سنڌين کان ڌرتي کسڻ لاءِ حربا استعمال ڪيا پيا وڃن: قادر مگسي

سنڌين کان ڌرتي کسڻ لاءِ حربا استعمال ڪيا پيا وڃن: قادر مگسي

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي حيدرآباد ڊويزن جو اهم اجلاس پارٽي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي جي صدارت هيٺ حيدرآباد ۾ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ حيدرآباد، مٽياري، ٽنڊو محمد خان ۽ ڄامشورو ضلعن جي ضلع اڳواڻن شرڪت ڪئي.اجلاس کي خطاب ڪندي سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ھن چيو ته سنڌ جي موجوده جدوجهد ڪنهن هڪ مسئلي تائين محدود ناهي پر اها سنڌ جي بقاءَ، سڃاڻپ ۽ وسيلن جي تحفظ جي جدوجهد آهي. هن چيو ته سنڌ جي قدرتي وسيلن کي منظم سازشن تحت يرغمال بڻايو ويو آهي ۽ سنڌين کان سندن ڌرتي کسڻ لاءِ مختلف طريقن سان منصوبا بندي ڪئي پئي وڃي، پر سنڌ جو شعور رکندڙ عوام پنهنجي وطن جي حفاظت لاءِ مڪمل طور سجاڳ آهي.ھن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي سدائين موقعي پرستي ڪئي آهي ۽ سنڌي عوام سان بار بار دوکا ڪيا آهن. اقتدار ۾ هوندي به سنڌ جي حقن لاءِ ڪوبه سنجيده ڪردار ادا ناهي ڪيو ويو.