سنڌي ۾ لکپڙهه ڪريو، بورڊ ۽ نالن واريون تختيون سنڌي ۾ به لڳرايو

جُولاءِ 26, 2023

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌي ٻولي جي بااختيارا اداري پاران ”سنڌي ٻولي جاڳرتا مهم“ جي سلسلي هيٺ مڪاني حڪومتن جي ڪاروهنوار ۽ روزاني جي لکپڙهه ۾ سنڌي ٻولي جي استعمال کي يقيني بڻائڻ لاءِ ضلعي ۽ ڊويزنل عملدارن توڙي لاڳاپيل کاتن جي عملدارن ۽ چونڊيل نمائندن کي خط لکيا ويا آهن

ترجمان موجب اداري جي چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر اسحاق سميجي سنڌ جي مڙني ضلعن جي چيئرمينن، ميٽروپوليٽن ڪاپوريشنن جي ميئرز، ڊويزنل ڪمشنرز، ڊپٽي ڪمشنرز، ڊي آئي جيز ۽ ايس ايس پيز کي خط لکي صلاح ڏني آهي ته هو پنهنجي روزاني جي لکپڙهه سنڌي ٻولي ۾ ڪن جڏهن ته ادارن توڙي کاتن جي نالن وارا بورڊ اردو ۽ انگريزي سان گڏ سنڌي ۾ لکرايا وڃن

خط ۾ چيو ويو آهي ته آفيسن ۾ نالن ۽ عهدن واريون تختيون توڙي پيدائش، موت ۽ رهائشي سرٽيفيڪيٽن سميت سموريون سندون به سنڌي ۾ جاري ڪيون وڃن

ترجمان اهو به ڄاڻايو آهي ته سنڌي ٻولي جي بااختيار اداري جي چيئرمين ڊاڪٽر اسحاق سمجي مختلف يونيورسٽيز جي وائيس چانسلرز سان پڻ ملاقاتون ڪري کين يونيورسٽيز ۾ سنڌي ٻولي واري لکپڙهه کي يقيني بڻائڻ جي صلاح ڏني آهي

 ترجمان پڌرائي ۾ دعويٰ ڪئي ته بااختيار اداري جي رابطي کانپوءِ ميرپوخاص ڊويزن جي ڪمشنر جي هدايتن تي روينيو کاتي پاران مقامي سطح تي سنڌي ۾ لکپڙهه شروع ڪئي وئي آهي جنهن جون ڪاپيون پڻ سنڌي ٻولي جي اداري ڏانهن موڪليون پيون وڃن

 اهڙي ريت اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان کي سنڌ جي اي ٽي ايم مشينن ۾ سنڌي آپشن رکڻ، چيڪ بُڪ، بئنڪ اسٽيٽمينٽ، کاتن جا فارم انگريزي ۽ اردو سان گڏ سنڌي ۾ جاري ڪرڻ لاءِ گورنر اسٽيٽ بئنڪ کي پڻ خط لکيو ويو آهي

Leave A Comment