(ٻيون ۽ آخري حصو)
ھاڻ اسين سنڌي ٻوليءَ جي اھڙي اھم نڪتي کي بحث ھيٺ آڻيون ٿا، جنھنجو تعلق ٻوليءَ جي ڪنھن “پيدا ڪيل” بگاڙ سان بلڪل نه آھي. سنڌي ٻوليءَ ۾ “ڇ” کي “ش” ۽ وري اُن جي اُبتڙ “ش” کي “ڇ” ۾ بدلائڻ جو رواج لاڙڪاڻي ضلعي جي ڪجھ علائقن تائين موجود آھي. ڪي اديب ھن مٽا سٽا کي به ٻوليءَ جي بگاڙ ۾ شامل ڪن ٿا، پر حقيقت ھي آھي ته اکرن جي ھي تبديلي مخصوص علائقن ۾ ٻوليءَ جي الڳ مخرج (اُچارن) جي ڪري آھي ۽ ٻي ڳالھ ته “ڇ ۽ ش” جي ھي مٽا سٽا ڳالھائڻ جي حد تائين آھي، لکڻ ۾ انھن حرفن ۾ ڪا به تبديلي ڪون ٿي ڪئي وڃي، تنھنڪري ھي ھڪ الڳ نوعيت جو لساني بحث آهي.
“ڇ/ش” جي مٽا سٽا ته وري به اتر سنڌ جي ڪجھ علائقن تائين محدود آھي، جڏھن ته “غ/ گ”، “خ/ک” ۽ ز-ذ-ض-ظ/ ج جي مٽا سٽا ته سڄي سنڌ ۾ موجود ۽ مروج آھي، پر ڇا ڪاڻ ته اِھا به “ڳالھائڻ” جي حد تائين آھي. ايئن ته شاھ سائينءَ جي ڪلام ۾ به ڪيترا ئي اھڙا لفظ آھن. جيڪي مٿي ذڪر ڪيل اکري/ لساني مٽا سٽا سان تعلق رکن ٿا. شاھ صاحب جي ٻن بيتن جي ھڪ ھڪ سٽ ھيٺ ڏجي ٿي، جنھن ۾ غ بدران گ ۽ ش بدران ڇ ڪتب آيل آھي.
* ڪونھي ھن ڪميڻي جو “بِگَر” تو بلو
* “پاڇاھي” نه پاڙيان، سَرتيون سُئيءَ ساڻ
مٿين سٽن ۾ “بِگَر” بغير جي بگڙيل صورت آهي (غ مان گ جي تبديلي) ۽ “پاڇاھي” “پادشاھي” جو بگڙيل لفظ آھي (ش مان ڇ جي تبديلي). ايئن ته سَوين نه پر ھزارين لفظ ھوندا، جيڪي عام ماڻهو مٿي ذڪر ڪيل تبديليءَ جي تحت ڳالھائڻ ۾ استعمال ڪري ٿو. ھڪ پراڻي انڊين گيت جا لفظ آھن:
“گَجَب” ھويو رام، “جُلُم” ھويو ري.
مٿيان نروار ٿيل لفظ اصل ۾ آھن. “غضب” ۽ “ظُلم”، پر مذڪورہ اکري مٽا سٽا جي قدرتي اثر جي ڪري اِھا تبديلي عمل ۾ اچي ٿي.
ٻولي ۽ لھجي سان تعلق رکندڙ اِھا لساني حقيقت ڪنھن کان ڳجھي آھي ته لاڙ جا رھواسي “ھ” گاڏڙ آواز چٽيءَ طرح اُچاري نه سگھندا آهن، مثال طور:
گھ:- گھوڙو بدران گوڙو چوندا آهن.
جھ:- جھرڪي بدران جرڪي چوندا آهن.
ڀ (ب+ھ):- ڀاءُ بدران باءُ چوندا آهن.
ڍ (ڊ+ھ):- ڍولڻ بدران ڊولڻ چوندا آهن.
ڙھ:- ڳاڙھو بدران ڳاڙو چوندا آهن.
مھ:- مُلھ بدران مل چوندا آهن.
نھ:- سنھو بدران سَنو چوندا آهن.
مٿيان سڀ اُچار ٻوليءَ جو بگاڙ نه آھن، پر لساني ۽ جاگرافيائي حالتن جو نتيجو آھن. اِھا لساني ڪيفيت لاڙ ۾ صدين کان موجود آھي.
سڄي سنڌ ۾ ھيٺيان ڏنڳين ۾ آيل لفظ عوامي سطح تي غلط اُچاريا ويندا آهن، پر اِھو عمل صدين کان ايئن ئي جاري آهي.
کان (خان)، کاب (خواب), کون (خون)، کُشي (خُوشي)، گَريب (غريب)، گَم (غم), گَفار(غفار)، گَزب (غضب)، جَھاج (جھاز)، رواز (رواج)، جنجير (زنجير) وغيرہ.
اسان جا ڪي اديب ۽ عالم زيرِ اضافت وارن لفظن کي به ٻوليءَ جو وڏو بگاڙ تصور ڪندا آھن، جڏھن ته معاملو ڪجھ ھيئن آھي ته زيرِ اضافت وارن لفظن جو حد کان وڌيڪ استعمال ته بيشڪ سنڌي ٻوليءَ جي خوبصورتيءَ کي متاثر ڪري ٿو. پر اھڙن لفظن جو جائز ۽ موقعي مھل وارو استعمال ٻوليءَ جي سُونھن کي نقصان ڪونه ٿو رسائي. جھڙوڪ ھيٺيان لفظ ٻوليءَ جي لفظي ۽ معنوي حُسن کي متاثر ھرگز نٿا ڪن: باباءِ سنڌ، عشقِ نبي، قائدِ عوام، خوفِ خدا، نعرہءِ حيدري، صبرِ ايوب، سلامِ محبت، جانِ وفا، ابنِ علي، ديوارِ چين، نذرِ الله ۽ نيازِ حْسين وغيرہ.
مٿيان سڀ لفظ ادائگي جي لحاظ کان آسان ۽ سُريلا لڳن ٿا، سڀ کان آخري ٻه لفظ ته فقير به پنڻ وقت استعمال ڪندا آهن. مطلب ته انھن لفظن جي معني ۽ مفھوم کان عام ۾ عام ماڻھوءَ به واقفيت رکي ٿو. شاعريءَ ۾ ته اھڙا لفظ ويتر ئي رنگ ۽ رچاءُ پيدا ڪندا آهن. مثال طور:
آءُ منھنجي چمن ۾ بادِ صَبا ڪجھ آھسته ڪجھ آھسته
مُکڙين تي چڙھي ٿو رَنگِ حِنا ڪجھ آھسته ڪجھ آھسته
ڏسو! بادِ صَبا ۽ رَنگِ حِنا جي لفظن شعر ۾ ڪيتري نه لفظي خوبصورتي ۽ رعنائي پيدا ڪري ڇڏي آهي. باقي اھا ڳالھ اُن صورت ۾ بگاڙ ئي چئبي جڏھن فارسي ۽ عربيءَ جا ڏکيا ۽ ڳرا لفظ ھرو ڀرو تحرير يا تقرير ۾ ٽنبيا ويندا.
ھن حوالي سان ھڪ ٻي ڳالھ به ذھن نشين ڪئي وڃي ته ھر اديب ۽ عالم جي ٻولي، لھجو ۽ لفظي ذخيرو پنھنجو پنھنجو ٿيندو آھي. ھڪڙن اديبن جي تحريرن ۾ عربي توڙي فارسيءَ جا لفظ اھڙا ته بر مھل ۽ بَر جُستا استعمال ٿيل ھوندا آھن. جو ڄڻ ته مُنڊيءَ تي ٽڪ ھجن.
ھاڻ اسين ھڪ ٻئي حساس قسم جي بگاڙ جي ڳالھ ڪنداسين. منھنجي نظر مان ھڪ مضمون گذريو، جنھن ۾ “سُونھن” بدران “سُونھپ” جو لفظ ڪتب آيل ھو. لفظ “سُونھن” ۾ ھرو ڀرو “پ” جو واڌارو ڪري اُن سان ھٿ چراند ڪئي وئي آھي. سڀاڻي جيڪڏھن ڪو ٻيو “ٻوليءَ جو ڪاريگر” سُونھپ مان “سونھنپائي” ڪري ڇڏيندو ته پوءِ ڇا ٿيندو!
ٻوليون فطرت ۽ ماحول مان جنم وٺنديون آهن ۽ پنھنجو پاڻ سَنورنديون ۽ نکرنديون آھن. ٻولي اديب ۽ عالم ڪو نه ٺاھيندا آھن. انھي ڪري ئي چئبو آهي ته ٻوليون پھرين جنم وٺنديون آھن ۽ اُنھن جون لغتون ۽ گرامر پوءِ جُڙندا آھن. لغتن جو بنيادي ماخذ لوڪ ادب ۽ ڪلاسيڪي شاعري ئي ھوندي آھي.
سنڌي ٻوليءَ ۾ سوين نه پر ھزارين لفظ انگريزي، فرانسيسي، تُرڪي، عربي ۽ فارسيءَ جا شامل آھن. اھي لفظ سنڌيءَ ۾ اھڙا ته جذب ٿي ويا آھن، جو ھاڻ اسين جيڪڏھن ويھي اُنھن جا ٺيٺ سنڌي متبادل لفظ ٺاھيون ته اسانکي حيرت انگيز ناڪامي کانسواءِ ڪجھ به نه ورندو. مثال طور ھي انگريزي لفظ :
جگ، گلاس، ڪَپ، ساسر، پليٽ، ڊيش، ٽري، ٽي وي، ريڊيو، فلم، ٿيئٽر، ڪوٽ، پينٽ، شرٽ، ٽاءِ، ڪار، رڪشا، پيٽرول، بس، ٽرين، سائيڪل، ٽڪيٽ وغيره.
زيرِ بحث موضوع ڪو نئون نه آھي، انھي موضوع تي گذريل ٽن چئن ڏھاڪن کان مضمون ۽ مقالا لکيا پيا وڃن ۽ سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو ٻوليءَ جي درست استعمال بابت آگاھيءَ لاءِ وقت بوقت سيمينار ۽ ورڪشاپ به ڪرائيندو رھي ٿو. ليڪن حقيقت اِھا آھي ته ٻوليءَ جو بگاڙ فقط سيمينارن ۽ ورڪشاپن سان يا انھيءَ موضوعن تي بار بار ڪتاب ڇپرائڻ سان ڪو نه سڌرندو. ٽي وي چينلن جي مالڪن، اينڪرن ۽ ڊرامي جي اداڪارن کي اھي ڪتاب ڪير پڙھائيندو؟ اھڙيءَ ريت سوشل ميڊيا، واٽس ايپ ۽ فيس بُڪ تي ڪتب ايندڙ ٻوليءَ کي ڪيئن دُرست ڪبو. 1853ع ۾ انگريز حڪومت پاران سنڌي ٻوليءَ جي لِپي مقرر ٿيڻ کان پوءِ به ٽيھن چاليھن سالن تائين سنڌي ٻوليءَ جا سوين لفظ مختلف اِملا/ صورتخطيءَ ۾ لکيا ويندا ھئا. انھي ڳڻتي جوڳي ۽ حساس صورتحال کي ڏسندي حڪومت جي تعليم کاتي پاران دُرست صورتخطيءَ وارن لفظن جون فھرستون يا لڙھيون وڏي اھتمام سان جاري ڪيون وينديون ھيون ته جيئن تدريسي ۽ اشاعتي ادارن ۾ ٻوليءَ جي دُرست استعمال کي يقيني بڻائجي. اھڙن لفظن جون لڙھيون تعليم کاتي جي رسالي “اخبارِ تعليم” ۽ وڏن ادبي رسالن ۾ پڻ شايع ٿينديون ھيون. اھڙو ڪارائتو رڪارڊ اڄ به وَس وارن ادارن وٽ موجود ھوندو. بس ضرورت ان ڳالھ جي آھي ته اُن قيمتي مواد کي نئين سر انتھائي سنجيدگي ۽ نيڪ نيتيءَ سان اُنھن ھنڌن تائين رَسايو وڃي جتي اُن قسم جي مواد جي سخت ضرورت آهي. مثال طور: پرائمري اسڪول، سنڌي ٻوليءَ جا سکيا مرڪز، اخبارن جا منتظم، ٽي وي چينلن جا مالڪ، اينڪر پرسن، ڊرامن جا اداڪار ۽ ڳائڻا وغيره. ڪو اھڙو ادارو يا ذميوار ڪاميٽي ھئڻ گھرجي جيڪو سوشل ميڊيا تي ٻوليءَ جي بگاڙ جي نشاندھي طور سوشل ميڊيا تي درست لفظن ۽ جملن جون پوسٽون رکندو رھي.
ٻوليءَ جي بگاڙ يا درست استعمال بابت ھر سال يا وقت بوقت سيمينار يا ورڪشاپ انھيءَ ڪري به بي وقعت ۽ غير اھم ثابت ٿين ٿا، ڇاڪاڻ ته انھن سيمينارن ۾ شرڪت ڪندڙ فقط اديب ۽ دانشور ئي ھوندا آھن. انھن ۾ اھڙا ماڻھو شريڪ ڪون ٿيندا آھن. جن کي واقعي ٻوليءَ جي دُرست استعمال سکڻ جي ضرورت ھوندي آھي.
ٻوليءَ جي صحيح استعمال جو اُونو ھونئن ته ڪيترن ئي وڏن ۽ نامور اديبن کي رھيو، پر ھن حوالي سان سڀ کان وڌيڪ فڪر مند اسان سائين ابراهيم جويي ۽ علامہ آءِ آءِ قاضيءَ کي ڏٺو. حقيقت ھي آھي ته زيرِ بحث موضوع تي انتھائي غير جذباتي ۽ حقيقت پسند انداز ۾ سوچڻو ۽ ڪم ڪرڻو آهي. ڪو به اديب ھن حساس موضوع تي رڳو ان ڪري مضمون نه لکي ته جيئن سندس تحرير ڪنھن اخبار يا رسالي ۾ ڇپجي، پر ھن نازڪ موضوع تي اُھو اديب يا عالم قلم کڻي جيڪو خاص طور لسانيات، لغت ۽ گرامر جو سٺو ڄاڻو ته ھجي پر سنڌي ٻوليءَ جي اصلوڪي لفظي ۽ معنوي حُسناڪي کي قائم ۽ دائم رکڻ جي بي پناھ چاھت به رکندو ھجي ۽ ھن حوالي سان عملي سھڪار لاءِ به پنھنجون بي لوث خدمتون پيش ڪرڻ لاءِ به رضامند ھجي.
اوھان کي اِھو ٻڌي حيرت ٿيندي ته ھن موضوع تي اھڙا ليک به نظر مان گذريا جن ۾ پڙھڻ لاءِ صرف اِھا ڳالھ موجود ھئي ته فلاڻي رسالي ۾ فلاڻي اديب جو جيڪو مضمون ڇپيل آھي، اُن ۾ ليکڪ موصوف ھي چار لفظ فارسي ۽ عربي جا استعمال ڪيا آھن، جن جي جاءِ تي کيس ھي ٺيٺ سنڌي لفظ استعمال ڪرڻ کپندا ھئا.حقيقت پسنديءَ سان ڏٺو وڃي ته ھي نُڪتو ھڪ الڳ موضوع آهي ته ھر سٺي نثر نگار وٽ تحرير جو پنھنجو منفرد رنگ ڍنگ ۽ پنھنجو پنھنجو اُسلوب ٿيندو آهي، جنھن ۾ لفظن جو ذخيرو پڻ شامل آھي. ايئن ته وڏن نامور نثرنگارن جي لکڻين ۾ اوھانکي عربي، فارسي توڙي ھندي ٻوليءَ جا انيڪ لفظ ڏسڻ ۾ ايندا. بھر حال، ھن نازڪ ۽ حساس موضوع تي وڏي خبرداري، علميت، فني واقفيت ۽ گھربل نتيجا ڏيندڙ قلمي پورھيي ۽ عملي اپائن جي ضرورت آھي.