سنڌي – بلوچ تضاد سازش آھي … امان الله جوکيو

                  وڏي چالاڪيءَ سان سنڌي عوام جي ڌيان کي اصل جياپي جي مسئلن کان ھٽائي  نان اشوز ۾ مصروف رکيو پيو وڃي، ته جيئن سنڌ جي وسيلن جي جيڪا لٽ مار پنھنجن توڙي پراون طرفان ٿي رھي آھي، انھيءَ طرف سندن ڌيان نه وڃي سگھي. ھن وقت اوچتو  ھٿرادو پيدا ڪيل  سنڌي- بلوچ تضاد پڻ انھيءَ حڪمت عملي جو حصو آھي. جڏھن تہ ھي سنڌ جو مسئلو ئي ڪونھي، ۽ نه ئي انھيءَ طرف ضرورت کان وڌيڪ حساس ٿيڻ گھرجي. ھن وقت  سنڌ ۾ صدين کان لڏي آيل بلوچ قبيلا مڪمل طور تي سنڌيت جي رنگ ۾ رنگجي چڪا آھن، جيڪي سنڌ جا سڄڻ ۽ ڌرتيءَ ڌڻي آھن. قبيلن ۽ نسلي گروھن جي لڏ پلاڻ ٿيڻ ۽ ھڪ ٻئي ۾ جذب ٿي وڃڻ جو عمل تاريخي تسلسل ۽ صدين جو سفر آھي. ھي ڪو معيوب عمل به ڪونھي، جو انھيءَ تي  فڪرمند ٿجي، يا اجائي برتري يا ڪمتريءَ جو شڪار ٿجي. سوال پيدا ٿئي ٿو ته ڇا نسلي گروھن جون ڪي مستقل لساني، ثقافتي يا نسلي حد بنديون ٿي سگھن ٿيون؟ يقينن انھيءَ سوال جو جواب تحقيق طلب آھي، ڇاڪاڻ تي ھي عمل ۽ انھيءَ عمل جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ لساني ۽ ثقافتي تنوع قبيلن ۽ قومن جو گڏيل سرمايو ۽ گڏيل خوبصورتي  ھوندي آھي. اھو ضرور آھي ته ھن قسم جي نسلي، لساني ۽ ثقافتي تنوع جا ڪيترائي سياسي، سماجي ۽ معاشي سبب پڻ ھوندا آھن. جيئن ڪڇ، گجرات ۽ راجستان کان سنڌ طرف ۽ بلوچستان کان سنڌ ۽ پنجاب جي زرخيز علائقن طرف، خود سنڌ مان ڪڇ، راجستان ۽ بلوچستان ويندي گوادر ۽ اڳتي ايران تائين سنڌي قبيلن جي   ٿيل لڏ پلاڻ جا سياسي ۽ معاشي ڪارڻ ھئا/ آھن. صدين کان ٿيندڙ ھن قسم جي لڏ پلاڻ  ھڪ طرفي نه پر ٻه طرفي ٿيندي رھي  آھي، جنھن جا ثبوت انھن علائقن جي تاريخ ۾، قبائلي رياستن ۽ راڄواڙن جي شڪل ۾ اڄ به موجود آھن. سنڌ ۾ ته ڪاڇي واري پاسي ھر سال بلوچستان جي جابلو علائقن مان موسمي (عارضي) لڏپلاڻ ٿيندي رھندي آھي. ساڳي نوعيت جي لڏ پلاڻ ڪوھستان طرف پڻ ٿيندي آھي.

سنڌ جي مختلف قبيلن جي بڻ بڻياد جي تاريخ ۾ ڪيترائي نسلي سوال اڄ به منجھيل سٽ وانگر تحقيق طلب آھن  ته ڪير سماٽ آھن ته ڪير بلوچ نزاد سنڌي آھن؟ ھي ھڪ الگ بحث آھي. ڇا توھان سنڌي آھيو يا بلوچ (ٻروچ)؟  سرائڪي آھيو يا پنجابي؟ ڇا توھان گجراتي آھيو يا اردو ڳالھائيندڙ؟ ڇا توھان گھر ۾ سنڌي ڳالھايو ٿا، بلوچي ڳالھايو ٿا، سرائڪي يا ڪا ٻي ٻولي  ڳالھايو ٿا. سنڌين انھيءَ بنياد تي ڪڏھن به تفريق پيدا نه ڪئي آھي ۽ نه ئي حساسيت ڏيکاري آھي. سنڌ جي سماج، ٻولي ۽ ثقافت ۾ جذب ڪرڻ جي سگھ آتم درجي تي موجود آھي، جنھن جا شاندار نتيجا سامھون آھن جو ھن ڌرتي سنڌ وطن تي مختلف وقتن تي ڪيترائي نسل آيا ۽ سنڌي قوم جو حصو بڻجي ويا. ھن وقت انھن تضادن کي اڀارڻ جو مطلب مظلوم قومن جي فطري اتحاد ۾ ڏار وجھڻ آھي ۽ سنڌ کي بدترين خانا جنگي طرف ڌڪڻ آھي، جنھن جو وري به فائدو انھن استحصالي ٽولن کي ملندو، جيڪي ڪنھن بہ طرح مظلومن جا اتحادي نه آھن. اھڙا گروھ نه سنڌ جا سڄڻ چئبا، نه ئي بلوچستان جا خير خواہ سڏبا. اھڙا تضاد پيدا ڪرڻ وارن کي سنڌ نه ماضي ۾ قبول ڪيو آھي، نه حال ۾ قبول ڪندي ۽ نه مستقبل ۾ ھو ڪنھن خوشفھمي ۾ مبتلا رھن. جيڪڏھن ڪنھن طرف کان ڪا اھڙي چريائپ ٿئي ٿي ته انھي کي سنجيده وٺڻ بدران نظرانداز ڪرڻ وڌيڪ بھتر ٿيندو.

ھن وقت بلوچستان, سنڌ جي مقابلي ۾ وڌيڪ نسلي ورڇ جو شڪار آھي. متحده بلوچستان وقت جي ضرورت آھي. محب وطن بلوچن کي سمجھڻ گھرجي ته سنڌ ۾ نسلي تفريق جا اڳرا نتيجا خود بلوچستان تي پوندا. ڪي ڌريون سنڌ ۽ بلوچستان ۾ نفرتون پکيڙي ھڪ طرف سنڌ تہ ٻئي طرف بلوچستان کي نقصان پھچائڻ چاھين ٿيون. وقت جي معروضي حالتن ۾  ٻنھي طرفن کان دورانديشي جو مظاھرو ڪرڻ گھرجي. ھن وقت بھتر اشارو ھي آھي ته سنڌ ۾ اسان جي بلوچ نزاد سنڌي ڀائرن انھيءَ تفرقي واري سازش کي سھڻي نموني سان رد ڪري ڇڏيو آھي، جيڪا سندن سياڻپ چئبي. شھيد چاڪرخان ڪلمتي، شھيد يوسف جکراڻي، شھيد عبدالمالڪ خشڪ، مسڪين جھان خان کوسو، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ۽ ٻيا بلوچ (ٻروچ)  سنڌ جا ھيروز آھن. سنڌ جي ھر اداري ۾ اسان جا بلوچ نزاد ڀائر نمايان پوسٽن تي موجود آھن، پنھنجون صلاحيتون سنڌ جي شاندار مستقبل لاء ڪتب آڻي رھيا آھن ۽ اقتدار جا مزا ماڻي رھيا آھن. کين بلوچ نزاد سنڌي لکڻ پڻ مناسب ڪونھي.  سندن ڪاوشن، ڪارنامن ۽ جرئتن تي سنڌ کي ھميشه ناز رھيو آھي.

ماضي ۾ پڻ اسٽبلشمينٽ جي ٽيڪ تي اسي واري ڏهاڪي ۾  اھڙي نوعيت جي احمقانا ڪوشش، ڪراچي سطح تي انور ڀائي جان جي بلوچ اتحاد تحريڪ جي شڪل ۾ ايم ڪيو ايم جي آشيرواد سان ڪئي وئي ھئي. لياري واري علائقي کان سواء ماڙيپور، ملير ۽ ڪراچيءَ جي ٻين بلوچ ڳوٺن ۾ يونٽ کوليا ويا، جنھن کي پڻ لياري ۽ ڪراچي جي بلوچ نزاد غيور سنڌي عوام مڪمل طور رد ڪري ڇڏيو ھو. ھن حقيقت ۾ رتي برابر به شڪ نه ھئڻ گھرجي ته سنڌ اسان جو مادر وطن آھي، باقي ٻيون ننڍيون ننڍيون لساني ۽ ثقافتي اڪايون انھيءَ خوبصورت گلدستي جا دلڪش گل آھن. اسان کي سمجھڻ گھرجي ته اسٽيبلشمينٽ جي ٽيڪ تي ماضيءَ ۾ پڻ اھڙيون ڪڌيون حرڪتون ٿينديون رھيون آھن ۽ ايندڙ وقت ۾ پڻ ٿينديون رھنديون. تنھنڪري اسان جي باشعور سلجھيل ماڻھن کي جذبات بدران ھوش حواس کان ڪم وٺي مدلل ردعمل ڏيڻو پوندو.