سنڌو واري جي درياءَ ۾تبديل: ماهرن جون سفارشون رد: ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ ربيع ۾رڳو 0.47 ايم اي ايف پاڻي ڇوڙ
اپريل 7, 2025
سکر (رپورٽ: ممتاز بخاري) ڪوٽڙي کان هيٺ سپت سنڌو پاڻي بجاءِ واري جي درياءُ ۾ تبديل: ربيع جي 6 مهينن دوران 0.47 ايم اي ايف پاڻي ڇوڙ: ڊيلٽا ۾ سمنڊ جي چڙهت جاري، ان ڏس ۾ ارسا جي جاري ڪيل انگن اکرن موجب ربيع مند جي ڇهن مهينن دوران ڪوٽڙي بئراج کان هيٺ ( ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم) ۾ رڳو 0.470 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ڇوڙ ٿي سگهيو آهي، جنهن ۾ سنڌ ۽ بلوچستان ۾ پيل برساتن وارو پاڻي به شامل آهي جيڪو منڇر مان اڙل واهه وسيلي سنڌو درياءِ ۾ شامل ٿيو. پهرين آڪٽوبر 2024ع کان 13 مارچ 2025ع دوران ڪوٽڙي کان هيٺ ويندڙ پاڻي ڊيلٽا تائين به مشڪل سان پهچي سگهيو. ارسا ذريعن موجب 0.470 ملين ايڪڙ فوٽن مان 0.291 ايم اي ايف پاڻي رڳو هڪ مهيني آڪٽوبر 2024ع ۾ آيو. انهي ۾ ٻوڏ ۽ برسات جو پاڻي شامل هو. نومبر 2024ع دوران رڳو 0.107 ملين ايڪڙ فوٽ ڪوٽڙي کان هيٺ ويو. ڊسمبر 2024ع تائين رڳو 0.398 ايم اي ايف پاڻي ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ ڇوڙ ٿيو . هلندڙ سال جي جنوري، فيبروري ۽ مارچ مهينن ۾ رڳو 0.072 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ڪوٽڙي کان هيٺ ويو پر ڊيلٽا تائين رڳو 10سيڪڙو پاڻي به پهچي نه سگهيو، آبپاشي ماهرن موجب ڪوٽڙِي بئراج لاءِ گذريل ڇهه مهينا ڀيانڪ پاڻي کوٽ وارا رهيا آهن. ڪوٽڙي کان هيٺ رڳو واري اڏامندي رهي آهي، ماهرن موجب مشرف دور ۾ اي اين جي عباسي جي سربراهي ۾جڙيل فني ڪاميٽي توڙي عالمي ماهرن پنهنجي اڀياس ۾ انڊس ڊيلٽا بچائڻ لاءِ ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ روزانو 5000 ڪيوسڪ (ساليانو 8.5ايم اي ايف) پاڻي ڇڏڻ ۽ درياءُ مان سلٽ ڌڪڻ ( واري ڪڍڻ ) لاءِ 5 سالن ۾ 25 ايم اي ايف پاڻي ڇڏڻ جي سفارش ڪئي هئي.