سنڌي سماج جي نامور شخصيتن لاءِ اچيومينٽ سرٽيفڪيٽ جو اعلان

جُون 11, 2023

مسي ساگا (م ڊ) سنڌي ايسوسيئشن نارٿ آمريڪا اونٽاريو چيپٽرطرفان مسي ساگا ڪئناڊا ۾ ڪئناڊا جي تاريخ ۾ سنڌين جو سڀ کان وڏو ساليانو ميڙاڪو ٿيو جنهن ۾ 700 کان وڌيڪ سنڌي ماڻهن شرڪت ڪئي

 جيڪي ڪئناڊا جي مختلف شهرن، آمريڪا ۽ پاڪستان مان آيا هئا. هن پروگرام ۾ ڪئناڊا جي ميمبرن پارليامينٽ جن ۾ ايڊم وين، شفقت علي، اقرا خالد، اونٽاريو جي ليبر پارٽي ۽ صوبي جي اڳيئن پريميئر جي اميدوار ياسر نقوي، مقامي بلدياتي نمائندن شرڪت ڪئي، ان موقعي تي ڳالهائيندي ياسر نقوي چيو ته مون کي فخر آهي ته مان سنڌي آهيان ۽ سنڌ ڄائو آهيان.

 منهنجي پيدائش ڪراچي ۾ ٿي آهي، ان موقعي تي ميمبر پارليامينٽ ايڊم وين سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ پائي خوشي جو اظهار ڪيو۽ چيو ته سنڌي ماڻهو پنهنجي عظيم ورثي جا وارث آهن، پارليامينٽ ميمبر شفقت علي چيو ته آئون سرائيڪي آهيان پر سنڌ ۽ سنڌين سان دلي محبت رکان ٿو، رسول بخش پليجي جي ڀيڻ حورالنساء پليجو سنڌياڻي تحريڪ جي جدوجهد تي روشني وڌي جڏهن ته مشهور صحافي حسن مجتبئ سنڌياڻي تحريڪ تي پنهنجي مشهور نظم پڙهي، ان موقعي تي ڳالهائيندي سانا اونٽاريو جي صدر امتياز شيخ مهمانن جي آجيان ڪئي

 ۽ سنڌ سماج جي نامور شخصيتن کي لاءِ اچيومينٽ سرٽيفڪيٽ جو اعلان ڪيو جيڪو ميمبر پارليامينٽ ڏنا، جن مان  اهم شخصيتن ۾ ادي ارشاد عباسي کي بعد وفات سٽيفڪيٽ سند ڀاءُ وصول ڪيو، سنڌ ويزن جو محبوب شيخ، مشهود قاضي، ڊاڪٽر سلطان لغاري علي حسن ڀٽو، ڊاڪٽرمختيار ڀٽو، مانجهند جو استاد محمد صالح ميمڻ، ڪالم نگارڊاڪٽر ناصر جمال پٺاڻ ۽ ٻيا شامل هئا،

 جڏهن ته پروگرام جي پيٽرن ان چيف اشفاق ميمڻ تمام مهمانن کي سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ جا تحفا ڏنا، پروگرام جي آخر۾ شاندار موسيقي جو پروگرام پيش ڪيو ويو جنهن ۾ جتن اداسي، سلمان مخدوم شاندار پرفارمينس ڏني جنهن تي پارليامينٽن سنڌي ماڻهن سان ملي جھهمريون پائي خوشي جو اظهار ڪيو، هي پروگرام 10 ڪلاڪن تائين جاري رهيو

Leave A Comment