين روڊ تي ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي وئي، ان موقعي تي ايس ٽي پي اڳواڻن مظهر حسين ڪهيري، غلام اڪبر لاشاري، افتخار لغاري، سماجي اڳواڻ مير اعجاز احمد ٽالپر ۽ ٻين اڳواڻن چيو ته اقتدار ڌڻي ٻڌي ڇڏين، سنڌوءَ خلاف ڪابه سازش برداشت نه ڪنداسين، سنڌو درياهه کي بچائڻ لاءِ هر فورم تي احتجاج ڪنداسين.

Leave A Comment