| سنڌي ورهاڱو نٿا چاهين ته سنڌ کي ٽوڙڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي: حيدري |
اسلام آباد (م ڊ) جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي مرڪزي اڳواڻ مولانا عبدالغفور حيدري چيو آهي ته پاڪستان اندر سمورين قومن جي تاريخي سڃاڻپ برقرار رهڻ گهرجي. هڪ بيان ۾ صوبن جي ورهاڱي ۽ نوان صوبا ٺاهڻ بابت ڳالهائيندي مولانا عبدالغفور حيدري واضح ڪيو ته جيڪڏهن سنڌ جا ماڻهو ورهاڱو نٿا چاهين ته سنڌ کي ٽوڙڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟ هن چيو ته ملڪ ۾ جتي نون صوبن جي ضرورت هجي، اتي نوان صوبا ٺاهيا وڃن.