مٺي (رپورٽر) ايس ٽي پي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي مٺيءَ سماج سڌارڪ ۽ محقق ڊاڪٽر اشوڪ بختاڻيءَ جي تڏي تي پهچي پونئيرن سان تعزيت ڪئي
ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڊاڪٽر اشوڪ بختاڻي متحرڪ ۽ معتبر قومي ڪارڪن هو، هن جهڙا متحرڪ ۽ فرض شناس ماڻھو ڪڏهن ڪڏهن پيدا ٿيندا آھن، هن سياسي توڙي سماجي شعبن ۾ عوام جي ڀرپور خدمت ڪئي
هڪ سوال جي جواب ۾ ڊاڪٽر قادر مگسيءَ چيو ته سنڌي هندن جي عبادتگاهن توڙي روزگار ۽ وسيلن جو تحفظ ڪرڻ رياست جي ذميواري آھي. سنڌ ۾ مندرن تي حملن جي ذميوار سنڌ حڪومت آھي، وزير اعليٰ سنڌ تي ڪيس داخل ڪيو وڃي
هن چيو ته ڌاڙيل سردارن ۽ جاگيردارن جا پاليل آھن ۽ سڀئي سردار پ پ پ ۾ ويٺل آھن. سنڌي هندن گهري سازش تحت ڌرتي ڇڏڻ تي مجبور ڪيو پيو وڃي پر اهڙيون سازشون ناڪام بڻايون وينديون. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ ڊاڪٽر قادر مگسيءَ چيو ته اسان سنڌي قومپرستن جي پارلياماني اتحاد جوڙڻ جي ڪوشش ڪئي پر قومپرست خصيص مفادن ۾ ڦاٿل آھن
هن جو چوڻ هو ته ايس ٽي پي ايندڙ عام چونڊن ۾ سنڌ جي سمورن تڪن تي اميدوار بيهارڻ جو فيصلو ڪيو آھي. هن چيو ته آصف زرداري پاور بروڪر آھي جيڪو سنڌ جا سمورا وسيلا نيلام ڪرڻ کانپوءِ هاڻي وطن وڪڻڻ چاهي ٿو
سنڌ جي تباهي ۽ ذلتن جي ذميوار پ پ پ حڪومت آھي، ان مان ڇوٽڪاري لاءِ ايندڙ چونڊن ۾ عوام دوست اميدوارن کي ووٽ ڏنو وڃي