سنڌي ڊرامو ڌاڙيل ڪلچر جي گھيري ۾ آھي: صلاح الدين تنيو  

سنڌي ڊرامو ڌاڙيل ڪلچر جي گھيري ۾ آھي: صلاح الدين تنيو  

ڪراچي : سنڌ لٽريچر فيسٽيول ۾ لونگ ليجنڊز واري سيشن ۾ برک اداڪار صلاح الدين تنيو، غزل صديق ۽ اسد قريشي چيو ته ماضي ۾ سنڌي ڊرامن تي تمام گھڻي محنت ٿيندي ھئي ، هن وقت سنڌي ڊرامو ڌاڙيل ڪلچر جي گھيري ۾ آھي، اداڪار صلاح الدين تنيو انڪشاف ڪيو ته مون سينيئر پروڊيوسرن سيکاريو، اسان جا استاد ڀلا ھئا ، ھن چيو ته مولو جي ڪردار ۾ سندس پنھنجي تمام گھڻي محنت شامل آھي ، ھن چيو ته سنڌي اداڪار اڄ به ڪسمپرسيءَ جي زندگي گذارن پيا. اداڪاره غزل صديق چيو ته سنڌي ڊرامي ۾ ڌاڙيل کي ھرو ڀرو شامل ڪيو ويو آھي ، سنڌي سماج جون چڱايون به آھن ،ڊرامو سڄي دنيا ۾ ماڻھن ڏسن ٿا، اھي اسان کان پڇن ٿا ته ھي ڇا آھي؟ ھن چيو ته ماضي جو ڊرامو شاندار ڊرامو رھيو آھي ، سنڌي ۾ اڄ سٺن ڊرامن جي ضرورت آھي ،سٺي پروڊڪشن جي ضرورت آھي. اداڪار اسد قريشي چيو ته سندس ڪردار سدوري سندس اصلي نالو ئي تبديل ڪري ڇڏيو، ماڻھو  ھاڻي کيس سدورو ڪري سڏيندا آھن. ھن چيو مٿس چينلز وارن پابنديون لڳايون، کيس چيو ويو ته معافي وٺ پر  آئون ڪڏھن به معافي ڪونه وٺندس.