سنڌي ٻوليءَ جي واڌاري لاءِ لينگويج اٿارٽي ۽ ڀرڳڙي انسٽيٽيوٽ ۾ صحيحون

سنڌي ٻوليءَ جي واڌاري لاءِ لينگويج اٿارٽي ۽ ڀرڳڙي انسٽيٽيوٽ ۾ صحيحون

حيدرآباد (بيورو رپورٽ)  سنڌي ٻوليءَ جي ترقي ۽ واڌاري خاص طور سنڌي ورڊ نيٽ سسٽم ۽ ڊجيٽل لساني منصوبن ۾ گڏيل ڪوششن کي يقيني بڻائڻ لاءِ سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري ۽ عبدالماجد ڀرڳڙي انسٽيٽيوٽ آف لينگئيج انجنيئرنگ وچ ۾ مفاهمتي ياداشت تي صحيون ٿي ويون سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري جي چيئرمئن ڊاڪٽر شير مھراڻي ۽ عبدالماجد ڀرڳڙي انسٽيٽيوٽ آف لينگئيج انجنيئرنگ جي ڊائريڪٽر امر فياض ٻرڙي اٿارٽي جي دفتر ۾ گڏيل مفاهمتي ياداشت تي صحيون ڪيون. معاهدي موجب سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري جا پنج ملازم عبدالماجد ڀرڳڙي انسٽيٽيوٽ آف لينگئيج انجنيئرنگ جي ٽيڪنيڪل هدايتن ۽ نگراني هيٺ ڪم ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيا ويندا، اداري پاران نامزد ڪيل پنجن ئي ملازمن کي گهربل ڪمن بابت عبدالماجد ڀرڳڙي انسٽيٽيوٽ فني تربيت ڏيندو. تربيت ورتل ملازم اسپيچ ٽيڪنالاجي ۽ سنڌي ورڊ نيٽ سسٽم ۾ حصو وٺي ڊيٽا جي ترتيب، تشريح ۽ لفظي توڙي آوازي داخلائن ۾ مدد ڪندا. معاهدي موجب ٻئي ادارا سنڌي ٻوليءَ جي بچاء، واڌاري ۽ جديد ٽيڪنالاجي سان لاڳاپيل ڪمن لاءِ گڏيل معلومات ۽ مھارتن جي مٽا سٽا ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿي ڪم ڪندا.