تازا ترين
  • *حڪومت سان في الحال ڪنهن به معاملي تي ڳالهيون نه ٿينديون، عوام جي حقن لاءِ پي ڊي ايم جدوجهد جاري رکندي: مولانا فضل الرحمان*
  • *لاڙڪاڻي ۾ گهر خالي ڪرڻ جا نوٽيس ملڻ بعد رائيس ڪئنال جي ڪپرن تي ويٺل رهواسين جو ٻئي ڏينهن به پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج*
  • *ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 67 مريض حياتيون وڃائي ويٺا، 24ڪلاڪن دوران 2 هزار 458 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا*
  • *ڊاڪٽر ماها ڪيس مان ڊاڪٽر عرفان قريشي جو نالو ڇو خارج ڪيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان ڊاڪٽر ماها ڪيس جي جاچ آفيسر تي ڪاوڙ جو اظهار*
  • *رمضان شگر ملز ڪيس ۾ حمزه شهباز جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *بلين ٽري سونامي پروگرام ڪير پيو هلائي، ڪٿي به ڪو وڻ ناهي پوکيو ويو، سپريم ڪورٽ بلين ٽري سونامي پروگرام جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو*
  • *اسٽيل ملز جا ملازم جبري برطرف ڪرڻ خلاف سراپا احتجاج بڻيل*ملير ۾ اسٽيل ملز جي مُک گيٽ آڏو وڏي تعداد ۾ ملازمن جو ڌرڻو، برطرف ٿيل ملازمن کي بحال ڪرڻ جو مطالبو*

’سنڌي ڇهون ڪتاب‘ ۾ نعت جي شاعر جو غلط اندراج … ڊاڪٽر الطاف جوکيو

درسي ڪتابن جي تياريءَ وارو عمل انتهائي نازڪ مرحلو هوندو آهي. سڀ کان پهريائين نصاب (ڪريڪيولم) تيار ٿيندو آهي، جنهن ۾ مختلف مهارتن جي دائري هيٺ، ٿلهي ليکي، سکيا جي حاصلات واري صورت ۾ اهڙا نڪتا ڏنا ويندا آهن، جن ۾ تعليم سان گڏ تربيت جا اشارا موجود هجن. هي نصاب اصل ۾ ٽيڪسٽ بڪ لکندڙن لاءِ هڪ گائيڊ لائين هوندي آهي ته جيئن اهڙن سبقن ۽ ان جي مشقن جي چونڊ ٿي سگهي جن ۾ سڀني مهارتن جو اطلاق رهي. سبقن جي چونڊ بعد ڪريڪيولم پاران چونڊيل صوبائي جائزه ڪاميٽي اهو جاچيندي آهي ته چونڊيل سبق ’ڪريڪيولم‘ پاران ڄاڻايل ’سکيا جي حاصلات‘ موجب آهن يا نه؟ جيڪي سبق ڏنا ويا آهن، تن موجب ڇا ڄاڻايل ’سکيا جا حاصلات‘ مڪمل، حاصل رهن ٿا؟ چونڊيل سبقن آهر، ان ڳالهه جو خيال وڌ ۾ وڌ رهندو آهي ته ان ۾ اهڙو ڪو اعتراض جوڳو لفظ يا خيال نه هجي، جيڪو ڪنهن به طبقي جي ماڻهوءَ لاءِ گران نه گذري، ڇاڪاڻ ته ٽيڪسٽ بڪ، پوري خطي جي هر طبقي، مزاج ۽ مذهب جي نمائندگي ڪندڙ هوندو آهي.ڪريڪيولم/ نصاب جي بنياد تي ٽيڪسٽ جا لکندڙ چونڊيا ويندا آهن، جيڪي مقرر دائري هيٺ لکندا آهن يا مختلف ليکڪن يا شاعرن جو لکڻيون، ٽيڪسٽ بڪ بورڊ واري نگران جي نظرداريءَ هيٺ، گڏ ڪري ڪتاب جوڙي، صوبائي جائزه ڪاميٽيءَ جي حوالي ڪندي آهي. هاڻي صوبائي جائزه ڪاميٽيءَ وس آهرچڪاسي ان جي درستي ڪري وٺندي آهي ۽ ’سکيا جي حاصلات‘ موجب خال نوٽ ڪري، ان جي پورائي لاءِ هدايتون پڻ ڏيندي آهي.
منهنجي والد مرحوم، محبوب علي جوکييجو سنڌي نثري ادب ۾ هڪ ڪردار رهيو آهي. ان جو هڪ مضمون ’پورهيت‘ نائين جي سنڌي نصاب ۾ رهيو، سنڌي اٺين ڪتاب ۾ ’هاري‘ جي عنوان سان مضمون پڻ رهيو. ان بعد نائين جي سنڌي نصاب ۾’خلائي سفر‘ شامل رهيو، جيڪو ’ماهوار سائنس‘ مان ورتل هو پر ليکڪن ۾ نالو گم رهيو. سنڌي اٺين ڪتاب ۾ ’شهري بچاءَ جي سکيا‘، جيڪو ڪتاب: ’منهنجا مضمون‘ مان بعنوان ’شهري بچاءُ‘ تان ورتل هو پر ليکڪن ۾ نالو غائب! سنڌي ٽيڪسٽ بڪ بورڊ سان اهڙي لکپڙهه به رهي پر نتيجو ٻڙي! يعني انهن ليکڪن ۾ هڪ- ٻه اهڙا ليکڪ رهيا هوندا، جن جوکيي مرحوم جو نالو ڏيڻ مناسب نه سمجهيو ۽ پنهنجو پاڻ کي ڳڻايو.موجوده حالت ۾ صوبائي جائزه ڪاميٽي اهڙن معاملن ۾ محتاط رهي آهي، يعني ڪوبه سبق شامل ڪجي ته ان جي ليکڪ جو نالو ضرور ڳڻيو وڃي. منهنجي ناقص راءِ ۾ اڳين ليکڪن مان ڪنهن هڪ کان اهڙي قسم جي ڪوتاهي ۽ لاپرواهي رهي آهي. 2020ع واري سنڌي ڇهين ڪتاب جي ڇاپي ۾ پڻ اهڙي ڪوتاهي نوٽ ڪئي وئي آهي.
پي.ايڇ.ڊي اسڪالر، علي رضا قاضيءَ فون ڪري ٻڌايو ته ”سائين، هي سنڌي ڇهين ڪتاب ۾ ڄاڻايل ٽئين سبق ۾ جيڪو نعت ڏنو ويو آهي، تنهن جو شاعر ’مصري شاهه‘ ڄاڻايل آهي، جڏهن ته اهو ساڳيو نعت، ’مولود‘ جي عنوان سان ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي 1961ع ۾ مرتَب ڪتاب ’مولود‘ موجب ’مهدي شاه‘ جو آهي. ٽيڪسٽ بڪ ۾ اهڙي غلطي ڪيئن ٿي سگهي آهي؟ عجيب ڳالهه آهي ته نالي واري مصرع ۾ به ’مهدي شاه‘ جو نالو هٽائي ’مصري شاهه’ لکيو ويو آهي. جڏهن ته اندروني هم قافيه لفظن سبب، گهاڙيٽو به ’مولود‘ جو آهي، نعت جو ناهي. نعت ته عام طور عروضي صنفن ۾ لکيو ويندو آهي!“مون جڏهن ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جو 1961ع ۾، ترتيب ڏنل ڪتاب ’مولود‘، سنڌي ادبي بورڊ جي ويب سائيٽ تي ڏٺو ته واقعي به مهدي شاهه ڏانهن منسوب اَٺ مولود موجود آهن، جنھن ۾ شاعر بابت هن ريت آهي: ”پير مهدي شاهه ولد علي محمد شاهه بخاري 1297 هه/ 1879ع ۾ وفات ڪئي. سندس تربت ملوڪ شاهه اولياءَ جي مقام، لڳ ميرواهه گورچاڻيءَ ۾ آهي.“ ڪتاب موجب مذڪوره مولود ’ٽئين نمبر‘ تي هيٺين ريت آهي:
اچي ويرَ، ڏي سڌير، مٺا ميرَ موچارا،
سُڻي آههَ، ڪجان ڪاههَ، مٺا ميرَ موچارا.
نفس نور، ڪيو شور، ڏوهن ڏيل ڏڪايو،
بخش ڏوهه، ڪجان توهه، مٺا ميرَ موچارا.
شِر شيطان، بي ايمان، نا اهل نِوايو،
ڏي پناهه، سچا شاههَ، مٺا ميرَ موچارا.
قبر قيام، اندر ڄامَ، مٺا ماڙ ڪجانءِ ڪا،
اتي گهوٽَ، ڪجانءِ موٽ، مٺا ميرَ موچارا.
مهدي شاهُه، چئي سياهُه، ڪاملَ قلب اُجاريو،
ڪيان تعريف، تو شريفَ، مٺا مير موچارا.
ساڳئي ’مولود‘ مان ٻيون ۽ ٽيون بند پاسي ڪري، ’مهدي شاهه‘ کي هٽائي ’مصري شاهه‘ لکيو ويو آهي. اها ڪار آهي ته خيانت، پر سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ’اها خيانت ڊاڪٽر بلوچ ڪئي آهي، يا ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جي ليکڪن ڪئي آهي؟‘ منهنجي سامهون، 2020ع ۾ شايع ٿيل، ڇاپي پهرئين وارو، ڇهين جو سنڌي ڪتاب آهي، تنهن ۾ هيٺين ريت اهم نالا ڏنل آهن:
نگران اعلى: آغا سهيل احمد، چيئرمين، سنڌ ٽيسڪٽ بڪ بورڊ
نگران: اويس ڀٽو
ليکڪ: سيد قادر بخش شاهه، الله بخش ٽالپر، سکيو خان چنا، رشيد احمد ميمڻ، عبدالرحمان شاهه، ولي رام ولڀ، سيد شير شاهه، فهميده چنا، محمد پريل بيدار مڱريو.
ايڊيٽر: سيد شير شاهه بخاري، ڊاڪٽر نور افروز خواجه، پروفيسر سراج چنا، اويس ڀٽو، محمد ادريس جتوئي.
صوبائي جائزه ڪاميٽي: ڊاڪٽر غلام علي الانا، شفيع محمد چانڊيو، محمد ادريس جتوئي، تحسين ڪوثر انصاري، دلشاد احمد ڏيٿو.
سنڌي علم و ادب ۾ ڊاڪٽر بلوچ جو ڪردار هڪ اداري جهڙو رهيو آهي. صاحب موصوف جهر جهنگ جهاڳي تحقيق جي بنياد تي ڪم ڪيو آهي. ڄاڻايل نعت ڪيئن ’مهدي شاهه‘ مان ’مصري شاهه‘ ٿيو، اهڙي تحقيق ٿيڻ گهرج. توڻي جو سڀني لاءِ پريشانيءَ واري ڳالهه آهي ته ڪنهن شاعر جو اسم ڪنهن ٻئي شاعر ڏانهن منسوب ٿي وڃي، ليڪن پوءِ به سوال اهو ٿو اڀري ته اهڙي ڪوتاهي، خاص ڪنهن جي کاتي ۾ آڻجي؟ نگران اعلى، اهڙي لاپرواهيءَ ۾ نه ٿو اچي، ڇوته هن جي نظر ان پوري ڪم جي انتظام ۽ ڪتاب جي اجراءَ تي رهندي آهي.موجوده نگرانبه ان حوالي سان آجو رهي ٿو، جو هي ڪم هن کان اڳ رچايل آهي. حقيقت ۾ نگران جو ڪم نهايت اهم آهي جو اهي سڀ سبق ان جي نگرانيءَ ۾ ئي لکيا ۽ چونڊيا ويندا آهن، ليڪن هي سبقَ اڳ جا چونڊيل آهن.ايڊيٽر جو ڪم به صرف پروف ريڊنگ، صورتخطي، ڪو اعتراض ڀريو لفظ يا ڪو خال پورو ڪرڻ هوندو آهي.صوبائي جائزه ڪاميٽيءَ جو به اهم ڪم، سبقن کي سکيا جي حاصلات سان ڀيٽڻ ۽ ان جي پورائي ڪرڻ لاءِ هدايتون ڏيڻ آهي. ته پوءِ اهڙي لاپرواهي، ظاهر آهي ته ليکڪن مان ڪنهن ته ڪئي هوندي!حال صورت ۾ نگران اعلى، نگران، ليکڪن، ايڊيٽرن ۽ صوبائي جائزه ڪاميٽيءَ جي مڙني ماڻهن کي محتاط رهڻو پوندو ته جيئن اهڙي قسم جي پراڻي پريڪٽس جو ورجاءُ نه ٿئي. هن تنقيد جو مقصد ڪنهن هڪ کي نشانو بڻائڻ ناهي، ليڪن هن عمل سان اهو ضرور ٿيندو ته اڳتي لاءِ هر پاسي جو ماهر محتاط رهندو.
آخر ۾ سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جي وس وارن لاءِ عرض آهي ته عوامي سطح تي، ڪي به رايا يا تنقيدون اچن ته ان کي يڪجا ڪري، صوبائي جائزه ڪاميٽيءَ آڏو آڻين ته جيئن اهڙن معاملن تي مباحثو ٿي سگهي ۽ بهتريءَ لاءِ امڪاني درستيون ٿي سگهن.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *