| سنڌي ادبي بورڊ پاران مختلف نون ڪتابن جي اشاعت جو فيصلو |
ڄامشورو (رپورٽر) سنڌي ادبي بورڊ جي بورڊ آف گورنرس جو اهم اجلاس چيئرمين مخدوم سعيد الزمان ”عاطف“ جي صدارت هيٺ بورڊ جي هيڊ آفيس ۾ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ بورڊ جي ميمبرن ڊاڪٽر دُر محمد پٺاڻ، ڊاڪٽرعبدالغفار سومرو، سرفراز راڄڙ، نذير ناز، ڊاڪٽر ڪريم احمد خواجه، ڊاڪٽر نواز علي شوق ۽ ڊاڪٽر اسد جمال پلي شرڪت ڪئي. اجلاس دوران سنڌي ٻولي، ادب ۽ ثقافت جي واڌاري بابت تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو. مختلف اشاعتي منصوبن، نون ڪتابن جي تياري، ٻين تحقيقي رٿائن ۽ ادبي سرگرمين جي انعقاد بابت اهم فيصلا ڪيا ويا. بورڊ پاران سنڌي ادبي ورثي کي جديد تقاضائن سان هم آهنگ ڪرڻ ۽ نوجوان نسل تائين علمي سرمايو پهچائڻ تي خاص زور ڏنو ويو. چيئرمين مخدوم سعيد الزمان ”عاطف“ پنهنجي صدارتي خطاب ۾ چيو ته سنڌي ادبي بورڊ سنڌي ٻولي جي تحفظ، ترقي ۽ ترويج لاءِ هر ممڪن ڪوشش جاري رکندو. ۽ اداري طرفان معياري اشاعت، تحقيق ۽ ادبي پروگرامن ذريعي سنڌ جي علمي ۽ ثقافتي سڃاڻپ کي وڌيڪ مضبوط بڻايو ويندو. اجلاس ۾ مالي ۽ انتظامي معاملن جو پڻ جائزو ورتو ويو ۽ اداري جي ڪارڪردگي کي وڌيڪ موثر بڻائڻ لاءِ سفارشون منظور ڪيون ويون. آخر ۾ چيئرمين سڀني ميمبرن جي شرڪت ۽ تجويزن کي ساراهيو ۽ گڏيل ڪوششن سان بورڊ کي وڌيڪ فعال ۽ متحرڪ بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.