سنڌو ۽ جهلم درياءَ تي ڊيمن جي ڳالهه ڪري سگهجي ٿي، صوبن سان پاڻي روڪڻ ۽ محفوظ بڻائڻ بابت مشاورت ڪنداسين: وفاقي سرڪار

سنڌو ۽ جهلم درياءَ تي ڊيمن جي ڳالهه ڪري سگهجي ٿي، صوبن سان پاڻي روڪڻ ۽ محفوظ بڻائڻ بابت مشاورت ڪنداسين: وفاقي سرڪار

اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) وزيراعظم ايندڙ چوماسي ۾ امڪاني 20 کان 25 سيڪڙو کان وڌيڪ ٻوڏ جي خطرن ۽ موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ لاءِ منصوبي جي منظوري ڏئي ڇڏي، وفاقي سرڪار چيو آهي ته سنڌو ۽ جهلم درياءَ تي ڊيمن جي ڳالهه ڪري سگهجي ٿي، صوبن سان پاڻي روڪڻ ۽ محفوظ بڻائڻ بابت مشاورت ڪنداسين. تفصيل موجب وزيراعظم جي صدارت هيٺ ملڪ ۾ موسمياتي تبديلي جي مُضر اثرن کان بچاءَ بابت حڪومتي حڪمت عملي جو جائزو وٺڻ لاءِ اجلاس ٿيو جنهن ۾ سنڌ جو  وڏو وزير مراد شاهه، گهرو وزير محسن نقوي، احسن اقبال، مصدق ملڪ ۽ ٻيا عملدار شريڪ ٿيا، اين ڊي ايم اي، موسمياتي تبديلي ۽ رٿابندي وزارت ايندڙ چوماسي بابت پلان پيش ڪيو . وزيراعظم شهباز شريف ايندڙ مون سون لاءِ 250 ڏينهن واري پلان جي منظوري ڏئي ڇڏي، جڏهن ته موسمياتي تبديلي ۽ رٿابندي وزارت سوڌو اين ڊي ايم اي کي گڏيل حڪمت عملي جوڙي فوري عمل جو حڪم ڏنو ويو. اين ڊي ايم اي چيئرمين موجب پاڪستان موسمياتي تبديلي سبب متاثر ملڪن ۾ چوٿين يا پنجين نمبر تي آهي، گلگت بلتستان ۾ معمول کان وڌيڪ برفباري رڪارڊ ڪئي وئي، اجلاس بعد وفاقي وزير مصدق ملڪ اين ڊي ايم اي چيئرمين سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته سنڌو درياءَ ۽ جهلم درياءَ تي ڊيمن جي ڳالهه ڪري سگهون ٿا، راوي، ستلج ۽ چناب ۾ رڳو اڍائي مهينا پاڻي وڌيڪ ايندو آهي، تجويزون تيار ڪيون آهن، صوبن سان شيئر ڪنداسين ته پاڻي کي ڪيئن روڪي ۽ محفوظ بڻائي سگهجي ٿو، مصدق ملڪ چيو ته ايندڙ سال چوماسو هلندڙ سال کان 26 سيڪڙو وڌيڪ شديد هوندو، ايندڙ شديد چوماسي کي منهن ڏيڻ لاءِ وڏا فيصلا ڪيا آهن، 250 ڏينهن جو مون سون پلان ۽ ارلي وارننگ سسٽم فوري طور فعال ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، پاڻيءَ جي لنگهن تي حددخليون ۽ قبضا ختم ڪيا ويندا. هن چيو ته هاڻي ارلي وارننگ جون گھنٽيون تعلقي سطح تي اي سي آفيسن ۾ به وڄنديون