سکر(بيورو رپورٽ)سنڌوءَ ۾ چاڙهه بعد ڪچي ۾ ننڍي ٻوڏ، پاڻي بچاءَ بندن سان ٽڪرائجي ويو، ڪيترائي ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا، پڪي سان رابطو ڪٽجي ويو
تفصيل موجب سنڌو درياهه ۾ پاڻي ۾ واڌ ٿيڻ سبب ننڍي ٻوڏ کان پوءِ پاڻي ڪنگري جي جمشيد لوپ بند، فريد آباد بچاءُ بند سان ٽڪرائجي ويو، جنهن سبب سڄڻ مھيسر، درياءُ خان شيخ، فقير فاضل راھوجا ڳوٺ پاڻي جي گھيري ۾ اچي ويا آهن
تڳيل، موھل برادي، جتوئي ، گل حسن مڱڻيجو سميت مختلف ڳوٺن ۾ پڻ پاڻي داخل ٿي ويو آهي، قاضي احمد جو ڪچو به ٻڏي ويو، انب جوڻيجو، ڪشور پور، عبدالڪريم ڀٽو، ربنواز ڪلوئي، راضي جتوئي ۽ ٻيا ڳوٺ پاڻي ھيٺ اچي ويا آهن
ٻوڏ جو پاڻي لاکاٽ بچاءُ بند سان ٽڪرائجڻ سبب پاڻيءَ هيٺ آيل ڳوٺن جا رهواسي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ٿي ويا آهن جڏهن ته سيوهڻ تعلقي جي يوسي ٽلٽي ۽ ٻنڀا سخت متاثر ٿيا آهن
دريديرو، نورنبي هاليپوٽو، ڀورل جتوئي، ڳوٺ بلاولپور، نئون واهڻ، ٻگهيا، جهنڊياڻي، ڪچا راڌڻ سميت 30 ڳوٺن جي چوطرف پاڻي ئي پاڻي بيٺل آهي
آبپاشي اختيارين موجب سنڌوءَ ۾ 2 لک ڪيوسڪ پاڻي رڪارڊ ڪيو ويو آهي جڏهن ته وهڪرو تيزي سان ڪوٽڙي بئراج طرف وڌي رهيو آهي، کيرٿر تي طوفاني وسڪارن بعد ڪاڇي جون نيئون تاروتار وهي رهيون آهن
نئين گاج جي وهڪري سبب ڇِني-جوهي روڊ جي پل جو هڪ پاسو لڙهي ويو، جوهي سان ڇني، ٽنڊو رحيم خان، شاھ حسن يوسيز جو زميني رابطو مڪمل طور ڪٽجي ويو آهي
گذريل سال ٻوڏ بعد پل جي مرمتي ڪم ۾ ناقص مٽيريل استعمال ڪيو ويو، نئين گاج جي وهڪري سبب بند ٿيل ڪاڇي جا رستا بحال نه ٿي سگھيا، حاجي خان روڊ ۽ جوهي ڇني روڊ هفتو گذرڻ باوجود بند پيل آهي جنهن سبب ڪاڇي واسي سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن
جوهي-واهي پانڌي روڊ کي جزوي طور بحال ڪيو ويو، رستا بند هجڻ ڪري ڪاڇي جي يوسي ڊرگھه بالا، ڇني ۽ ساوڙو جي سوين ڳوٺن ۾ کاڌ خوراڪ شين جي کوٽ پيدا ٿي وئي آهي