سنڌڙي تعلقي ۾ غيرقانوني پيٽرول، ڇاپا، 8 پمپ بند، هڪ سيل

سنڌڙي تعلقي ۾ غيرقانوني پيٽرول، ڇاپا، 8 پمپ بند، هڪ سيل

سنڌڙي(ن پ ا) سنڌڙي ۽ ڀرپاسي پيٽرول جي غير قانوني طور وڪرو ۽ غير قانوني طور کليل پيٽرول پمپ خلاف ڪارروائي  جي حڪمن کانپوءِ اسسٽنٽ ڪمشنر سنڌڙي فراز سعيد ۽ ڊي ايس پي سنڌڙي عامر ڀٽي جي  اڳواڻي ۾ ڪاروائي ڪندي سنڌڙي تعلقي ۾ 8 کان مٿي غير قانوني طور هلندڙ پيٽرول پمپ بند ڪري، پمپ سيل ڪري ڇڏيا آهن اسسٽنٽ ڪمشنر سنڌڙي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته  غير قانوني طور هلندڙ پيٽرول پمپ خلاف ڪاروائي جو حڪم مليو، انهن غير قانوني طور هلندڙ ايجنسين توڙي پمپن خلاف ڪارروائي ڪندي ڪيترائي غيرقانوني طور هلندڙ پمپ  ۽ يونٽ سيل ڪيا آهن ۽ وڌيڪ ڪاروائي جاري آهي