سنڌي ادب جو “مردِ اول” ڪهاڻيڪار جمال ابڙو … ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ

                 جمال الدين ولد علامه علي خان ابڙو 2 مئي 1924ع (27 رمضان) تي ڳوٺ منگواڻي، تعلقي ميهڙ ۾ جنم ورتو، هن لاڙڪاڻي، حيدرآباد ۽ ميرپورخاص مان تعليم حاصل ڪئي، بمبئي يونيورسٽيءَ مان 1948ع ۾ مئٽرڪ ڪيائين، شاهاڻي ڪاليج مان لا ڪرڻ بعد وڪالت شروع ڪيائين، مختلف هنڌن تي جج ٿي رهيو، ليبر ڪورٽ جو جج، اسنڌ اسيمبليءَ جو سيڪريٽري، رجسٽرار سنڌ هاءِ ڪورٽ، ميمبر فيڊرل سروسز ٽربيونل، چيئرمين اينٽي ڪرپشن ۽ ٻين هنڌن تي ايمانداريءَ سان وڏو نالو ڪڍيائين، جمال صاحب پهرين ڪهاڻي ”هو حُر هو“ 1949ع ۾ لکي. ڪهاڻين جو مجموعو ”پشو پاشا“ 1959ع ۾ حميد سنڌي جي نئين زندگي پبليڪيشن مان شايع ٿيو، جنهن جا پوءِ ڪافي ڇاپا ڇپيا آهن، آتم ڪهاڻي پنجن حصن ۾ ”ڏسي ڏوهه اکين سان“، ”اونهي ڳالهه اسرار جي“، ”ٿوهر ۾ ڳاڙها گل“، “ايندو نه وري وڻجارو“، ”مر پيا مينهن وسن“ آهن، سندس باري ۾ ڪتاب ”جمال ابڙو- ڪهاڻيون، مضمون، شخصيت“، آهي،  سنڌ ثقافت کاتي 1992ع ۾ شايع ڪيو، ادريس جتوئي ايم اي سنڌيءَ جي فائنل ۾ مونوگراف جمال ابڙو جي ڪهاڻين بابت لکيو، جمال ابڙو پنهنجي پروفيشن ۾ مشغول هئڻ جي باوجود به ادبي گڏجاڻين خاص طور ترقي پسند اديبن جي محفلن ۾ شرڪت ڪندڙ هو. حشو ڪيولراماڻي، ڪيرت ٻاٻاڻي، شيخ اياز، اياز قادري، انيس انصاري، تاج محمد ابڙو، نواز علي نياز ۽ ٻين ادبي سنگت وارن سان ويجهو هو، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ سان گڏ هاري ڪميٽيءَ ۽ ٻين معاملن ۾ سهڪار ڪندڙ رهيو.

جمال ابڙو سنڌي ادب جو ”مردِ اول ڪهاڻيڪار“ سڏيو وڃي ٿو، هن ڪل سورنهن ڪهاڻيون لکيون، جي اڄ تائين سنڌي ڪهاڻيءَ جي تاريخ ۾ اهميت جوڳيون آهن. پشو پاشا جي پهرين ڇاپي 1959ع ۾ ٻارهن ڪهاڻيون هيون آخري ڇاپي ۾ سورنهن ڪهاڻيون آيل آهن، جن جا عنوان آھن: ”مان مڙد“، ”بدتميز“، ”پيراڻي“، ”شاهه جو ڦر“، ”بدمعاش“، ”منهن ڪارو“، ”هو حر هو“، ”ڪارو پاڻي“، ”مهرباني“، ”خميسي جو ڪوٽ“، ”لاري“، ”پشو پاشا“، ”سنڌ“، ”فرشتو”، ”لاٽ“ ۽ ”ماءُ جي جهولي“

ڳاڻيٽي جي لحاظ کان اهي ڪهاڻيون ٿوريون هوندي به موضوعن جي چونڊ، ڪردار نگاري، ٻوليءَ جي استعمال، پلاٽ جي مضبوطي، حقيقت نگاري پيشڪش، ۽ اثرائتي اسلوب سان آهن. سنڌي ڪهاڻيءَ جي تاريخ جمال ابڙو جي نالي کان سواءِ اڻپوري آهي، ابڙي جمال جون ڪهاڻيون سنڌي سماج جي مسئلن جي عڪاسي ڪن ٿيون، هن سنڌ جي پورهيتن، مظلومن، معصومن ۽ خوددارن جا نقش چٽيا آهن. موضوع جي لحاظ کان هن عورتن تي ٿيندڙ تشدد، مظلوميت مان پيدا ٿيل بهادر باغي ذڪر ڪيا آهن، ته غربت، بيماري، بڇڙائي، پئسي جي هٻڇ، عورت جو وڪرو، طبقاتي فرق، ڪاروڪاريءَ جا واقعا، هاري، ناري، ڌاڙيل، مطلب ته هن عام جي زندگيءَ کي فوڪس ڪيو آهي، جتي غربت ۽ جهالت سبب گهڻي ۾ گهڻا مسئلا آهن، شهري موضوعن تي سندس فقط هڪ ٻه ڪهاڻيون آهن. جمال ابڙي جون ڪهاڻيون سماجي حقيقتون آهن، هن جڏهن به ڪو واقعو مشاهدو ڪيو، اهو پنهنجي قلم هيٺ آندو، جيئن چند ڪهاڻين جي حقيقي واقعن جي باري ۾ پاڻ چوي ٿو ته،

1.لاري ڪهاڻيءَ جي ڪنڊيڪٽر جو ڪردار منهنجو تجربو هو.

2.ڪارو ڪاريءَ جو واقعو کپري ۾ جڏهن جج هئس تعلقي اسپتال ۾ هڪ مائيءَ جو مٿو ڪوڙيو ويو ته مٿي تي ڪهڙا زخم آهن. ڪيس ڪارو ڪاريءَ جو هو، اهو منهنجو پنهنجو مشاهدو هو (ڪهاڻي سنڌ)

3.”ڪارو پاڻي“ ڪهاڻيءَ جو ڪردار پوڙهو سومر سندن ڳوٺ ۾ رهندو هو.

4.جمال صاحب موجب، پيراڻيءَ جي ڪردار کي پاڻ خود ڏٺو هئائون، جنهن کي ٻروچ بروهي وڪڻي ويا هئا.

ادريس جتوئيءَ کي ڏنل انٽرويو ۾ جمال ابڙي چيو ته،

”منهنجي خيال ۾ منهنجا سڀ ڪردار زندگيءَ سان وابسته آهن. ڪو به ڪردار زندگيءَ کان ٻاهر ڪونهي، سواءِ هڪڙي ’پشو پاشا‘ جي“. (184)

هنن ڪهاڻين ۾ حقيقي واقعن سان گڏ اهم خوبي ٻوليءَ جو عوامي لهجو ۽  منظر نگاري آهي، پشوءَ جي ڪردار کي هن ريت بيان ڪري ٿو:

”پشوءَ پنهنجي ساٿين کي انهيءَ ڍونڍ کان ڪڍي ٻاهر ڪيو. چي: هڏ هڻون اسين، پٺيءَ اگهاڙا رهون اسين، پوءِ به اسين ڪميڻا ۽ رئيس چڱو مڙس؟ چڱا مڙس اسين آهيون، رئيس ناهي. پشو نه ڊڄڻو هو، نه سست، رئيس جيستائين سنبري ئي سنبري، تيستائين پشو ڪيترائي اڙٻنگ جوان پنهنجي پاسي ڪري ورتا“ (پشو پاشا)

ڪهاڻي پيراڻيءَ ۾ لکي ٿو، ”ڦٿڪندڙ پيراڻيءَ کي گهر کڻي ويا. هن بل کاڌا، ڇڙيون ٿي هنيون، ڀڳي ڀڳي ٿي وئي. ٻاراڻيءَ نڙيءَ مان گهگهو آواز اچڻ لڳو، سڏڪن ۾ ڀڳل ٽٽل امان ابا ٿي نڪتس. ڪنهن کيس سڏ نه ڏنو“ (پيراڻي)

جمال ابڙو طبيعت ۾ سادو، هڏ ڏوکي ۽ همدرد هو. سندس اٿڻ ويهڻ آفيسري طبقي ۽ اديبن سان به هو ته جج هئڻ جي حيثيت ۾ ڪيسن جي حوالي سان ڪيترن غريبن سان واسطي ۾ ايندي انهن جي داد رسي ڪيائين، کيس مٿن ٿيل ظلمن جي ڀليءَ ڀت خبر هئي، جو هن پنهنجي آتم ڪهاڻيءَ ۾ پڻ اهي حقيقتون بيان ڪيون آهن. ڪٿا ”اونهي ڳالهه اسرار جي ۾“  لکي ٿو ته،

”حياتيءَ جا ننڍڙا ننڍڙا معمولي واقعا انسان جو مستقل ڪردار تشڪيل ڏيڻ ۾ وڏي اهميت رکن ٿا، رڳو مهل ۽ موقعي جو فائدو وٺي ٻار يا نوجوان کي سنئين دڳ لائجي ته هڪ نئون شخص تشخص ڏجي ٿو“ (ص 152).

جمال ابڙي جو فن سنڌي ادب ۾ هميشه قائم رهندو. هن 30 جون 2004ع تي وفات ڪئي.