سنڌي پاڪستان ۾ نٿي ڳالهائي وڃي: نصيرالدين شاهه

جُون 6, 2023

ڪراچي (پنهنجي ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪار نصيرالدين شاهه چيو آهي ته سنڌي پاڪستان ۾ نٿي ڳالهائي وڃي، ٻيون ڪيتريون ئي ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون

نصيرالدين شاهه جي اهڙي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي ۽ مٿس تنقيد ٿي رهي آهي

هڪ انٽرويو ۾ نصيرالدين شاهه چيو ته پاڪستان ۾ پنجابي، پشتو، سرائيڪي، دڙي ۽ ٻيون ڪيتريون ئي ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون پر سنڌي پاڪستان ۾ نٿي ڳالهائي وڃي

نصيرالدين شاهه جي اهڙيو وڊيو ڪلپ شيئر ڪندي اشفاق آذر لکيو ته نصيرالدين شاهه، بنا شڪ شبهي هڪ وڏو اداڪار ۽ منهنجي پسند جي ڪجهه اداڪارن منجهان آهي، پر تازو هن انٽرويو ۾ چيو ته پاڪستان ۾ پنجابي، پشتو، سرائيڪي، دڙي ۽ ٻيون ڪيتريون ئي ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون پر سنڌي پاڪستان ۾ نٿي ڳالهائي وڃي. سنڌي ته هڪڙي ئي آهي جيڪا سنڌ ۾ ڪروڙين ماڻهو ڳالهائين ٿا، شاهه صاحب الائي ڪهڙي سنڌيءَ جي ڳالهه پيو ڪري

وينگس به نصيرالدين شاهه جي وڊيو ڪلپ شيئر ڪندي لکيو ته نصير الدين شاهه جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ هاڻي سنڌي نه ٿي ڳالهائي وڃي. خبر ناهي هي ڪهڙي دنيا ۾ رهن ٿا جن کي سنڌ جي ڪا خبر ناهي ته سنڌي ٻولي جنهن وٽ پنهنجو ادب ۽ هزارين جي تعداد ۾ سنڌي اخبارون ۽ ڪيترائي ٽي وي چينل آهن. شڪر آهي هن اهو نه چيو ته سنڌي وجود ئي نه ٿا رکن

Leave A Comment