سنڌي نوجوانن پاران سمنڊ ۾ بينر کڻي ڪئنالن خلاف احتجاج
اپريل 7, 2025
ڪنڊيارو(ن پ ا) سنڌو درياءَ تي ٺهندڙ تڪراري ڪئنالن جي تعمير روڪرائڻ لاءِ سنڌ توڙي سنڌ کان ٻاهر رهندڙ سنڌين به ڪردار ادا ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، ڪالهه سعيد آباد جي ڳوٺ حاجي گلاب راهو واسي اسرار راهو ۽ غلام علي راهو پاران دبئي شهر جي عربي سمنڊ ۾ 50 فوٽ اندر ڪينال نامنظور جو بينر کڻي انوکو احتجاج رڪارڊ ڪرايو، هنن جو چوڻ هو ته سنڌو اسان جو جياپو آهي، اسان جون سڀ خوشيون سنڌو سان لاڳاپيل آهن، ڪير اسان جون خوشيون کسي ان تي اسان ماٺ ڪري نه ويهنداسين، هنن مطالبو ڪيو ته سنڌو درياءَ مٿان ٺهندڙ نون ڪنئالن جي تعمير فوري روڪي وڃي.