| سنڌي ماڻهو اٿيا ته تخت لوڏي ڇڏيندا: اياز لطيف رڪاوٽون ٽوڙي نوري آباد پهتو، جشن لطيف جلسو |
نوري آباد (رپورٽ: عالم پالاري) قومي عوامي تحريڪ جو سربراھه اياز لطيف پليجو سموريون رڪاوٽون ٽوڙي نوري آباد جشن لطيف جلسي عام ۾ شرڪت لاءِ پھچي ويو. نوري آباد پھچڻ تي وڏن پوليس اٽالن اياز لطيف پليجو ۽ ڪارڪنن کي گھيري ۾ آڻي ورتو. اياز لطيف پليجو نوري آباد ھڪ نمبر کان ھزارين ماڻهن ڪارڪنن سان پيادل مارچ ڪري روڊ تي پھتو، جنهن بعد جشن لطيف جو جلسو ڪيو ويو. ان موقعي خطاب ڪندي اياز لطيف پليجي چيو ته جنرل ضياءُ الحق جو عوام دشمن، سنڌ دشمن، ملڪ دشمن ۽ جمهوريت دشمن روح سنڌ حڪومت ۾ پئجي ويو آهي، سنڌ سرڪار لطيف جي ڏهاڙي کان ڊنل آهي، رڪاوٽن باوجود جلسي ۾ هزارين ماڻهو شريڪ آهن. هن چيو ته لطيف امن، رواداري ۽ انسانيت جو پيغام ڏنو آھي. عورتون لطيف جون سورميون آھن. ڪاروڪاري غيرت جو بي غيرت تصور آھي. پ پ حڪومت سنڌ کي عورتن ۽ ٻارن لاءِ مقتل بڻائي ڇڏيو آھي. منشيات کي ڪاروبار ڪري ھلائيندڙ عارضي طور پاڻ ۾ وڙھيا آھن، سنڌ جي نوجوانن کي منشيات ۾ مبتلا ڪري ميرٽ، نوڪرين، تعليم ۽ قومي ۽ بنيادي حقن تي ڌاڙا ھنيا پيا وڃن.هن چيو ته لطيف ثابت قدم ٿي اڳتي وڌڻ جو پيغام ڏنو آھي. ڪرپشن، دھشتگردي ۽ انتهاپسندي ھڪٻئي سان جڙيل آھن. هن چيو ته شفاف اليڪشن ٿي ته ڪرپٽ ٽولي جون ضمانتون ضبط ٿي وينديون، هن چيو ته سنڌ ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ ڪئي وئي آهي، حڪومت مهانگائي روڪڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي. وفاق سنڌ کي ڪرپشن جي ڪالوني بنائي ڇڏيو آھي، مفاد پرست حڪمرانن سنڌ کي بدامني لاقانونيت، منشيات، ڏوھن ۽ قبيلائي دھشتگردي، جاگيرداري ۽ سرداري نظام جو مرڪز ٺاھي ڇڏيو آھي. پيپلزپارٽي سنڌ جي ماڻهن کي رڳو پنڻ سيکاريو آهي. سنڌي جيڪي دنيا جا فاتح ھئا جن جا ڳاٽ اوچا ھئا، انهن کي پنڻ سيکاريو پيو وڃي، اياز چيو ته ڪامياب اھي ٿيندا، جن کي شڪستون، نفرتون، دوکا ۽ مھڻا ويھاري نه سگھن، جيڪي رڪاوٽن مان رستا بڻائي سگھن، جيڪو خطرن ۽ چيلينجن کي اڳتي وڌڻ جو موقعو سمجھي، لڳاتار ھلندا رھن، سنڌ جي مزاحمت جي تاريخ آھي. سنڌي ماڻھو ڌرتي جھڙو مزاج رکن ٿا، اھي ٿڌا آھن ته ٿڌا آھن، جيڪڏھن گرم ٿيندا ۽ وڄ ٿي اٿندا ته تخت لوڏي ڇڏيندا. ان موقعي تي قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري مظھر راھوجو، اعجاز سومرو، فرحان لاڙڪ، منان شيخ، سنڌي مزدور تحريڪ جو مرڪزي آرگنائيزر امداد پنھور، لياقت گبول، ذوالفقار گبول، لکانو پالاري، نذير بليدي، فياض اتيرو، مقصود جھتيال ۽ ٻين اڳواڻن پڻ خطاب ڪيو.