سنڌي ٻوليءَ جو شمار دنيا جي انهن سدا حيات ٻولين جي گروھ مان ٿئي ٿو جيڪي صدين کان قائم ۽ دائم رهنديون اچن. سنڌ صوبي ۽ سنڌ واسين جي سڃاڻپ هن مٺيءَ ۽ سلوڻي ٻوليءَ جي ڪري آهي. هن عظيم ٻوليءَ جا سڄاڻ ۽ ساڃهہ وند ئي سنڌي قوم جا محسن آهن.
ٻولي ڄاڻندڙن ۽ سمجھندڙن کي شاھ جي ڪلام جو گھڻو ڀاڱو ياد آهي ۽ اهي پنهنجي روزاني جي زندگيءَ ۾ انهيءَ جو عام جام استعمال ڪندا آهن. اسان ڏسنداسين ته ڪيترائي شاھ جا بيت يا ڪجھ سٽون، ماڻهو موقعي مهل تي محفلن ۾ جھونگاريندا ۽ بيان ڪندا آهن. شاھ صاحب جي ڪيترن ئي بيتن جون سٽون سنڌي ٻوليءَ ۾ پهاڪن يا ضرب المثل طور هلندڙ آهن. جيئن مثال طور: ڪي اوڏا به ڏور، ڪي ڏور به اوڏا سپرين ، وَکَرِ سو وِهاءِ جو پئي پراڻو نه ٿئي ، ايءَ نه مارن ريت جيئن سيڻ مٽائين سون سين، ڏاتار ته تون ٻيا مڙيئي مڱڻا، اگھيو ڪائو ڪچ ماڻڪن موٽ ٿي، ٻُڏيءَ جا ٻيڻا ٿيا، جي گھڙيا سي چڙهيا، لکيو لوح قلم ۽ ٻيا مثال آهن. جن مان معلوم ٿئي ٿو ته شاھ جي ڪلام جي سٽن مان ڪيترائي اصطلاح ۽ چوڻيون سنڌي ٻوليءَ ۾ رائج آهن.
اهڙي حاصل ٿيل روحاني ۽ ذهني وابستگيءَ ۽ حُب جو علمي ثبوت اديبن، شاعرن، عالمن ۽ دانشورن پنهنجين لکڻين ۾ ڏنو آهي. انهيءَ اظهار لاءِ هُنن پنهنجي مقالن، مضمونن، افسانن، ناولن، افسانوي مجموعن، سفرنامن، ناٽڪن، سوانح عمرين، آتم ڪهاڻين، شاعريءَ جي مجموعن ۽ ٻين انيڪ ڪتابن جا عنوان شاھ جي بيتن مان چونڊيا آهن. جيڪڏهن سنڌي نثر و نظم جي هيل تائين جي ڇپيل ڪتابن جو جائزو ورتو وڃي ٿو ته معلوم ٿيئي ٿو لطيفيات جي عنوانن تي مشتمل ڪتابن جو ڳاڻيٽو لڳ ڀڳ پنج سئو کان به مٿي ٿي ويندو اهي ڪتاب لطيفيات جي عنوانن جي حوالي سان هڪ خاص حيثيت رکن ٿا.
سنڌي ادب جي ڪتابن جي هِنَ مَدَ ۾ پرک ڪرڻ لاءِ جيڪڏهن شروع دور کان ڏسنداسين ته خبر پوندي ته شروع دور جا ڪتاب گھڻي ڀاڱي تاريخ، مضمون نويسي، تفسير، قرآن شريف، نظم، ديوان، مثنوي ۽ موضوعن تي ملن ٿا جن جا موضوع مضمون جي مناسبت سان رٿيل آهن.
جيئن عربي ۽ فارسي طرز جا عنوان: مفيد الطالبين، مفتاح القلب ، ڪاشف الغموض، جواهر الغات ، طوطي نامو ، سوداءِ خيام ، هندي عنوان: آڪاس نروار، سنساري نروار، هري درشن، ڦول مالا، ڀڄن مالا، ساوتري، جيون چرتر ، هندو سنسار ۽ ٻيا رکيا ويا.
برطانوي دور ۾ پرڏيهي ادب مان ڪجھ نيون صنفون سنڌي ادب ۾ داخل ٿيون، جيئن ناول، افسانو، وغيره. آهستي آهستي جڏهن سنڌيءَ ۾ گھڻا ڪتاب نون موضوعن تي لکجڻ لڳا تڏهن ڏيهي ٻوليءَ جي عنوانن جڳھ حاصل ڪئي. جيئن غلاميءَ کان مٿي چاڙهو ، سون ورنيون دليون ، سهاڳڻ ، غريبن جو ورثو ، جھان آرا ، زينت ۽ ٻيا ڪتاب شامل آهن. مٿئين اپٽار مان اهو نتيجو نڪري ٿو ته سنڌي ادب ۾ ورهاڱي کان اڳ جي لکيل ڪتابن جا عنوان لطيفي بيتن مان نه آهن. خاص طور ورهاڱي کان پوءِ اهو لاڙو وڌيڪ اهميت حاصل ڪري ويو. جيڪو موجوده وقت ۾ پنهنجي ڪمال تي آهي.
شاھ صاحب جي بيتن مان عنوان چونڊڻ جو رواج افسانن، مضمونن، مقالن، ڪالمن، ايڊيٽوريلن، تاثر ۽ اوسار جي ليکن مان پيو. جيڪي گھڻي تعداد ۾ ملندا
جيئن، افسانا، ڀؤنر ڀري آڪاس عبيد راشدي، پن ٻوڙين پاتال ۾ حفيظ شيخ، گل ڇنو گرنارجو آغا سليم، نوري ۽ ناري جوڳيئڙا جهان ۾ مراد علي مرزا، راڻا جي رجپوت ، ٿيس ڏهاڳڻ ڏيھ ۾ ، حميد سنڌي، مضمون ۽ مقالا: سسئي جا سور حافظ محمد احسن، ڏوريان ڏوريان مَ لهان ، ڏک سکن جي سونهن ، جيئن سو هرڻ هُماءُ سرگردان سنسار ۾ ، سسئي سڄي سڪ ته پڻ سڪي سسئي ڪشنچند عزيز، وکر سو وهاءِ جو پئي پراڻو نه ٿئي پير حسام الدين راشدي، سر سوري ڌڙ ڪنڱرين ضياءالدين بلبل، عاشق عزازيل ٻيا سڀ سڌڙيا علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، ڪوڙين ڪن سلام ڪريم بخش خالد، ويا سي وينجھار منگهارام ملڪاڻي، جي تو بيت ڀانيان ڪلياڻ آڏواڻي، تون ڪا ڪاني پاءِ ڊاڪٽر قاضي نبي بخش، تتيءَ ٿڌيءَ ڪاھ سائين جي.ايم سيد، جيڪس ويا جبروت محمد ابراهيم جويو، تو جي بيت ڀانيان ڊاڪٽر ابراهيم خليل، ماڻهو سڀئي نه سهڻا دادا رام پنجواڻي، ابر ۾ اهاءُ ٿيو شيخ اياز، سامور نه مرڪي ماڙئين ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، تون پارس آئون لوھ ، رتيءَ جي رهاڻ ڊاڪٽر غلام علي الانا، حامي هادي هاشمي ، آهينم ڳالهڙيون ماءِ ، هيري هٿ وڌائين ، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، اڄ پڻ آڳڙيا آيا رسول بخش پليجو، ڇڄ مَ قطاران ، سکر سي ئي ڏينهن عبدالواحد آريسر، اکڙيون پرينءَ ريءَ عنايت بلوچ، وکر سو وهاءِ امداد حسيني، سونهان سڌيون ڏين مهدي شاھ، هتان کڻي هُت جن رکيو سي رسيون شازيه سفير پتافي، حيف تنين هوءِ جن وطن وساريو ، هو چونئي تون مَ چئو ، مفتي منجھ ويهار ته قاضيءَ ڪاڻيارو نه ٿيين ، اسين سڪون جن کي سي تان اسين پاڻ ، پورهئي هٿ سڪار تو وس آهن هٿڙا ، پنهون ٿيس پاڻ تان سسئيءَ تان سورهئا ، ڏورينديون ڏسن اڱڻ عجيبن جا ، ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ آهن، هي ليک نئين زندگي، ٽه ماهي مهراڻ، سهڻي مخزن، روح رهاڻ، لطيف ڊائجسٽ، ڦليلي مخزن، ڪينجھر، ڪلاچي ۽ ٻين مخزنن کان علاوه ليکڪن جي ذاتي ڪتابن ۾ آيل آهن، ٻيا ڪيترائي مضمون ۽ مقالا، تاثر، اوسار، ڊائرين جا ورق، افسانن جا عنوان، هن ڏس ۾ ڏَسي سگهجن ٿا،
اهڙيءَ ريت نثر ۽ نظم جي انيڪ ڪتابن جا عنوان هن سدا حيات شاعر جي شاعريءَ تان سرجيل آهن، ڪتابن جا موضوع شاعري، ناول، ڊراما، ڪهاڻيون، آتم ڪهاڻيون، سفر ناما، مضمون، مقالا ۽ ٻيا آهن،
چند ڪتابن جا عنوان هن ريت آهن: سسي نيزي پاند ، محمد عثمان ڏيپلائي. عشق ناهي راند گوبند مالهي. مرڻ مون سين آ سراج الحق ميمڻ. حياتي هوتن ري ڪلا پرڪاش. مڙيا مڇ هزار نثار حسيني، وئي وِهامي راتڙي چنا شبير ناز، مٽيءَ لڌو مان اياز قادري، اندر جنين اڃ ماهتاب محبوب، هو جي وڻ وِلات جا عبدالحئي پليجو، ڏور به اوڏا سپرين تاجل بيوس، جنب گذاريم جن سين جي ايم سيد، جهڙا گل گلاب جا غلام رباني آگرو، سکر سي ئي ڏينهن محمد اسماعيل عرساڻي، ڪاري ڪڪر هيٺ استاد بخاري، جاني آيو جوءَ ۾، سمنڊ جي سيوين الطاف شيخ، جي تند برابر توريان، جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي شيخ اياز ۽ ٻيا انيڪ آهن. منهنجي پنهنجي پندرهن ڪتابن جا عنوان شاهه لطيف جي رسالي مان چونڊيا اٿم جيئن سون ورنيون سوڍيون (ڪهاڻيون)، محبت پائي مَنَ ۾ (مقدما مهاڳ) اٿي رائو ريل (تحقيق) ۽ ٻيا آهن، ۽ منهنجو ڪتاب آديسين ادب آهي اکڙين ۾ اهڙن ٽي سئو پنجاهه ڪتابن جي عنوانن جي ڄاڻ ڏئي ٿو، هر ڇاپي ۾ اهو ڳاڻيٽو وڌائي رهي آهيان. اہوڪتاب ٻه دفعا ڇپجي چڪو اهي، موجوده وقت سنڌ سلامت آن لائن ڪتاب گهر تي موجود آهي.
حاصل مطلب ته شاهه لطيف جي شاعري سنڌي ٻولي ۽ ادب جو اثاثو ۽ تخليقي ڪاوشن جو سرچشمو آهي، هيءَ سدا حيات شآعري سنڌي قوم جي جذبن، احساسن ۽ دلين جي ترجمان آهي، جنهن جو اظهار هن ٻوليءَ جي قلمڪارن خوب دِل سان ڪيو آهي. (نوٽ: هيءُ مضمون طوِيل آهي، موضوع جي آگهيءَ لاءِ هتي مختصر ڪري ونڊ ڪيو ويو آهي)