سنڌي سماج تاريخ جي هر دور ۾ مختلف مشڪلاتن کي منهن ڏنو آهي، انهيءَ هوندي به هن ڌرتي جا رهندڙ علمي اعتبار سان قابل ۽ ڄاڻو هئا. جيڪي تعليم جي حاصلات لاءِ ڪوششون ڪندڙ، ڪتب خانن کي سنڀاليندڙ، وڌائيندڙ ۽ ڪاتبن جو مان رکندڙ کين سهڻيءَ ڪتابت تي انعام ۽ اڪرام ڏيندڙ هئا. جنهن جا مثال خاص طور ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي دور ۾ ملن ٿا، عربن جي اچڻ کانپوءِ جي مليل احوال مطابق سنڌين هميشه علمي قوتن کي وڌائڻ، عالمن، استادن ۽ سٺن شاگردن کي مان ڏيڻ ۾ وسان ڪونه گهٽايو، عربن مدرسا ۽ مڪتب قائم ڪري مذهبي تعليم وڌائڻ جون ڪوششون ڪيون.
روشن خيال سومرن ۽ سمن سنڌي حڪمرانن درسگاهن، مدرسن ۽ خانقاهن جي لاءِ وڏيون رقمون مقرر ڪيون، استادن ۽ شاگردن کي مان ڏيڻ وڌيو، سنڌي ٻوليءَ ۾ نوان لفظ ۽ محاورا داخل ٿيا، اڳتي هلي ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي دور ۾ ٻوليءَ جي واڌ ويجهه سوائي ڏسڻ ۾ آئي، ديني علمن جي اشاعت وڌي پهريون قرآن پاڪ جو مڪمل ترجمو ٽالپر دور ۾ آخوند عزيز الله مٽياريءَ واري ڪيو پر انهيءَ کان اڳ ڪلهوڙن جي دور ۾ قرآن پاڪ جي ترجمي جي شروعات ٿي چڪي هئي، درس و تدريس علمي تصنيف ۽ سنڌي ٻوليءَ جي واڌاري لاءِ ڪلهوڙن جو دور يعني شاهه لطيف جو دور هڪ مثالي تاريخي دور شمار ٿئي ٿو، جنهن ۾ لطيف سرڪار پنهنجو ڪردار مڪمل طور نڀايو.
شاهه لطيف ڪلهوڙن جي دور جو شاعر هو، جنهن دور کي اڄ به سنڌي ادب جو “سُنهري دور” سڏجي ٿو سنهري دور سڏڻ جا خاص سبب هئا:
1. ڪلهوڙا ڏيهي حڪمران هئا ۽ سنڌي ٻولي رائج هئي.
2. هن دور ۾ سنڌي نثر کي جديد سهڻو روپ ڏيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو محسن مخدوم ابوالحسن ٺٽوي موجود هو.
3. هِن ئي دور ۾ سنڌي شاعريءَ جو سرواڻ شاعر حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي آيو. هيءُ دور عالمن، اديبن، ڪاتبن، ڪتب خانن ۽ اعليٰ درسگاهن جو دور هو.
ڪلهوڙن سنڌ ۾ مسجدن ۾ موجود مدرسن جي حجرن کي ختم ڪرائي، مختلف علمن جي درس و تدريس لاءِ الڳ مدرسا جوڙايا، جن کي سهڻن ڪتب خانن سان سينگاريو، جتي ڪيترائي ڪاتب ڪتابن کي قلمبند ڪرڻ لاءِ موجود هئا. سکر، روهڙي، سيوستان، کهڙا، هالا ڪنڊي، ميرپور بٺورو، ٺٽو، لاهري، شڪارپور، سن ۽ ٻين هنڌن تي اعليٰ درسگاهون موجود هيون، جيئن “مدرسو هاشميه”، “مخدوم ابوالحسن ڏاهريءَ جو مدرسو”، “شيخ عمر جو مدرسو”، مخدوم محمد معين ٺٽويءَ جو مدرسو، مخدوم ضياءُ الدين ٺٽوي جو درسگاهه، ميان نور محمد ڪلهوڙي جو ڪتب خانو… جن ۾ مادري ٻوليءَ وسيلي تعليم ڏيڻ جو نظريو عام هو ۽ سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪتابن کي تصنيف ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون ويون، قرآن پاڪ، تفسير، حديث، فقهي ۽ ٻين علمن کي وڌايو ويو، مطلب ته علمي معيار کي مٿانهون ڪرڻ جون ڪوششون هر دم جاري هيون.ڪتاب “ٻوليءَ جو سرشتو ۽ لکاوٽ، سنڌي ٻولي جون لپيون” ۾ ڊاڪٽر مرليڌر لکيو آهي ته، “اسماعيلي داعي جيڪي پنهنجي ست پنٿ جي پرچار ڪرڻ لاءِ سومرن جي ايامڪاريءَ ۾ سنڌ ۽ ملتان ۾، ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ کان آيا، انهن سنڌي، سرائيڪي، گجراتي ۽ ڪڇي آميزش واري ٻوليءَ ۾ جيڪي گِنان چيا، اهي به سترهين صدي ۽ ان کانپوءِ تحريري صورت ۾ آيا. (1290-1409ع) پير صدرالدين خواجڪي لپيءَ جو سرشتو تيار ڪيو، هٿ جو ادبي ذخيرو لکڻ ۽ پڙهڻ جو رواج وڌائين. ان جي سترهين صديءَ کان اڳ جي ڪا به لکت روشنيءَ ۾ نه آئي آهي.” (ص 131-133)
مطلب ته ڪلهوڙن جي دور ۾ مخدوم ابوالحسن جي ڪوششن سان سنڌي ٻوليءَ جي لکت پڙهت جي هڪ مقرر صورت موجود ملي. علمي اوج جي هن اهڙي تعليمي دور ۾ لطيف سرڪار ڪهڙيءَ ريت علم کان وانجهيل رهيو هوندو! ڊاڪٽر بلوچ موجب ته، “سندن خاص استاد ميان نور محمد ڀٽي هو، جو شاهه حبيب جو معتقد ۽ محبتي هو ۽ لطيف جي پڙهائيءَ لاءِ شاهه حبيب کيس پاڻ وٽ رهايو. هن شفيق استاد پنهنجي سعادت مند شاگرد کي مڪتبي تعليم پوري ڪرائي“.
پاڻ سان لطيف سائين هميشه قرآن پاڪ، مثنوي مولانا روم ۽ شاهه ڪريم جو رسالو رکندا هئا، کين فارسي ۽ عربي ٻولين تي وڏي دسترس هئي، جنهن جا ثبوت رسالي ۾ جابجا نظر اچن ٿا ته ٻين ڪيترين ٻولين جا اثر پڻ پسجن پيا ۽ سنڌي ٻوليءَ ۾ ته شاهه جو رسالو هڪ اهڙو فن پارو نظر اچي ٿو جو صدين گذرڻ کان پوءِ پڻ آب ۽ تاب سان موجود آهي ۽ علميت جو شاهڪار آهي.
علم جي حاصلات ۽ ان کي عام ڪرڻ ۽ عوام جي تعليم يافته هئڻ لاءِ انيڪ بيت رسالي ۾ روحاني توڻي دنياوي لحاظ کان مثالن سان سهڻائيءَ سان سمجهايل آهن. پاڻ ظاهري توڻي روحاني تعليم ۽ تربيت ۾ يڪتا هو، تاريخي معلومات وسيع هيس، ثبوت طور سر ڪيڏارو ۽ ٻيا ڪي سر موجود آهن. لطيف سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ گهميو، سنڌ جو هيءُ سچو عاشق اعليٰ اخلاقي قدرن جو حامي هو، سندس موجب ته سنڌي سماج جي علمي ترقي سهڻي اخلاقي تربيت ۽ حياتيءَ جي مقصديت تي مشتمل آهي.
”اول الله عليم” جڏهن چوي ٿو تڏهن اها ثابتي ٿو ڏئي ته اول ۽ آخر الله آهي، سڀ علم ان کان ئي آهن، اهو عالمن جو عالم آهي. اڳتي فرمائي ٿو:
ڪج طريقت تڪيو، شريعت سڃاڻ،
هنيون حقيقت هير تون، ماڳ معرفت ڄاڻ،
هوئج ثابوتي ساڻ، ته پُسڻ کان پالهو رهين.
(سُر آسا، داستان ستون، بيت 4)
مذهبي علمن جو ڄاڻو ڀٽ ڌڻي “اقرار ۽ تسليم” کانپوءِ اڳتي جي رهنمائي مٿين چئني منزلن معرفت ڏسي ٿو، توحيد جي پرچار سان هن نفس پلڻ کي اهم جهاد سڏيو آهي، ڪيترين جڳهين تي پنا، پڙهڻ، مطالعو ڪرڻ، ڪتابت ڪرڻ، ورق ورائڻ، سٽ سيکارڻ، مَسِ وڃائڻ ۽ ٻين علمي اصطلاحن کي آندو اٿن. جيئن، “ساسٽ ساريائون، الف جنهن جي اڳ ۾”، “اوريائين آڻين ميڙي معلم خبرون”، “ڪهڙي ڪاتب تون ڪرين مٿي پنن پيهه”، “اندر کي اُجار، پنا پڙهندين ڪيترا”، “رتي علم نه راس، پسڻ ڌاران پرين جي”، “اکر پڙهه اڀا ڳئا، قاضي ٿيئين ڪئان؟”، “جو مون پڙهيو پاڻ ئي سبق سابق جو”، “سا سٽ نه سيکارين، جنهن ۾ پسن پرين کي”، “ڪوه ٿو ڪاغذ ڪورين، ويٺو وڃائين مَس”، “پنو سو پڙهن، جنهن سان پسن پرين کي”، “جي ورق ورائين ويهه ته اکر اهو ئي هيڪڙو”، “ميم مان معلوم ٿئي ورق سوئي وار”، “پوک جا پڙهڻ جي سا لا سان وجهه لُڻي”، “ڪاتب لکين جيئن لايو لام الف سين”، “ميم مان معلوم ٿئي، ورق سوئي وار”…. مطلب ته ڪيترائي بيت گواهي ٿا ڏين ته شاهه لطيف نه رڳو ديني پر دنياوي علم حاصل ڪيو هو پر پاڻ انهيءَ ۾ علم سان گڏ عمل کي اهميت ڏيندو هيو، ورق ورائڻ ويترا وٽس وقت ضايع ڪرڻ کانسواءِ ڪجهه ناهي، عددن ويهه، ٽيهه، چاليهه توڻي سَوَن سان به اهو ڪجهه حاصل نٿو ٿئي جيترو غور فڪر ۽ ان جي حاصل ڪيل علم مان فائدو ٻين کي ۽ پنهنجو پاڻ کي رسائڻ ۾ آهي.
تعليم جي وڏي مقصديت غور ۽ فڪر ۽ اڀياس ۾ هڪ مَنو ٿيڻ ۾ آهي، جنهن جو وڏو ذريعو ماٺ آهي، چوي ٿو ته،
جن کي دور درد جو سبق سور پڙهن،
فڪر ڦرهي هٿ ۾، ماٺ مطالع ڪن،
(سر جمن، داستان ستون، بيت2- 6)
پڙهڻ سان گڏ ڪڙهڻ، غور فڪر ڪرڻ، سمجهڻ، سوچڻ، عمل ڪرڻ، پڙهي انهيءَ علم کي وڌائڻ ويجهائڻ نفعي بخش بڻائڻ، دل سان مڃڻ ۽ مڃائڻ جي بدران فقط پنن جو اٿلائڻ علم حاصل ڪرڻ ڪونهي (جيئن اڄڪلهه جا ڪيترائي ڊگري هولڊر آهن پر اهي تعليم يافته شمار نٿا ڪري سگهجن)، لطيف سائين ظاهري توڙي روحاني تعليم ۽ تربيت ۾ يڪتا هو فرمائي ٿو.
پڙهيو ٿا پڙهن، ڪڙهن ڪين قلوب ۾،
تيئن تيئن ڏوهه چڙهن، جيئن ورق ورائين ويترا.
(سُر جمن، داستان ستون، بيت 15)
اهو بلڪل بجا طور چئي سگهجي ٿو ته لطيف سرڪار کي پنهنجي ڌرتيءَ سان، ٻوليءَ سان، قوم سان بيحد پيار هو ۽ هو انهن جي ڀلائيءَ جو خواهشمند ٿي کين اهڙو علم حاصل ڪرڻ لاءِ زور ڀريائين جنهن تعليم جو هر رستو عمل سان ۽ نيڪيءَ سان سلهاڙيل آهي، اهڙي علم جي لاءِ هُو اسان کي پاڻ پتوڙڻ جو درس ٿو ڏئي.