خيرپور (پنهنجي ڊيسڪ) شاھه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي فزڪس ۽ اليڪٽرانڪ شعبي پاران يونيورسٽي ۾ ايڪسپو 2023ع لڳايو ويو جنھن ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين 26 پراجيڪٽس لڳايا
لطيف يونيورسٽي خيرپور جي اي پي آر او الطاف ابڙو موجب ايڪسپو ۾ خيرپور يونيورسٽي فزڪس جي فائنل ايئر جي شاگردياڻي سميه ڀٽو ايئر ايمبولينس/ڊليوري ڊرون جو پراجيڪٽ نمائش لاءِ پيش ڪيوجيڪو سميه سوڌو ٽن شاگردن جي گروپ گڏجي ٺاهيو
سميه ڀٽو ٻڌايو آهي ته ايئر ايمبولينس ٺاهڻ جو مقصد اهو آهي ته جتي ڪو انسان نٿو وڃي سگهي اتي هن ڊرون ذريعي نه رڳو اتان جي معلومات وٺجي پر ايئر ايمبولينس ڊرون ذريعي فرسٽ ايڊ به پهچائجي
هن ڊرون کي رموٽ ذريعي ڪنٽرول سگهجي ٿو، موبائيل فون يا ليپ ٽاپ جي مدد سان به هلائي سگهجي ٿو
شاگردياڻي سميه ڀٽو ٻڌايو ته ڊرون ۾ هڪ هزار ڪي وي جو موٽر لڳايو ويو آهي جيڪو ڊرون جي بيٽري کي 30 کان 40 منٽن تائين هلائي سگهي ٿو، ويلاسٽي 70 ميٽر في ڪلاڪ آهي
هي ڊرون 30 ڪلو تائين وزن کڻي سگهي ٿو، ڊرون سان گڏ هڪ فرسٽ ايڊ باڪس به لڳايو ويو آهي
ڊرون امدادي سامان کڻي متاثر ماڻهن تائين پهچائي سگهندو ان ڪري ئي هن کي ايئر ايمبولينس جو نالو ڏنو آهي
شاگردياڻي سميه چيو ته جيڪڏهن اسان ڊرون جا موٽر وڌيڪ لڳائينداسين ته هي وڌيڪ وزن به کڻي سگهي ٿو
ان موقعي تي شاگردياڻي ايئر ايمبولينس ڊرون اڏائي به ڏيکاريو جنهن تي کيس ڀرپور داد ڏنو ويو