“سنڌي ٻولي، ادب ۽ تنقيد” ڪتاب جو تنقيدي جائزو
نومبر 4, 2023
تحقيق جي پنڌ جا پانڌيئڙا ڳولھا جي اڙانگن پنڌن تي جستجو جا قدم ڌريندي، ساڃاھ جي عميق کي جھاڳيندي پنھنجي علم جي منزل ڳولھڻ سان گڏ علم جي اڃ رکندڙ نون مسافرن جي لاءِ پڻ گس ۽ پيچرا ٺاھيندا ويندا آھن. ڳولھا ،جستجو، تلاش ۽ تحقيق جي بي انت ساگر جي وسعت گھڻ پاسائين ۽ گھڻ رخي ھوندي آھي. تحقيق کي لاڀائتو ۽ دلچسپ ان جي وسعت بڻائيندي آھي، ڇو ته تحقيق صرف ڪنھن منزل تي پھچڻ جو نالو نه آھي پر مسلسل پنڌ، نوان گس ٺاھڻ، گھڻين منزلن جي اور گھڻين دشائن کي ظاھر ڪرڻ جو نالو آھي. اھا تحقيق وڌيڪ لاڀائتي ثابت ٿيندي آھي، جنھن مان ٻين محققن کي نوان موضوع ۽ تحقيق جا نوان طريقا ملي سگھن. تحقيق ڏيئي مان ڏيو ٻاري جوت جلائڻ جو نانءُ آھي
ڊاڪٽر فھميده حسين جي ڪتاب “سنڌي ٻولي, ادب ۽ تنقيد” ۾ اھا خوبي نمايان طور تي موجود آھي ته ھن ڪتاب جي ھر مضمون مان علم جون ڪيتريون ئي شاخون ڪر کڻندي نظر اچن ٿيون. ڪتاب جي مھاگ ۾ ڊاڪٽر صاحبه سنڌي ٻوليءَ جي گرامر جي اھميت جو ذڪر ڪندي تخليقي ادب جي لکندڙن جي عملي سکيا جي ضرورت کي اجاگر ڪندي ڪجھ اھم سوال اٿاريا آھن. ان کان علاوه سنڌ جي تعليمي نصاب تي تنقيدي نظر جي ضرورت ڏانھن پڻ ڌيان ڇڪائين ٿيون. ڊاڪٽر صاحبه ادبي تنقيد کي زندگي تي تنقيد سان منسلڪ ٿي ڪري. ھن ڪتاب جا ٽي ڀاڱا آھن
پھريون ڀاڱو: سنڌي ٻولي: جنھن ۾ 31 مضمون شامل آھن
ٻيو ڀاڱو: ادب ۽ تنقيد: جنھن ۾ 46 مضمون شامل آھن
ٽيون ڀاڱو شاھ لطيف آھي، جنھن ۾ 16 مضمون شامل آھن
پھرئين ڀاڱي ۾ تفصيل سان سنڌي ٻولي ۽ ان جي لکت بابت محققن جي راءِ جديد دور ۾ لئنگئيج انجنيئرنگ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي مسئلن تي ڳالھائيندي انھن مسئلن جي حل لاءِ سنڌي محققن جي گڏ ٿيڻ جي تجويز پڻ ڏنل آھي. هي اڌ صدي تي پکڙيل تحقيقي پورھيو آھي، جنھن ۾ سڄي سنڌ سمايل آھي. ائين ٿو لڳي ته ڊاڪٽر فهميده جي سوچ، لوچ، خيال، ڪامنائن، پيار، پاٻوھ، عشق ۽ جستجو جو محور سنڌ ۽ سنڌي ٻولي آھي. پنھنجي ھن مختصر مضمون ۾ مون ڊاڪٽر فهميده جي تحقيقي مضمونن جي موضوعن سان گڏ ان جي ٻوليءَ جو پڻ جائزو وٺڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. “ڊاڪٽر فهميده جي مضمونن جي ٻولي عام فھم ھجڻ سان گڏ بامحاورا پڻ آھي. پنھنجي ڳاالھ جي وضاحت لاءِ سنڌي پھاڪن ۽ اصطلاحن جو استعمال سندن لکڻي کي پر اثر بنائي ٿو. ڊاڪٽر فهميده پنھنجي مضمون کي وسعت ٿي ڏئي. سندس ڪو به مضمون محدود نه آھي. “ثقافتن جي عالمگيريت ۽ مادري ٻولين جي اھميت” مضمون ۾ ثقافت، عالمگيريت ۽ مادري ٻوليءَ جي مقصد کي واضح ڪندي انھن ٽنھي جي پاڻ ۾ لاگاپي ۽ گڏيل مقصد کي سمجھائڻ جي ڪوشش ڪيل آھي”. ڊاڪٽر فهميده لکي ٿي ته: “ڪلچر جي مختلف جزن جو بنيادي وسيلو آھي ئي ٻولي. بنا ٻوليءَ جي ڪو به ڪلچر يا ثقافتي عمل ممڪن ئي ڪونھي، نه ئي ڪنھن گروھ/ڪميونٽي يا ملڪ جي سماجي تنظيم ممڪن ٿي سگھي ٿي، ان ڪري ٻولي صرف ڪنھن قوم جي سڃاڻپ هوندي آهي، بلڪه اھا ان جي وجود جي ضمانت پڻ ھوندي آھي”
ٻوليءَ ۾ آيل بگاڙ بابت، ڊاڪٽر فهميده جديد دور ۾ سنڌي لکت جي مسئلن، لئنگئيج انجينئرنگ جي معاملن، ميڊيا ۾ غلط ٻوليءَ جي استعمال تي بحث ڪندي معياري سنڌي ٻولي جي واھپي جي ضرورت تي زور ڏنو آھي. ڪتاب جي پھرئين ڀاڱي ۾ تمام تفصيل سان سنڌي ٻولي بابت تحقيقي انداز ۾ روشني وڌل آھي. سنڌي درسي ڪتابن جي موضوعن ۾ جدت جي ضرورت کي اھميت ڏيندي ڊاڪٽر فھميدہ لکي ٿي ته: “سنڌي ۽ اردو جي درسي ڪتابن جون مشقون به ڪنھن ريت ٻارن کي پڙھائڻ ڏانھن راغب نٿيون ڪن ۽ ھنن کي اکر سکڻ ۾ ئي ٻه سال لڳيو وڃن ۽ پاڻھي لفظن کي پڙھڻ ۽ لکڻ ۾ اڃان به وڌيڪ وقت ٿو لڳي وڃي”
ڊاڪٽر فھميدہ درسي ڪتابن ۾ پنجاھ سٺ سالن کان ڪا به نواڻ نه اچڻ جي نشاندهي بار بار ڪئي آھي. ڊاڪٽر فھميدہ تاريخي حوالا ڏيئي، عربن جي سنڌ تي قبضي کان اڳ سنڌ ۾ تعليمي سرشتي جي موجودگي قابل محققن، عالمن استادن جي موجودگي کي ثابت ڪندي، درسي ڪتابن ۾ ٻارن کي ڏنل معلومات کي ناقص ٿي سمجھي، جنھن ۾ سنڌ جي تاريخ جي ابتدا عربن جي سنڌ ۾ اچڻ کان پوءِ شروع ڪئي ويندي آھي
ڊاڪٽر فھميدہ جي ڪتاب جي ٻئي ڀاڱي ۾46 مضمون شامل آھن. اھا حقيقت آھي ته ڊاڪٽر فھميدہ جي موضوعن ۾ وسعت ھجڻ سان گڏ انھن مان فڪري سوال گھڻا ٿا اڀرن. ادب جي شاگردن ۽ محققن سان گڏ ادب سان دلچسپي رکندڙ عام ماڻھن لاءِ پڻ ادبي مضمون گھڻي معلومات ڏيندڙ آھن. ٻئي ٻاڱي ۾ ادب ۽ تنقيد جي حوالي سان مواد آھي. ڊاڪٽر فھميدہ جي لکت جي خوبصورتي سندس عام فھم ٻولي آھي، جنھن جي ڪري محققن کان علاوه عام پڙھندڙ پڻ ڳوڙھا ادبي بحث آساني سان سمجھي سگھي ٿو
“ادبي وابستگي ڇا آھي؟” مضمون ۾ منفرد انداز ۾ ادب ۽ اديبن بابت مروج سماجي سوچ جيڪا ادب کي الھام سان سلھاڙي ٿي، ان کي دليلن سان بحث ھيٺ آندو اٿس. اديب جي خارجي ۽ داخلي حالت جو ادب تي اثر انداز ٿيڻ کي سھڻي نموني ۾ واضح ٿي ڪر ي ۽ اعليٰ ادب ۾ حقيقت نگاري کان اڳتي ارتقائي نظر ۽ تخيلاتي عنصر جي ھجڻ کي ضروري ٿي سمجھي. ھن ڀاڱي ۾ ڪتابن تي تبصرن سان گڏ، ڪجھ اديبن تي لکيل تبصرا به شامل آھن ته ڪجھ ڪانفرنس جو احوال ڪنھن سفر نامي جيان دلچسپ پيرائي ۾ بيان ٿيل آھي. مضمون “نئين تنقيد لاءِ اتساھ” ۾ سنڌي ادب ۾ نئين دؤر ۾ ادبي تنقيد تي لکيل ڪتابن جي کو ٽ جي نشاندهي ڪندي ادبي تنقيد جي لاڙن جي محدود ۽ مخصوص موضوعن ۾ قيد ھجڻ بابت پڻ ويچار ونڊيا اٿس. ڊاڪٽر فھميدہ لکي ٿي ته: “سنڌي ادب ۾ نون سانچن، نون گھاڙيٽن ۾نئين فڪر ۽ نئين حسيت سان نوان موضوع ته آيا، پر نئين تنقيد نه اچي سگھي آھي. ائين ئي ساڳي طرح اسان جي ڪلاسيڪي ادب، خاص ڪري شاھ، سچل ۽ سامي تي ڪنھن نئين پھلو کان تنقيد جي اڃان گنجائش آھي”
ڊاڪٽر فھميدہ ادبي ماٺار کي بار بار ٽوڙي ھر طريقي سان جدت ۽ نواڻ ڏانھن وڌڻ لاءِ رھنمائي ڪندي نظر ٿي اچي. تنقيد جي رخن کي وسعت ڏانھن وٺي وڃڻ جي چاھنا ٿي رکي. شيخ اياز جي شاعري جي مختلف پاسن کي سمجھائڻ لاءِ ھن ڪتاب ۾ پنج مضمون شامل ڪيا ويا آھن. “شيخ اياز ۽ تنقيد” مضمون ۾ ڪجھ مختلف بحث کي پڙھندڙن جي اڳيان آندو ويو آھي، جنھن ۾ ادبي نظرياتي تنقيد ۾ شخصي تضادن جي شموليت جي باعث پيدا ٿيندڙ مونجھارن بابت بحث ڪيل آھي. جنھن جي ڪري فني تنقيد تان نقاد جو ڌيان ھٽي ٿو وڃي. ڊاڪٽر فھميدہ شخصيت پرستي کي بت پرستي جي شڪل قرار ڏيندي، صحيح تنقيد کي تخليقڪار جي زندگي جي ضامن سمجھي ٿي. اديب يا شاعر جي تخليق کي سندس تصور کان ھٽي ذاتي ۽ پنھنجي نقطهء نظر سان پرکڻ جي ڪوشش ان جي فن سان نا انصافي ثابت ٿيندي
ڪتاب جي ٽئين ۽ آخري ڀاڱي ۾ شاھ عبداللطيف ڀٽائي جي شاعري تي مضمون شامل آھن. ڊاڪٽر صاحبه شاھ لطيف جي شاعري کي جديد دور جي تقاضائن مطابق سمجھڻ جي ڳالھ ٿي ڪري. پنھنجن مختلف مضمونن ۾ شاھ جي شاعري کي ٻين ٻولين جي شاعرن سان ڀيٽيندي ان جي ٻولي ۽ فڪر جي مختلف پھلوئن کي واضح ڪيو آھي. شاھ لطيف جي شاعري ۾ فطرت نگاري ۽ شاھ جي شاعري ۾ عورت جي نفسيات، شاھ عورتن جي حقن جو علمبردار کان علاوه شاھ ڀٽائي جي پيغام جو موجودہ حالتن تي اطلاق ۾ شاھ جي شاعري جا نوان رخ بيان ڪيا ويا آھن. ڊاڪٽر فھميدہ لکي ٿي ته: “شاھ جي رسالي ۾ اھڙا ڪيترائي پھلو ۽ گوشا موجود آھن، جن کي explore ئي ڪونه ڪيو ويو آھي ۽ انھن کي سمجھڻ سمجھائڻ لاءِ ڪنھن نئين بصيرت، نئين اعليٰ شعور ۽ آگاھي جي ضرورت آھي. روايتي طريقي سان تحقيق سان سندس نڪتهء نظر ۽ تصور vision کي سمجھڻ بجاءِ جديد نڪتهء نظر ۽Approach سان سمجھڻ جي لاءِ شاعري کي ھڪ شعوري تخليقي عمل سمجھندي ان بابت تحقيق ڪرڻ گھرجي”
شاھ جي شاعري ۾ انڪار جو فلسفو اڻ ڇھيل موضوع آھي، جنھن تي گھرائي سان تمام گھٽ لکيو ويو آھي. عزازيل جي انڪار کي شاھ ساراهيو آھي. ڊاڪٽر فھميدہ ان نڪتي کي سھڻي نموني ظاھر ڪيو آھي ته ان مان تحقيق جا ڪيترائي موضوع ڪر کڻندي نظر ٿا اچن. صوفي ازم بابت سوال اٿاريندي لکي ٿي ته: “اسان جي سماج کي عقليت Rationality واري نظريي جي ضرورت آھي، ھڪ ترقي پسند، روشن خيال، سماجي جاگرتا ۽ سماج سڌار نظريي جي ضرورت آھي، جيڪو انسان دوستي ۽ حق پرستي جا گڻ رکندو ھجي. موجودہ دور ۾ سنڌ جي صوفي مت کي ٻيھر سمجھڻو (Redefine) ڪرڻو پوندو. انھيءَ نظريي کي سائنس، ٽيڪنالاجي، معاشي، سياسي، سماجي ترقي جي لاءِ ضروري نظام جي ھڪ جزي طور کڻڻو پوندو، نه ته اھو اڪيلي سر غلط تشريحن ۽ تصورن جو شڪار ٿي اسان لاءِ ڪارائتو نه رھندو”
ڊاڪٽر فھميدہ جو ڪتاب عام پڙھندڙن کان علاوه ادب جي شاگردن لاءِ خاص اھميت رکندڙ آھي، سواءِ ڪجھ مضمون جي، جيڪي طوالت رکندڙ آھن، جن کي سمجھڻ لاءِ خاص طور تي وقت ۽ استاد جي ضرورت محسوس ٿئي ٿي. باقي ڪتاب تحقيق ڪندڙن لاءِ تحقيق جا نوان در کوليندڙ ۽ تحقيق لاءِ اتساھيندڙ آھي